نثارناز
سينيئر رڪن
ماڻهن کي پنهنجو هم خيال بنائڻ وارا 12 اصول
سنڌيڪار نثاراحمدنازپهريون اصول: توهان بحث ۽ تقرار سان کٽي نٿا سگهو
ٻيون اصول: ٻي شخص جي نقطي نظر جو احترام ڪريو، ڪنهن کي ڀي اهو نه چئو ته هُو غلطيءَ تي آهي.
ٽيون اصول: توهان کان ڪا غلطي ٿئي ته وڏي مان ۽ شان سان اها غلطي تسليم ڪريو.
چوٿون اصول: گفتگو هميشهه دوستيءَ واري انداز ۾ ڪئي وڃي.
پنجون اصول: ٻي شخص کان گفتگو جي آغاز سان ئي ”ها“ ڪرائي وڃي.
ڇهون اصول: ٻي شخص کي زياده کان زياده ڳالهه ڪرڻ جو موقعو ڏنو وڃي.
ستون اصول: پنهنجو خيال ٻي شخص تي اهڙي طرح ظاهر ڪريو جو هُو محسوس ڪري ته اهو خيال خالص توهان جي پنهنجي ذهن جي پيداوار آهي.
اٺون اصول: وڏي ايمانداريءَ سان شَيُن کي ڪنهن ٻي شخص جي نقطي نظر سان ڏسڻ جي ڪوشش ڪريو.
نائون اصول: ٻين جي خيالن ۽ خواهشن جي متعلق توهان جو رويو همدردي وارو هُجڻ کپي.
ڏهون اصول: ماڻهن جي نيڪ جذبن کي متاثر ڪريو.
يارهون اصول: پنهنجا خيال ڊرامائي انداز سان پيش ڪريو.
ٻارهون اصول: ٻي شخص جي صلاحيتن کي للڪاريو.
نوٽ مٿيان اصول: ڊيل ڪارنيگي جي اردو ۾ ترجمي ڪيل ڪتاب ”ميٺي بول ۾ جادو هي“ تان ورتا ويا آهن. ڊيل ڪارنيگي جي باري ۾ ٻُڌائيندو هلان ته اهو ليکڪ 24 نومبر 1888ع آمريڪا جي ميري ول منروري جي شهر يا علائقي ۾ پيدا ٿيو. ۽ پاڻ 1955ع ۾ وفات ڪري ويو. ڊيل ڪارنيگي جي ڪتابن ۾ زندگيءَ کي نت سنوارڻ ۽ سُڌارڻ وارا مٺا ٻول ، به اتم موجود آهن، بهرحال ڪتاب ميٺي بول ۾ جادو هي جيڪو مون 16 آگسٽ 2009ع تي خريد ڪيو هو 288 صُفحن جي هن ڪتاب کي مون اڄ 19 آگسٽ 2009ع تي شام جو ڇهين وڳي پڙهي پورو ڪيو، هن ڪتاب ۾ اهل علم ۽ اهل دانش وارن لاءِ سڀ ڪجهه آهي. جنهن جي عمل ڪرڻ سان سندن ڪايا پلٽ ٿي سگهي ٿي.