Asad Ali Siyal
سينيئر رڪن
باک پوندي ڦُٽي رات ڪاري منجھان
باک پوندي ڦُٽي رات ڪاري منجھان
سچ جي سوڀ کي مان اکئين ٿو ڏسان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
ظُلمتن جا هتي ٿا هلن ڪاروان
خون خوشبوءَ سندو آ روان ۽ دوان
باهه ۾ ٿو جلي هر حسين آشيان
اوپرا ٿا لڳن هي زمين آسمان
هانءُ هارين متان ديس جا نوجوان
ڏاڍ ٿيندو ختم پڪ سان ٿو چوان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
ساحلي ريت تي بيت لکندو نه ڪر
خاڪ جي کوڙ تي پير رکندو نه ڪر
مچ ٿي يا وري دود دکندو نه ڪر
ڏات ڪنهنجي ڏسي دل ۾ ڏکندو نه ڪر
دانهن ڌرتي ڪري پوءِ لڪندو نه ڪر
ما ت کائين متان ڪنهن به ڪانئِر هٿان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
چنڊ جو نيٺ چمڪاٽ ٿيڻو اٿئي
۽ ٽياسن ۾ به ٽڙ ڪاٽ ٿيڻو اٿئي
رهزنن ۾ به ريهاٽ ٿيڻو اٿئي
سچ جو سرخرو ڳاٽ ٿيڻو اٿئي
ڪوڙ ڪيڏو وڏو ڪاٽ ٿيڻو اٿئي
آهي رهڻي سدا زندگي جاودان
تون نه گھٻرائجا ، تون نه گھٻرائجان
*****
راڳ ويراڳ ۾ جاڳ کي ياد ڪر
ڀل مڪي رهه پنهنجي ماڳ کي ياد ڪر
آڳ آهي ته پوءِ آڳ کي ياد ڪر
پنهنجي ڀينڊي ، بصر، ساڳ ،کي ياد ڪر
جو به دشمن ڏنو داغ کي ياد ڪر
ڊاهڻا ٿئي سڀئي نفرتن جا نشان
تون نه گھٻرائجا ، تون نه گھٻرائجان
سيال حيات
باک پوندي ڦُٽي رات ڪاري منجھان
سچ جي سوڀ کي مان اکئين ٿو ڏسان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
ظُلمتن جا هتي ٿا هلن ڪاروان
خون خوشبوءَ سندو آ روان ۽ دوان
باهه ۾ ٿو جلي هر حسين آشيان
اوپرا ٿا لڳن هي زمين آسمان
هانءُ هارين متان ديس جا نوجوان
ڏاڍ ٿيندو ختم پڪ سان ٿو چوان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
ساحلي ريت تي بيت لکندو نه ڪر
خاڪ جي کوڙ تي پير رکندو نه ڪر
مچ ٿي يا وري دود دکندو نه ڪر
ڏات ڪنهنجي ڏسي دل ۾ ڏکندو نه ڪر
دانهن ڌرتي ڪري پوءِ لڪندو نه ڪر
ما ت کائين متان ڪنهن به ڪانئِر هٿان
تون نه گھٻرائجان ، تون نه گھٻرائجان
*****
چنڊ جو نيٺ چمڪاٽ ٿيڻو اٿئي
۽ ٽياسن ۾ به ٽڙ ڪاٽ ٿيڻو اٿئي
رهزنن ۾ به ريهاٽ ٿيڻو اٿئي
سچ جو سرخرو ڳاٽ ٿيڻو اٿئي
ڪوڙ ڪيڏو وڏو ڪاٽ ٿيڻو اٿئي
آهي رهڻي سدا زندگي جاودان
تون نه گھٻرائجا ، تون نه گھٻرائجان
*****
راڳ ويراڳ ۾ جاڳ کي ياد ڪر
ڀل مڪي رهه پنهنجي ماڳ کي ياد ڪر
آڳ آهي ته پوءِ آڳ کي ياد ڪر
پنهنجي ڀينڊي ، بصر، ساڳ ،کي ياد ڪر
جو به دشمن ڏنو داغ کي ياد ڪر
ڊاهڻا ٿئي سڀئي نفرتن جا نشان
تون نه گھٻرائجا ، تون نه گھٻرائجان
سيال حيات