ماڻهن کي پنهنجو هم خيال بنائڻ وارا 12 اصول سنڌيڪار نثاراحمدناز پهريون اصول: توهان بحث ۽ تقرار سان کٽي نٿا سگهو ٻيون اصول: ٻي شخص جي نقطي نظر جو احترام ڪريو، ڪنهن کي ڀي اهو نه چئو ته هُو غلطيءَ تي آهي. ٽيون اصول: توهان کان ڪا غلطي ٿئي ته وڏي مان ۽ شان سان اها غلطي تسليم ڪريو. چوٿون اصول: گفتگو هميشهه دوستيءَ واري انداز ۾ ڪئي وڃي. پنجون اصول: ٻي شخص کان گفتگو جي آغاز سان ئي ”ها“ ڪرائي وڃي. ڇهون اصول: ٻي شخص کي زياده کان زياده ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي. ستون اصول: پنهنجو خيال ٻي شخص تي اهڙي طرح ظاهر ڪريو جو هُو محسوس ڪري ته اهو خيال خالص توهان جي پنهنجي ذهن جي پيداوار آهي. اٺون اصول: وڏي ايمانداريءَ سان شَيُن کي ڪنهن ٻي شخص جي نقطي نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريو. نائون اصول: ٻين جي خيالن ۽ خواهشن جي متعلق توهان جو رويو همدردي وارو هُجڻ کپي. ڏهون اصول: ماڻهن جي نيڪ جذبن کي متاثر ڪريو. يارهون اصول: پنهنجا خيال ڊرامائي انداز سان پيش ڪريو. ٻارهون اصول: ٻي شخص جي صلاحيتن کي للڪاريو. نوٽ مٿيان اصول: ڊيل ڪارنيگي جي اردو ۾ ترجمي ڪيل ڪتاب ”ميٺي بول ۾ جادو هي“ تان ورتا ويا آهن. ڊيل ڪارنيگي جي باري ۾ ٻُڌائيندو هلان ته اهو ليکڪ 24 نومبر 1888ع آمريڪا جي ميري ول منروري جي شهر يا علائقي ۾ پيدا ٿيو. ۽ پاڻ 1955ع ۾ وفات ڪري ويو. ڊيل ڪارنيگي جي ڪتابن ۾ زندگيءَ کي نت سنوارڻ ۽ سُڌارڻ وارا مٺا ٻول ، به اتم موجود آهن، بهرحال ڪتاب ميٺي بول ۾ جادو هي جيڪو مون 16 آگسٽ 2009ع تي خريد ڪيو هو 288 صُفحن جي هن ڪتاب کي مون اڄ 19 آگسٽ 2009ع تي شام جو ڇهين وڳي پڙهي پورو ڪيو، هن ڪتاب ۾ اهل علم ۽ اهل دانش وارن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. جنهن جي عمل ڪرڻ سان سندن ڪايا پلٽ ٿي سگهي ٿي.
ادا نثار ناز حق موجود ۽ ڀلي ڪري آيا ... ادا سائين انتهائي سهڻا نسخا آهن ... ڪوشش ڪبي ته عمل به ڪجي .... پر يار! اوهان ڏيو حال احوال ڪيئن ۽ ڪٿي آهيو؟ .... اصل يارن کي وساري ڇڏيو اٿوَ، رڻ جو راهي ڪري پاڻ وڃي ڪنهن وڻ جي ڇانوَ ته نه ورتي اٿوَ، ڀلي ڇانوَ ۾ هجو پر اسانکي به ڪڏهن ڪڏهن نظر کڻي نهار ڪندو ڪريو ... اميد ته اوهانجي ۽ اوهانجي خاندان جي طبيعت بهتر هوندي ... دعائن ۾ گڏ نثار ابڙو
پيارا ادا نثار ابڙا ڊيل ڪارنيگي جي سخنن کي پسند ڪرڻ جي مهرباني، باقي مون وڻ جي ڇانو ته نه پر ڀِتِ جي ڇانوَ جي پاڇولي واري جاءِ ضرور ڳولي آهي۔ جتان مان توهان دوستن کي دُعائون ڪريو خوش ۽ مست ٿيو ويٺو آهيان، توهان کي دوست ڀلا ڪير ٿو وساري سگهي۔ باقي مُنهنجي وڏي پُٽ جي شادي عيد کان پوءِ آهي ، ان جو گهر بنائي رهيا آهيون، صُبح کان وٺي شام تائين رازن مزدورن، واڍن سان مُنهن ڏيو ويٺا آهيون باقي ٿورو گهڻو وقت ملي ٿو ڪجهه مطالعي ۾ وقت گُذري ٿو۔ پوءِ به سنڌ سلامت جي ساٿين جي ڀرپور لکڻين کي پڙهندو ضرور آهيان۔ ۽ پنهنجي ڪمپيوٽر ڊائري ۾ پڻ محفوظ ڪندو آهيان۔ اميد ته هاڻ ڏينهن ٻن ۾ گهر بنائڻ واري مصروفيات مان جان ڇُٽي ويندي پوءِ سنڌ سلامت هوندو سڀيئي دوست هوندا انشاالله
ادا سائين، اسانجون دعائون اوهان سان، الله ڪندو ته گهر به ٺهي ويندو ۽ شادي به ٿي ويندي، ٻئي نيڪ ڪم آهن ۽ نيڪ ڪمن ۾ الله جي مدد ۽ نصرت هوندي آهي ... بس ڀت جي ڇانوَ ۾ ويهي پان ڪم جي نگهداشت ڪندا ته ٻيڙا پار ... عيد ته آءُ به ڪراچيءَ ۾ هوندم ۽ ڳالهه ٻولهه پئي ٿيندي ... اسانکي اوهانجي حاضريءَ جو شدت سان انتظار رهندو جڙيل هجين شال sindhsalamatsaathsal
سائين نثار احمد ناز صاحب، توهان جي شيئرنگ لازوال آهي۔ ڊيل ڪارنيگي جا ڪتاب پوري دنيا ۾ تمام گهڻين ٻولين ۾ ترجما ڪري ڇاپيا ويا آهن ۽ مڃتا حاصل ڪري چڪا آهن۔ همراه جو انساني نفسيات جو مطالعو ۽ مشاهدو ڪمال جو آهي، ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته سندس جون تخليقون مذهب، رنگ ۽ نسل کان بالاتر ۽ اخلاقيات جو اعلي مثال آهن۔ اسان جو مذهب به ته اسان کي اهو ئي سيکاري ٿو ته عزت ڏيو، عزت ڪريو، ڪنهن کي نه ڏکويو، دليون کٽڻ آسان ٿيو پوي۔ توهان جي شيئرنگ لاء مهرباني باقي سائين توهان نالي ڀائي پاڻ ۾ ويهي شادي جون ڳالهيون ڪريو ته پوء اسان جا ڪن به کڙا ٿيندا۔ اسان کي ته ڀَت سُجهي ويو آهي، واهه جو ڀت کائبو۔مان سمجهان ٿو سڄي سنگت تياري پڪڙي ويٺي هوندي۔ سنگت مڙئي هلڪو هٿ ڪو نه ٿي رکي، گهٻرائجو نه۔۔ اسان کي ديڳ ئي ديڳ پئي نظر اچي hatt-pare سڄي سنگت هم خيال آهي۔ هتي ته هم خيال بنائڻ جي اصولن جي ضرورت ئي ڪانهي hall chari
ادا سلطان پهريان ته ڀاءُ اوهان کي ٻيهر سنڌ سلامت تي ڏسي ڪري تمام گهڻي خوشي ٿي۔۔ اميد ته وري هن ساٿ کي اڃا به وڌيڪ سگهه ڏيندو۔۔۔۔۔ ادا اوهان جو جواب اصل لاجواب آهي۔۔ پر يار اها ڀَت واري ڳالهه asul matt ، سائين نثار صاحب دعوت ڏيئي يا نه پر اسان اها دعوت هلي ڪري به کائينداسين۔۔۔ اصل ڀَت کائبا، ٻوڙ کائبا، پلاوءُ کائبا، چاشنيون کائبيون۔۔۔ اصل ماهيئي گوشت جا ٻُوٽَ کائبا رکو مولا تي سائين ڪاڏي ويندو۔۔۔ shal judy hujeen
سائين، ڏهه ٻارنهن ديڳون ته ادا وهاب ۽ علي علي لاء رکجو۔ علي پاڻ اڪيلو ڀَت کائڻ وڃي ئي ڪو نه، سڄو ڳوٺ گڏ وٺي ويندو آهي ريل گاڏي ڪري۔ پوين ڏينهن ۾ ريل جي تصوير به موڪلي هئائين شايد اهي هن جا ڳوٺائي ڪٿي ڪنهن ڀَت جي سڏ تي پئي ويا علي علي سان گڏ۔
بلڪل ادا ٻروچ توهان صحيح پيا چئو انهن کي سڄاتو فقير ئي هو ڀت تي ويندي shabashshabashshabashshabash shal judy hujeen sindhsalamatsaathsal
ادا سُلطان يار معاف ڪجائين ڪجهه مصروفيتون اهڙيون ٿي پيون آهن جو انهن کان ڪنڌ ڪڍائيڻ مون لاءِ تقريبن ناممڪن ته نه پر مشڪل ضرور آهي سو وقت سر تُنهنجي بهترين رپلائي جو جواب نه ڏيئي سگهيس۔ ها اصل الله ۾ اميد اٿم ته مُنهنجي پُٽ جي شادي ۾ ڀت به هوندا ۽ ٻاڪرا، ماوا، چڪن وارا گوشت به هوندا سنڌ سلامت جي سموري سنگت کي قطئي ڪونه وساربو، في الحال توهان جي پرخلوص دعائن جي شديد ضرورت اٿم ته گهر بنائڻ واري ڪم مان جلد واندڪائي ملي۔ ڊيل ڪارنيگي جو اهو پهريون ڪتاب مُنهنجي نظر مان گذريو آهي ۔ ان ڪتاب ئي گهڻا نفسياتي، علمي ، ادبي ۽ فني نقطا سمجهائي ڇڏيا آهن۔ ان ڪري دوستن کي اها ئي وينتي اٿم ته دنيا سان مُنهن ڏيڻ لاءِ ڪتابن جو اخبارن جو، انٽر نيٽ تي موجود وسيع لائبررين جو هو مطالعو ضرور ڪن، ته کين خود بخود خبر پئجي ويندي ته دنيا ۾ اور ڀي غم هين محبت ڪي سوا مهرباني يادگيري ڪرڻ جي۔
واه واهه ادا مخدومي زاهد سومرا يار ديرون ڇو هينئر ئي هليو آ، اصل ٻوڙ پلاءُ ۽ چاشنين جا مڻ مٺا چلو رمضان آهي ته ڇا ٿيو افطاري ۾ سڀ ڪجهه دوستن جي سامهون حاضر هوندو محمد علي جي شادي ۾ اڃان مهينو ڏيڊ دير آهي باقي رک مولا تي سائين ڪاڏي ڀي ڪين ويندو، اصل نائٽ پاس وٺي آ، ته ڪريون ڪي ڪچهريون قرب واريون ۔ باقي ادا سُلطان جي برياني واريون ديڳيون ڏسي روزو پيو مڪروهه ٿئي ۔ مطلب لڳي ٿو ڀائو سُلطان به شايد مون وانگر برياني کائڻ جو شوقين آهي۔ سنڌ سلامت جي سنگت پُٽ جي شاديءَ ۾ اميد اٿم ته مين رول ادا ڪندي۔ الله سائين کان دُعا اٿم ته هر آس وندي جون آسون سدائين پوريون ٿين ۔ (آمين)
مٺا ٻروچ مهرباني جو توهان ايڊوانس ۾ ادا وهاب ۽ ڀائو علي علي جي ڀت کائڻ وارو ڪاٿو لڳائي مون مسڪين کي ايسٽيميٽ لڳائڻ ۾ مدد ڪئي۔ پر سائين ٻروچ يارن سان پيارن سان ۽ ڀائرن سان ڪهڙا ليکا سو ادا ٻروچ توهان جي دُعائن سان انشاالله اُڪري پار پونداسين۔ اصل ٻروچ تون ڀي تياري ڪري ڇڏ مُنهنجي پُٽ جي شادي ۾ شرڪت ڪرڻ جي، پهرين ئي توکي هوشيار ڪري ٿو ڇڏيان متان چئين ته نثار ناز ٻُڌايو ئي ڪين۔ خير شل جُڙيا هُجو پيارن سان۔
ڦلپوٽا فقير شيئرنگ پسند ڪرڻ جي مهرباني ، باقي علم حاصل ڪري ان تي عمل ڪرڻ ئي صحيح معنى ۾ مُڙسيءَ وارو ڪم هُوندو آهي. اسان جي دُعائن ۾ تون سدائين وسندو آهين وڌيڪ دعا اٿم ته رب سائين تُنهنجا ۽ تُنهنجي پيارن جا ٻيڙا سدائين پار ڪري (آمين)
ادا رشيد سمان (وڏي ايڊمن) ادا زاهد سومرو ڀت جي ڳالهه تي ڦڙڪي پيو ڇا ڪجي جوڳالهه ئي اهڙي آهي، اهو ته سندس اسان سان ڀرپور خوشي ونڊڻ جو اظهار آهي، باقي مٺا ڪير ڪيترا ڀت ، ڪيترا ٻوڙ ۽ ڪيترا پُلاءُ کائي ٿو سگهي، ۽ ان سان گڏو گڏ ڪنهن ۾ به اها طاقت ڪونهي جو ڪير ڪنهن کي کارائي سگهي۔ شال دوستن جا اهي پيار اهي محبتون ۽ اهي خلوص سموري سنڌ مٿان وسندا رهن ۔ پر وڏي ايڊمن توکان هڪڙي ڳالهه پُڇان ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڳالهه اها آهي ته برياني، هُجي اصل مست برياني هُجي پاڻ کان جلدي پُڇي ٻُڌائي ته تُنهنجي دل ڇا چوندي؟۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
واه سائين نثار واه توهان جي تحرير ۾ جادو انهن اصولن تي عمل ڪرڻ کان پهريان ئي سڀ ئي دوست هم خيال ٿي ويا فقيرن کان ويندئي وڏي ايڊمن تائين سڀني جو هڪ ئي خيال ۔۔۔۔۔۔۔۔۔hall charihall charihall charihall charihall charihall chari اسان به سوچيون پيا ۔
ادا عظيم اڃا سوچين پيو۔۔۔۔ يار شاباش اٿئي۔۔۔ انهي ۾ ته محبت آهي جو اسان سڀئي هم خيال آهيون۔۔۔ فقيرن کان وٺي وڏي ايڊمن تائين پر ادا مان به ائين سمجهندس ته انهي لسٽ ۾ ته تون به شامل آهين پر پاڻ کي الائي ڇو ٿو الڳ ڀانئين۔۔۔۔۔۔۔۔۔
محترم سائين اهي ٻوڙ پلاءُ بريانيون چاشنيون، اوهان جي نينگر جي شادي تي اچي کائبا۔۔۔ سائين نثار صاحب اوهان اسان کي صلاحيو ته اوهان هڪ رات واري اجازت وٺي ڪري اوهان وٽ روز افطار ڪجي۔۔۔۔ محترم سائين منهنجو به اهو خيال آهي پر انهي جي لاٌءِ ادا وڏي ايڊمن کي منٿون ڪرڻيون پونديون۔۔۔۔ من ڪو پرين پرچي پوي۔۔۔۔۔ ادا وڏو ايڊمن جي تيار ٿيو ته پوءِ بوڇڻ اسان جو به ڪُلهي تي آهي۔۔۔۔۔۔ ڏسڻ ۾ مُلان مان آهيان پر کائڻ ۾ ادو وڏو ايڊمن آهي۔۔۔۔hall chari سائين هاڻي پنهنجي ياروياري ته سائين حبيب شاهه لڪياري۔۔۔
پيارا عظيم ، عظيم معنا گريٽ تُنهنجون محبتون ونڊڻ جو پڻ نرالو انداز آهي بس دُعا ڪريو ته الله سائين اهي اڱڻ مُنهنجي ادل جا وسائي باقي عظيم تون سوچ يا نه سوچ اسان اڳ۾ کي سوچي ڇڏيو آهي ته مُنهنجي عليءَ جي شاديءَ ۾ آجيان ڪرڻ وارن ۾ تُنهنجو نالو سر فهرست هوندو انشاالله. بهرحال مهرباني جو مون مسڪين جي خوشين ۾ شريڪ ٿيڻ جو ايڊوانس ۾ سنديسو ڏنو.