ڏاڏل شينو
سينيئر رڪن
هڪ سنگتيءَ مونکي هيئن چيو ٿو يار وڻي تو وارو(سيد جعفر شاھ جي شاعري )
هڪ سنگتيءَ مونکي هيئن چيو ٿو يار وڻي تو وارو
مون مُرڪي هي جواب ڏنو آ خيال سٺو تو وارو
تون هڪ ناهين ، محبوب مٿان جڳ عاشق آ سارو
سرڪار حُسن بلڪل لڳندو آ جن و بشر کي پيارو
هر جاءِ جلوو جانب جو ڪٿ ڀورو آ ڪٿ ڪارو
جعفر شاھ عجيب هڪ ئي آهي ، ڇا تو وارو مون وارو