جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻو

'سنڌ سلامت اسٽوڊيو' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏16 مئي 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آجياڻي تي هي مسڪين دل جي گهرائن سان مبارڪ باد پيش ڪري ٿو ۔ ادي طاهر سان ڪوٽڙي ۾ ملاقات دوران هن پروگرام جي ڪارگذاري ۽ ادي غلام مصطفى صاحب جن جي تحرير مان هن پروگرام جي تفصالات سان مون کي هڪ يقينن ڏاڍي خوشي ٿي ۽ دل ۾ افسوس پيدا ٿيو ته آئون به ڇو نه هن پروگرام ۾ شرڪت ڪيم ۔
    نيز ادي طاهر سان گفتگو دوران سائين الطاف شيخ بابت معلومات تي هن سنڌ سپوت تي ڏاڍو ناز آيو ته الحمدلله اسان جي سنڌ اهڙن بهترين شخصيتن سان مالامال آهي ، دعا آهي ته الله تعالى سائين الطاف شيخ کي پنهنجي عافيت ۾ رکي ،
    آخر ۾ ادا عبدالرشيد ۽ سڄي سنگت کي به جس هجي جو اهڙي پروگرام کي ڪامياب بڻايو ۽ ادا سليمان اوهان جي محنت به ساراه جوڳي آهي مٿان مضمون به لاجواب !!!!
     
  2. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    ڪجهه وڌيڪ پروگرام جون اکين ڏٺيون تفصيلات۔۔۔
    سائين الطاف شيخ صاحب جن پنهنجي سفرنام لکڻ جو ڪارڻ ٻڌائيند فرمايو ته چٽاگنگ ۾ ٽرينگ کان پوء جڏهن سامونڊي جهاز تي پنهنجي نوڪري جي شروعات ڪيائين ته۔جهاز تي ان وقت ٻن شين جو تمام گهڻو راڄ هو هڪ شراب(بيئر) پيڻ ۽ ٻيو جواء کيڏڻ۔هر جهازي کي چار ڪلاڪ صبح ۽ چار ڪلاڪ شام جو ڊيوٽي ڏيڻي هوندي هئي۔ان کان پوء فالتو وقت ۾ شراب يا جوء سان لطف اندازو ٿيندا هئا۔بيئر جي ڪارٽون جي قيمت ڪوڪو ڪول ۽ پيپسي جي ڪا رٽون کان گهٽ هئي ۽ جهازين کي ڪمپني ريٽ تي اهئي شيون ملنديون هيون۔انهي ڪري انهن بيورج جي بدران جهازي بيئر خريد ڪر ڻ کي وڌيڪ ترجيح ڏيندا هئا۔سائين الطاف شيخ صاحب سان ڪجهه آفيسر اهڙا هئا انهن جو مذهب جي طرف گهڻو لاڙو هئو۔انهن شيخ صاحب کان وعده ورتو ته هو شراب ۽ جواء کان پري رهندا۔شروع شروع ۾ ته شيخ صاحب ديوٽي ڪرڻ کانپوء پنهنجي ساٿين سان گڏ ويهي انهن کي جواء کيڏند ڏسند هئا۔جيئن ته پاڻ نه کيڏندا هئا،بقول هنن جي ،هنن جا ساٿي هنن کان ڇوٽي وارو ڪم وٺندا هئا۔ڪيڏي مهل چوندا هئن ته ڪينٽين واري کي چانهه چئي اچو۔ماني چئي اچو۔ڪاڪ پٽ يا پائليٽ روم ۾ وڃي ڏسي اچو ته جهاز ڪٿان لنگهي رهيئو آهي۔انهن ڳالهن جي ڪري شيخ صاحب مناسب سمجهي ته فالتو ٽائيم پنهنجي ڪمري ۾ گذارن۔هڪ ٻه ڏينهن ته خاموشي ۾ گذاريون پر پوء بوريت محسوس ڪرڻ لڳا۔تڏهن انهن جي ذهن ۾ سفرنام لکڻ جو خيال پيدا ٿيو۔ان ڳاله کي عمل جامي پهرائڻ جي لاء هنن پنهنجي جهازي ساٿين کان مخصوص علائقن جن مان ان وقت جهاز گذري رهيو متعلق تفصيلات معلوم ڪرڻ لڳا۔ڪجه صحيصحي تفصيلات ملين ڪجه ڪوڙيون۔پو جڏهن ڪنهن ٻيٽ تي پهچندا هئا ته جيڪڏهن جهاز تان سيڪيورٽي جي وجهه سان لهڻ جي اجازت نه هوندي هئن ته لوڪل ايجنٽ جيڪي جهاز جي ڪليئرنس لاء جهاز تي ايندا هئا ته انهن کان ان علائقه جي تهذيب ،تمدن،ماڻهن جون رهڻيون سهڻيون،زبان،قوم ۽ ٻين معملات جي باري ۾ آگاهي حاصل ڪندا هئا ۽ فالتو وقت ۾ انهن کي سفرنام جي صورت ۾ لکنداهئا۔۽ جن ٻيٽن تي هنن کي لهڻ جي اجازت ملندي هئي ته پاڻ وڃي مٿيئن ڳالهن جو مشاهدو ڪندا هئا ۽ اتان جي ريتن ۽ رسمن کان واقفيت حاصل ڪندا هئا ۽ پو جهاز تي اچي فارغ ٽائيم تي ان کي پنن تي چٽيندا هئا۔بعد ۾ جهاز تان ڪنهن ميسنجر يا واپس ڪراچي اچي ان کي پبلشر جي حوالي ڪندا هئا۔ايئن هنن سفرنام لکڻ جي شروعات ڪئي۔


    هميشه ايئن ٿيندو آهي ته پروگرام جا منتظمين مهمان خصوصي کي تحفه ڏيندا آهن ۔پر هن پروگرام ۾ سائين الطاف شيخ صاُحب جن محفل جو مور هوندي به پاڻ سان گڏ لونگن جا تحفه کڻي آيا ،جيڪي هنن مسٽر تاج محمد وساڻ ۽ هڪ ٻيو مهربان جيڪو شايد سنڌ ساگا جو جنرل سيڪريٽري هئا کي پاريون۔الطاف شيخ صاحب جي هر ڳاله ۾ اسان کي نواڻ ۽ محبت جو انداز محسوس ٿيو جيڪو سڀني حاضرين محفل لاء عام ۽ اسان لاء خاص مثل رهنمائي ثابت ٿيون۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    سائين غلام مصطفي ميمڻ صاحب

    سائين جي سفر نامه جي ڪهڙي ڳالهه ڪجي پر توهان جو سائين جون اهڙيون ڳالهين لکڻ مان صاف ظاهر آهي ته توهان سائين سان ڪافي
    ڪچهري ڪئي آهي

    الله پاڪ سائين کي توهان کي شل آباد رکي

    آمين

    سدائين گڏ
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    ڪتابن کي ڏسندي ڏسندي حيران ٿيندو رهيم ته هي سمورا ڪتاب جيڪڏهن پڙهڻ شروع ڪجن ته ڪيترن ڏينهن ۾ ختم ٿيندا۔۔۔ ادا سليمان سان ڪتابن تي تبصرو ڪندي کائنس محترم الطاف شيخ جن جو لکيل آخري ڪتاب پڇيم۔۔۔ سندس جوابي اشاري کي ان ڪري نظر انداز ڪرڻو پيو جو محترم الطاف شيخ جو ڪتاب ” اڇن جي ملڪ ۾ اسين ڪارا“ تي نظر پئي جيڪو سندن پهريون ڪتاب هيو جنهن کي مون پڙهيو هيو۔۔۔

    آ شايد وڌيڪ انهماڪ ۾ ورتل ئي رهان ها پر ادا سليمان روشن تارا پنڊال طرف اشارو ڪيو ۽ سندس اشاري ته سامهون ڏٺم ته هڪ وڏو بينر لڳل هو جنهن ۾ معزز مهمان کي سگا ۽ سنڌ سلامت طرفان خوش آمديد چوندي ساڻس رهاڻ ملهائڻ جو اعلان ڪيل هيو۔۔۔ تصوير تي پري کان ئي سنڌ سلامت جو نالو ۽ لوگو نظر ٿي آيو۔۔۔
    ٿوري وقت ۾ ادا سليمان طرفان ايتري ۽ خوبصورت محنت تي کيس تعريفي نظرن سان ڏٺم ۔۔۔ سنس چهري تي اطمينان، اعتماد ۽ خوشي جي دمڪ وڌي وئي ۔۔۔ يقينن منهنجي تعريفي نظرن سندس چهري تان ٿڪاوٽ به ختم ڪرڻ جو ڪردار ادا ڪيو هوندو۔۔
    ”ادا رڳو اهو ٿورئي۔۔۔ هيڏانهن ته ڏسونه۔۔۔۔ بابا ادا سليمان سگا وارن کي شايد پروگرام مان پوئتي رکڻ ٿو چاهي۔۔۔ ايندڙ ماڻهن کي خبر ئي نه پوندي ته پروگرام ڪرائڻ ۾ رڳو سنڌ سلامت نه پر سگا جون به ڪوششون آهن۔۔۔“ ادا مرتضى وساڻ جي ان جملي ۾ جتي سليمان وساڻ جي ڪم سان همدردي هئي اتي سندس محنت تي فخريه انداز به هيو ساڻس رهنمائي ۾ جڏهن آئون اڳتي وڌيس ته واقعي مون کي پنڊال جي ٽنهي طرفن کان سنڌ سلامت جا بينرس آويزان نظر آيا جن ۾ ڪاٿي پروگرام جي سونهن کي ته ڪاٿي معزز مهمان کي ڀليڪار لکيل هيو۔۔۔ هر بينر تي سنڌ سلامت جي پيغام کي پڻ واضح ڪيو ويو هو ته جيئن ايندڙ مهمان هڪ دفعو بينر کي ڏسڻ کان پوءِ پنهنجي ڪمپيوٽر تي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام لکڻ بلڪل به نه وسارين۔۔۔ واقعي به سنڌ سلامت کي پکيڙڻ ۾ سندس جاکوڙ کي سلام ڪرڻ تي دل ٿي گهريو۔۔۔
    سج شايد پنهنجي آخري پساهن ۾ هيو جڏهن ادا مرتضى وساڻ جي زور ڀرڻ تي اڳين ڪرسين طرف ويهندي سج جي روشني کان بچڻ جي ڪوشش ڪئي۔۔۔ پر ڪجهه ئي منٽن ۾ لهندڙ سج روشن تارا اسڪول جي ديورا پويان لڪي ويو۔۔
    مون سوچيو ٿئي ته پروگرام شروع ڪرڻ ۾ اڃان دير لڳندي پر ڪمپيئر کي ڊائيس تي ايندي ڏسي ۽ پنڊال کي ڀرجندو ڏسي سوچ تبديل ڪرڻي پئي۔۔۔ پروگرام جي شروعات تلاوتِ قرآن پاڪ سان ٿي ۽ بعد ۾ شاهه صاحب وائي پيش ڪرڻ لاءِ محترم غلام سرور ڀٽو کي گهرايو ويو جنهن پنهنجي دلربا ۽ انتهائي موهيندڙ انداز سان ”مون ۾ تون موجود۔۔۔“ ڳائي ماحول ۾ سرور آڻي ڇڏيو۔۔۔

    تقريب جي هن شروعاتي لمحن کي ادا سليمان وساڻ طرفان موڪليل وڊيوز ذريعي توهان اڳيان آڻجي ٿو ۔۔ اميد ته توهان به ساڳي ڪيفيت مان گذرندو۔۔۔

     
  5. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    خوف خدا ، اسقامت ، برن ماڻهن جي وچ ۾ رهندي پاڻ کي بچائڻ يقينن اهڙا قدم آهن جنهنجي بدولت الله تعالى سائين جناب الطاف شيخ صاحب جن جي دل ۾ سفر نامي لکڻ جو خيال وڌو ، ۽ سائين جن کي به مصروف رهڻ جو بهانو ملي پيو ، جنهن جي بدولت سائين جن جا سفر نامه اسان تائين پهتا ۔
    قرآن مجيد ۾ به آيل آهي ته ؛
    [FONT="Al_Mushaf"]وَمَن يَتَّقِ ٱللَّهَ يَجْعَل لَّهُۥ مَخْرَجًۭا ۔
    وَيَرْزُقْهُ مِنْ حَيْثُ لَا يَحْتَسِبُ ۚ وَمَن يَتَوَكَّلْ عَلَى ٱللَّهِ فَهُوَ حَسْبُهُۥٓ ۚ إِنَّ ٱللَّهَ بَلِغُ أَمْرِهِۦ ۚ قَدْ جَعَلَ ٱللَّهُ لِكُلِّ شَىْءٍۢ قَدْرًۭ[/FONT]ا


    ترجمو ۔ ۽ جيڪو الله کان ڊڄندو تنھن جي نڪرڻ جي (الله) ڪا واھ ڪندو.
    . ۽ کيس اُتاھون روزي ڏيندو جتان گمان ئي نه ھوندس، ۽ جيڪو الله تي ڀروسو ڪندو تنھن کي الله ڪافي آھي، بيشڪ الله پنھنجي ڪم کي پورو ڪندڙ آھي، بيشڪ الله سڀڪنھن شيءِ جو اندازو ڪيو آھي. (امروٽي ر ح )


    سائين محترم غلام مصطفى صاحب اوهان جي جون تحريرن جي بابت ڇا لکيون، ماشاءالله! اوهان جي لکڻين مان ڪا نه ڪا حڪمت لڪل هوندي آهي ، الله تعالى اوهان کي پنهنجي امان ۾ رکي ۽ اوهان جو ساٿ پڻ آسان سان هلندو رهي ، مهرباني
     
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    دوستن جي راء جو خيال رکندي ڪجهه وڌيڪ فوٽو ونڊ ڪجن ٿا:

    [​IMG]

    واحد بخش ڀٽو ۽ الطاف شيخ

    [​IMG]

    الطاف شيخ سيوا جي دوستن سان گڏ

    [​IMG]

    تاج محمد وساڻ ۽ الطاف شيخ

    [​IMG]

    غلام مرتضى وساڻ، محمد سليمان وساڻ، الطاف شيخ ۽ نواز سانگي

    [​IMG]

    اسحاق انصاري، الطاف شيخ ۽ محمد سليمان وساڻ

    [​IMG]

    الطاف شيخ تاج محمد وساڻ کي لونگي پيش ڪندي

    [​IMG]

    [​IMG]

    ولي محمد روشن، الطاف شيخ ۽ سحر امداد

    [​IMG]

    تاج محمد وساڻ، الطاف شيخ، رشيد سمون ۽ عرس پريو

    [​IMG]
     
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    دوستن جي مهرباني

    گهنن دوستن ته ذاتي طور ميسيج يا ڪال ڪري پروگرام جي ساراهه ڪئي ۽ گهڻڻ وري فيسبوڪ تي يا اي ميل ذريعي ميسيج ڪري پروگرام کي ساراهيو۔ محترم زاهد ميراڻي به پنهنجي ويب سائيٽ سنڌي ڪتاب ڊاٽ نيٽ تي پروگرام جي رپورٽ پيش ڪئي آهي۔ هتي ڪلڪ ڪري اوهان اها رپورٽ پڙهي سگهو ٿا۔

    [​IMG]


    الطاف شيخ سان رهاڻ ملهائي وئي، سندس خدمتن جي اعتراف ۾ خراج تحسين پيش ڪيو ويو

    [JUSTIFY]سنڌ جي نامياري ليکڪ ۽ سفرنامه ليکڪ الطاف شيخ سان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئيشن ۽ سنڌ سلامت . ڪام طرفان شام ملهائي ويئي، ان موقعي تي ڪيترن ئي اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي، جڏهن ته ڪيترن ئي س،اجي اڳواڻن پڻ شرڪت ڪئي، الطاف شيخ جي آجياڻي لاءِ روشن تارا اسڪول جي شاگردياڻين ۽ شاگردن گڏجي ڪري ويلڪم گيت پيش ڪيو، سنڌ گريجوئيٽ ايسوسيئشن جي اڳواڻ ولي محمد روشن خطاب ڪندي چيو ته الطاف شيخ اسان جي نيئن نسل کي سفرنامه لکي دنيا سان روشناس ڪريو آهي، سندس جو مان مرتبو تمام گهڻو اوچو آهي، نامياري ليکڪا ۽ شاعره سحر شاه خطاب ڪندي چيو ته اڄ مون کي خوشي ٿي آهي جو سچل ڳوٺ ۾ منعقد ڪيل هن پروگرام ۾ نياڻين ۽ ادين جو انگ تمام گهڻو آهي، هن چيو ته مونهنجي الطاف شيخ سان ملاقات تمام گهڻي اڳوڻي آهي، جڏهن آءَ يونيورسٽيءَ ۾ پڙهندي هيس، آءَ تڏهن کان ئي سندس جا ڪتاب پڙهندي هيس، الطاف شيخ جي سفر نامن اسان کي پڙهڻ جو اتساءُ ڏنو، ان موقعي ته ڳالهائيندي الطاف شيخ چيو ته دنيا تمام گهڻو ترقي ڪري ويئي آهي، اسان کي به گهرجي ته اسان به ترقيءَ جي انهيءَ ڊوڙ ۾ شريڪ ٿي وڃون، هن ان موقعي تي خاص ڪري ويٺل عورتن کي مخاطب ٿيندي چيو ته هو پنهنجن ٻارن جي تعليم ۽ تربيت تي ڌيان ڏين ۽ کين وڌ ۾ وڌ انگريزي سيکارڻ تي توجهه ڏين، هن چيو ته مليشيا جي ترقي انهن جي تعليم ۽ صنعتي ترقيءَ ۾ سمايل آهي، اتي هر ڳوٺ ۾ صنعتي ادار ۽ تعليم لاءِ درسگاهون آهن، مليشيا جي حڪومت قانون پاس ڪيو ته جيڪو ماڻهو پنهنجي ٻار کي نه پڙهائيندو ان جي پيءَ کي جيل ۾ وڌو ويندو ۽ پوءِ انهن ڪيترن ئي ماڻهن کي جيل ۾ وڌو، هتي به اسان کي تعليم عام ڪرڻ جي لاءِ اهڙي ئي سختي ڪرڻي پوندي، هن سچل ڳوٺ واسين کي مبارڪون ڏنيو ته هو هڪ بهترين ڳوٺ ۾ رهن ٿا جتي تعليم جهڙي سهولت پڻ ميسر آهي ۽ ڪيترائي اسڪول قائم آهن.[/JUSTIFY]
     
  8. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    دوستن کان معزرت جو پروگرام جون تصويرون ته ادا سليمان طرفان ونڊ ڪرڻ جي ذميداري هئي جڏهن ته وڊيوز کي لڳائڻ جي ذميداري منهنجي مٿان رکيل هئي۔۔۔ پر پنهنجي لڳاتار مصروفيتن ڪري اهي وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ کان رهنديون ٿي ويون۔۔۔
    تازو موڪلن جي دوران پنهنجي دوست محترم جميل عباسي جن کي گذارش ڪيم ته وڊيوز کي ايڊٽ ڪري سنڌ سلامت لاءِ يوٽيوب تي اپلوڊ ڪن ۔۔۔ سندن مهرباني جو مان ڏيندي اهي وڊيوز اپلوڊ ڪرڻ ۾ رڌل آهن۔۔۔
    دوستن کي ٻڌائيندو هلجي ته پرورگرام روشن تارا اسڪول ۾ رکيو ويو هو۔۔۔ اسڪول طرفان محترم ۽ معزز مهمان کي ڀليڪار ڪرڻ جو انداز هن وڊيو مان خوب جهلڪي ٿو۔۔۔

    جنهن کان پوءِ محترم الطاف شيخ کي سندن محنتن جي موٽ ڪجهه يادگار شيلڊس پڻ پيش ڪيو ويون۔۔۔ سنڌ سلامت کي پڻ اهو اعزاز رهيو ته کين شيلڊ پيش ڪئي وئي جنهن جو ويجهو نظارو توهان مٿئين تصويرن ۾ ڏسي چڪا آهيو۔۔۔ شيلڊ پيش ڪرڻ دوران ڪمپيئر صاحب جي مهرباني جي سنڌ سلامت بابت پڻ لفظ ٻڌائيندا رهيا۔۔۔ جنهن کان پوءِ محترم مهمان جو تعارف پيش ڪيو ويو۔۔۔ وڊيو جي صورت ۾ توهان کي اهو نظارو ڪيئن لڳو؟۔۔۔
    توهان جي راين جو انتظار رهندو۔۔۔


     
  9. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    محترم الطاف شيخ جو تعارف ۽ سندس جو سنڌي ادب ۾ ڪيل ڪم ايترو آهي جو ان کي مختصر طور پيش ڪرڻ ڪافي مشڪل آهي پر ان باوجود سندس تعارف کي مختصر ڪندي سنڌي ادب ۾ سندس واڌارو ڪيل مڙني ڪتابن کي پڻ هن وڊيو ۾ واضح ڪيو ويو آهي۔۔۔
    جنهن کان پوءِ مهمانِ خصوصي پنهنجي طرفان مختلف تحفه نه صرف ٻارن ۾ ورهايا پر پنڊال ۽ اسٽيج تي ويٺل ڪجهه شخصيتن کي پڻ پيش ڪيا ۔۔ جيڪا ڳالهه سندس وڏي پن ۽ سنڌين سان محبت جو ثبوت آهي۔۔۔

    هڪ ڳالهه جنهن مون کي ڪافي حيران ڪيو سا هئي ته محترم الطاف شيخ هر ماڻهون سان ملندي تمام گهڻو خوشي جو اظهار ٿي ڪيو ۽ بار بار پنهنجي ڪيمرا مين جيڪو سندس ڊرائيور پڻ هيو ڏانهن اشارو ڪندي تصوير ڪڍڻ لاءِ ٿي چيو۔۔۔ ايسيتائين جو روشن تار اسڪول جي سڀني ٻارن کان سواءِ پنڊال ۾ نظر ايندڙ خوبصورت ٻارن کي وري وري گهرائي ساڻن تصوير ٿي ڪڍائي۔۔۔
    مان اڃان انهي شش و پنج ۾ هيم ته سائين الطاف جي ان تصوير ڪڍڻ واري خواهش جو خاص سبب آهي يا عادت آهي ته انهن پاڻ ئي ان ڳالهه جو حيران ڪندڙ جواب ڏنو۔۔۔ انهن فرمايو ته ۔۔ ”ڪجهه وقت اڳ هو سنڌ يونيورسٽي ۾ ليڪچر ڏيڻ کان پوءِ سمورن شاگردن سان تصوير ڪڍائي جڏهن ٻاهرين ملڪن جي ساٿين کي ٿي ڏيکاري ته انهن ساٿين تصوير ڏانهن اشارو ڪندي کين هڪ خاص نقطي کي نوٽ ڪندي چيو ٿي ته تصوير ۾ سمورن سنڌي شاگردن يا شاگردياڻين جي چهري تي خوشي جي رونق نه ٿي نظر آئي سندن چهرا ڪجهه اداس ۽ سپاٽ ٿي نظر آيا۔۔۔ پر اڄ جڏهن هو سچل ڳوٺ ۾ آيا آهن ته کين سنڌي ٻارن ۽ ساٿين جا چهرا ڪجهه مختلف، سينگاريل ۽ خوش نظر اچڻ لڳا آهن جن کي پاڻ سان گڏ تصويرن ۾ محفوظ ڪري انهن دوستن کي ٻيهر ڏيکاريندو ته جيئن انهن جي ذهنن ۾ اسان سنڌين لاءِ ڪو خاص تصور نه رهي۔۔۔“

     
  10. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    محترم الطاف شيخ جن سان گهاريل گهڙيون نه وسرندڙ آهن۔۔۔ سندن لفظن ۾ سچائي ۽ ٻڌايل واقعن ۾ ايتري مٺاس هئي جو ان جي چس اڃان موجود آهي۔۔ ساڳئي احساسن کي توهان تائين پهچائڻ لاءِ محترم الطاف شيخ جي تقرير جا باقي وڊيوز پڻ توهان ونڊ ڪجن ٿا۔۔ پر ان کان اڳ هڪ دفعو ٻيهر آ مهرباني ادا ڪندس پنهنجي مٺڙي دوست جميل احمد عباسي جن جي جنهن نهايت محنت سان ايڊيٽنگ ڪندي سموريون وڊيوز يوٽيوب تي اپلوڊ ڪيون۔۔۔









     
  11. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: جڳ مشهور سفرنامه نگار محترم الطاف شيخ جي مان ۾ سنڌ سلامت ۽ سگا سچل ڳوٺ پاران آ

    آخر ۾ پنڊال ۾ ويٺل ۽ پري پري کان ڪهي آيل ميڙاڪي منجهان کائنس سوال پڇيا ويا۔۔۔
    هتي ان وقت صورتحال ڪافي مزيدار ٿي وئي جنهن وقت ڪجهه ماڻهن کي مائيڪ هٿ ۾ ملڻ کان پوءِ جهڙوڪ سوال بجاءِ پنهنجي طرفان تقرير جو موقعو ملي ويو هجي ۽ هُو سوال بجاءِ پنهنجا ڪارناما ٻڌائڻ شروع ٿي ويا۔۔ ڪجهه ماڻهن ته کائنس مذهبي ۽ قومپرستي متعلق سوال پڇيا ۽ کين حڪومت خلاف ۽ سنڌ جي حقن لاءِ آواز اٿارڻ تي اڪسائڻ گهريو۔۔۔ ايتري تائين هڪ دوست شايد هن تقريب کي به ڪنهن سياستدان يا منسٽر جي تقريب ٿي سمجهي ۽ کائنس سچل ڳوٺ ۽ اتي رهندڙ سنڌين جي مسئلن جي حل ڪرڻ لاءِ ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڀريو۔۔۔ البته ڪجهه سوال بهتر به آيا۔۔۔ آ به ساڻن کان هڪ سوال پڇڻ گهريو ٿي پر موقعو نه ملي سگهيو اها ٻي ڳالهه آهي ته ان سوال جو جواب سائين الطاف شيخ جي نمائنده طور ادا سليمان وساڻ ڏئي ڇڏيو۔۔۔
    هن سڀني ايندڙ سوالن کي معزز مهمان صبر سان ٻڌو ۽ انتهائي شفيق انداز ۾ جواب پڻ ڏنو۔۔








     

هن صفحي کي مشهور ڪريو