ڪجهه ڏينهن کان اڪثر اهي شڪايتون ٻڌڻ ۾ پيون اچن ته فيس بوڪ اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو آهي۔۔ ان سلسلي ۾ فيس بوڪ پنهنجي ڊيٽا بيس ۾ تبديلي ڪندي سيڪيورٽي ڪافي بهتر ڪئي آهي پر ان باوجود به اهي آواز گهٽيا نه آهن۔۔۔
جيئن ته فيس بوڪ هڪ سوشل نيٽ ورڪ آهي۔۔۔ ۽ توهان جو پروفائيل پنهنجي ڊيٽا سميت توهان جي دوستن ۾ ڪافي مشهوري آندي آهي اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو توهان جي فيس بوڪ پروفائيل جو پاسورڊ هٿ ڪري وڃي ۽ توهان جي پروفائيل سان ڪا کشٽ ڪري ته فيس بوڪ ذريعي توهان سان ڳنڍيل سمورن دوستن اڳيان توهان کي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو۔۔
ان ڪري توهان کي گهرجي ته پنهنجي ڪمپيوٽر کانسواءِ ڪنهن ٻئي هنڌان فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيڻ کان احتياط ڪريو۔۔۔
پر ڪنهن اهڙي صورتحال ۾جڏهن توهان پنهنجي ڪمپيوٽر کان پري هجو ۽ فيس بوڪ کي استعمال ڪرڻ به ضروري هجي ته ڪنهن دوست جو ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ کان اڳ يا انٽرنيٽ ڪيفي تي وڃڻ کان اڳ پنهنجي موبائيل تان نئون ايس ايم ايس کوليو جتي otp لکي 32665 تي موڪلي ڇڏيو۔۔۔
otp جو مطلب آهي۔۔ one time password فيس بوڪ جي طرفان ٿوري ئي دير ۾ توهان جي موبائيل تي هڪ عارضي پاسورڊ موڪليو ويندو جيڪو صرف 20 منٽن تائين ڪارگر هوندو۔۔۔۔
اهڙي طرح توهان ڪنهن به جاءِ تان نئين پاسورڊ ذريعي لاگ ان ٿي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهو ٿا۔۔ ياد رهي ته اهو پاسورڊ 20 منٽن کان پوءِ پاڻمرادو ختم ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن توهان جو هي پاسورڊ ڪنهن حاصل به ڪري ورتو ته ان جي ڪم جو نه رهندو۔۔۔۔ ان کانسواءِ فيس بوڪ پنهنجي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪندي هڪ وڌيڪ فيچر remote logout capability پڻ عنقريب متعارف ڪرڻ وارو آهي ته جيئن سندن رڪن جي پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي وڌيڪ فعال رهي۔۔۔
اميد ته ڪمزور پاسورڊ رکندڙ ۽ وڌيڪ احتياط ڪندڙ دوستن کي هن سکيا مان فائدو ٿيندو۔۔۔