• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

باک پوندي ڦٽي رات ڪاري منجھان۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات

Asad Ali Siyal

سينيئر رڪن
باک پوندي ڦُٽي رات ڪاري منجھان


باک پوندي ڦُٽي رات ڪاري منجھان
سچ جي سوڀ کي مان اکئين ٿو ڏسان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
ظُلمتن جا هتي ٿا هلن ڪاروان
خون خوشبوءَ سندو آ روان ۽ دوان
باهه ۾ ٿو جلي هر حسين آشيان
اوپرا ٿا لڳن هي زمين آسمان
هانءُ هارين متان ديس جا نوجوان
ڏاڍ ٿيندو ختم پڪ سان ٿو چوان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
ساحلي ريت تي بيت لکندو نه ڪر
خاڪ جي کوڙ تي پير رکندو نه ڪر
مچ ٿي يا وري دود دکندو نه ڪر
ڏات ڪنهنجي ڏسي دل ۾ ڏکندو نه ڪر
دانهن ڌرتي ڪري پوءِ لڪندو نه ڪر
ما ت کائين متان ڪنهن به ڪانئِر هٿان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
چنڊ جو نيٺ چمڪاٽ ٿيڻو اٿئي
۽ ٽياسن ۾ به ٽڙ ڪاٽ ٿيڻو اٿئي
رهزنن ۾ به ريهاٽ ٿيڻو اٿئي
سچ جو سرخرو ڳاٽ ٿيڻو اٿئي
ڪوڙ ڪيڏو وڏو ڪاٽ ٿيڻو اٿئي
آهي رهڻي سدا زندگي جاودان
تون نه گھٻرائجا ، تون نه گھٻرائجان
*****
راڳ ويراڳ ۾ جاڳ کي ياد ڪر
ڀل مڪي رهه پنهنجي ماڳ کي ياد ڪر
آڳ آهي ته پوءِ آڳ کي ياد ڪر
پنهنجي ڀينڊي ، بصر، ساڳ ،کي ياد ڪر
جو به دشمن ڏنو داغ کي ياد ڪر
ڊاهڻا ٿئي سڀئي نفرتن جا نشان
تون نه گھٻرائجا ، تون نه گھٻرائجان

سيال حيات
 
جواب: باک پوندي ڦٽي رات ڪاري منجھان۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات

راڳ ويراڳ ۾ جاڳ کي ياد ڪر
ڀل مڪي رهه پنهنجي ماڳ کي ياد ڪر

جي منهنجا سهڻا دوست، اوهانجو حڪم سر اکين تي ۔۔۔ ائين ئي ويٺا ڪريون، رهون ڪٿي به پر سنڌ سان ناتو جڙيل رکونٿا ،،، آهيون اغيار ۾ پر نظر سنڌ تي آهي ۔۔۔ اوهانجا سهڻا خيال ۽ حب الوطني سان ٽمٽار خيال ۔۔۔ دل خوش ڪري ڇڏي اوهان ۔۔۔ سلام

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: باک پوندي ڦٽي رات ڪاري منجھان۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات

ساحلي ريت تي بيت لکندو نه ڪر
خاڪ جي کوڙ تي پير رکندو نه ڪر
مچ ٿي يا وري دود دکندو نه ڪر
ڏات ڪنهنجي ڏسي دل ۾ ڏکندو نه ڪر
دانهن ڌرتي ڪري پوءِ لڪندو نه ڪر
ما ت کائين متان ڪنهن به ڪانئِر هٿان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان

ادا تمام سهڻي شاعري، پختي شاعري ۽ لاجواب احساسن سان ڀرپور شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

حوصلا افزائي ۽ سنڌ سان ناتي نڀائڻ جو اتساهه پيدا ڪندڙ شاعري، سنڌ جي سونهن کي سمجهڻ ۽ ان کي ياد ڪرڻ واري شاعي، ڪهڙو جملو اقتباس ڪجي۔۔۔ سڀ بهترين۔۔۔۔

اوهان جا قرب
 
جواب: باک پوندي ڦٽي رات ڪاري منجھان۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات

راڳ ويراڳ ۾ جاڳ کي ياد ڪر
ڀل مڪي رهه پنهنجي ماڳ کي ياد ڪر
آڳ آهي ته پوءِ آڳ کي ياد ڪر
پنهنجي ڀينڊي ، بصر، ساڳ ،کي ياد ڪر
جو به دشمن ڏنو داغ کي ياد ڪر
ڊاهڻا ٿئي سڀئي نفرتن جا نشان
تون نه گھٻرائجا ، تون نه گھٻرائجان
تمام پختي ۽ پڪي شاعري دل کي ڇهندڙ شاعري واه ادا سيال حيات
 
جواب: باک پوندي ڦٽي رات ڪاري منجھان۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات

ادا سيال تمام خوبصورت خيال دل وڻدڙ شاعري واهه
 
جواب: باک پوندي ڦٽي رات ڪاري منجھان۔۔۔۔۔۔۔۔۔سيال حيات

لک لائق سرڪار۔۔۔۔۔۔۔ مهرباني۔۔۔۔۔
 
Back
Top