آءٌ تنهنجا هٿ چمڻ ٿي چاهيان

'سنڌي شاعري' فورم ۾ عرس پريو طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2011۔

  1. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    اداس ڍنڍون
    ٿڌن ستارن کي وهنجارين ٿيون
    آءٌ خود پنهنجي بيقينيءَ کان
    تنگ ٿي پئي آهيان
    هلڪن ڌڪن سان شڪ نرم پوي ٿو
    ۽ تنهنجو مون لاءِ شڪ ڏسي
    خود منهنجو پاڻ تان اعتبار کڄي ٿو
    ***
    ڊپ جي سنهڙي بليڊ سان وڍيل اکيون
    ڏرا ڏنل آخري حد تائين ڊنل اکيون
    رات جي اڌ ڪلاڪ جي پسار مهل
    ڏڪندڙ، مدد لاءِ اعلاز ڪندڙ
    منهنجي سامهون هيون،
    ***
    ۽ تون آهين
    منهنجي ڪٺ پتلين جي ٿيٽر جو جادوگر
    ۽ آءٌ سنهڙي رسي تي هلندڙ
    آخري امتحان تائين
    ۽ هلندي رهنديس خاموشيءَ ساڻ
    جيسين تنهنجون اکيون منهنجي ڪرڻ جو اعلان ڪن
    ***
    اي زندگي کي توازن ڏيڻ وارا
    آءٌ رڙ ڪرڻ ٿي چاهيان
    ’ڪري پئو، ڪري پئو!‘
    ۽ راهه جا سڀ پٿر رت سان ڀرڻ ٿي چاهيان
    ***
    تنهنجي نگهبان اکين اڳيان
    منهنجي رڳن جا ڌاڳا جهليندڙ!
    پنهنجن سگهارن هٿن سان
    مون کي پيڙا ڏيندڙ جادوگر!
    آءٌ تنهنجا هٿ چمڻ ٿي چاهيان.


    ماگڊا پورٽل/ ڊاڪٽر فهميده حسين
     
  2. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: آءٌ تنهنجا هٿ چمڻ ٿي چاهيان

    ادا عرس شاعري ته لاجواب آهي پر يقين ڪريو ته سڄي شاعري پڙهي پر سمجهه ۾ ڪجهه به نه آيو

    شايد سائين ابڙو صاحب يا وري نثار ناز صاحب ان شاعري تي ڪو تفصيلي ذڪر ڪن پر پاڻ کان ڳالهه چڙيل آهي

    ها سمجهه آيا ته صرف هي لفظ آءٌ تنهنجا هٿ چمڻ ٿي چاهيان.



    لاجواب ونڊ آهي ادا

    جاري رکجو


    سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو