ننڍڙي ٻار جي پريشاني

نثارابڙو

نائب منتظم
ننڍڙي ٻار جي پريشاني
=====================
اها ڳالهه سمجه ۾ نه آئي،
۽ امڙ ڪڏهن سمجهائي ناهي.

مٺو ڪيئن ڳالهايان،
مٺي شئي ته کاڌي ناهي،
اها ڳالهه سمجهه ۾ نه آئي
۽ امڙ ڪڏهن سمجهائي ناهي.

هي چنڊ ڪيئن ٿئي منهنجو مامو؟
جڏهن ته امڙ جو هو ڀاءُ ناهي،
اها ڳالهه سمجه ۾ نه آئي،
۽ امڙ ڪڏهن سمجهائي ناهي.

ڀالئو جا وار ڊگها ڇو آهن؟
ڇو سندس ٽوڙهه ڪرائي نه وئي؟
ڇا هو به خراب ٻار آهي؟
يا وري جهنگ ۾ ڪو حجم ناهي،
اها ڳالهه سمجه ۾ نه آئي،
۽ امڙ ڪڏهن سمجهائي ناهي.

نانيءَ جو مڙس نانا آهي،
ڏاڏيءَ جو مڙس ڏاڏا آهي،
پوءِ باجيءَ جو مڙس باجا ناهي،
اها ڳالهه سمجه ۾ نه آئي،
۽ امڙ ڪڏهن سمجهائي ناهي.
 
تمام بهترين سائين نثار ابڙا صاحب الله وڏي حياتي ڏئي مڙئي اهڙا قرب ڪندا رهندا ڪريو
تمام بهترين شيئرنگس آهن اوهان جو ن سائين
ساٿ سلامت
سدا هن فورم تان
 
Back
Top