ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

'فيس بوڪ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏19 مئي 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڪجهه ڏينهن کان اڪثر اهي شڪايتون ٻڌڻ ۾ پيون اچن ته فيس بوڪ اڪائونٽ هيڪ ٿي ويو آهي۔۔ ان سلسلي ۾ فيس بوڪ پنهنجي ڊيٽا بيس ۾ تبديلي ڪندي سيڪيورٽي ڪافي بهتر ڪئي آهي پر ان باوجود به اهي آواز گهٽيا نه آهن۔۔۔
    جيئن ته فيس بوڪ هڪ سوشل نيٽ ورڪ آهي۔۔۔ ۽ توهان جو پروفائيل پنهنجي ڊيٽا سميت توهان جي دوستن ۾ ڪافي مشهوري آندي آهي اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن ڪو توهان جي فيس بوڪ پروفائيل جو پاسورڊ هٿ ڪري وڃي ۽ توهان جي پروفائيل سان ڪا کشٽ ڪري ته فيس بوڪ ذريعي توهان سان ڳنڍيل سمورن دوستن اڳيان توهان کي شرمندگي کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو۔۔
    ان ڪري توهان کي گهرجي ته پنهنجي ڪمپيوٽر کانسواءِ ڪنهن ٻئي هنڌان فيس بوڪ تي لاگ ان ٿيڻ کان احتياط ڪريو۔۔۔
    پر ڪنهن اهڙي صورتحال ۾جڏهن توهان پنهنجي ڪمپيوٽر کان پري هجو ۽ فيس بوڪ کي استعمال ڪرڻ به ضروري هجي ته ڪنهن دوست جو ڪمپيوٽر استعمال ڪرڻ کان اڳ يا انٽرنيٽ ڪيفي تي وڃڻ کان اڳ پنهنجي موبائيل تان نئون ايس ايم ايس کوليو جتي otp لکي 32665 تي موڪلي ڇڏيو۔۔۔
    otp جو مطلب آهي۔۔ one time password فيس بوڪ جي طرفان ٿوري ئي دير ۾ توهان جي موبائيل تي هڪ عارضي پاسورڊ موڪليو ويندو جيڪو صرف 20 منٽن تائين ڪارگر هوندو۔۔۔۔

    [​IMG]

    اهڙي طرح توهان ڪنهن به جاءِ تان نئين پاسورڊ ذريعي لاگ ان ٿي پنهنجو ڪم مڪمل ڪري سگهو ٿا۔۔ ياد رهي ته اهو پاسورڊ 20 منٽن کان پوءِ پاڻمرادو ختم ٿي ويندو ۽ جيڪڏهن توهان جو هي پاسورڊ ڪنهن حاصل به ڪري ورتو ته ان جي ڪم جو نه رهندو۔۔۔۔ ان کانسواءِ فيس بوڪ پنهنجي سيڪيورٽي ۾ اضافو ڪندي هڪ وڌيڪ فيچر remote logout capability پڻ عنقريب متعارف ڪرڻ وارو آهي ته جيئن سندن رڪن جي پرائيويسي ۽ سيڪيورٽي وڌيڪ فعال رهي۔۔۔

    اميد ته ڪمزور پاسورڊ رکندڙ ۽ وڌيڪ احتياط ڪندڙ دوستن کي هن سکيا مان فائدو ٿيندو۔۔۔
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    واهه واهه

    لاجواب شيئرنگ جيڪا گهڻي ڪم واري آهي۔ اهو خوف ته مونکي به رهندو آهي ، ڇو ته منهنجو ياهو اڪائونٽ ڪنهن هيڪ ڪري ورتو هو ۽ پوء گهڻي پريشاني ٿي هئي۔ خير ويهه منٽن جو پاسورڊ ڏئي اسان لاء آساني پيدا ٿي وئي۔

    هڪ ڳالهه ڪنفرم ڪرڻي آهي ته 20 منٽن کانپوء اسان جو پراڻو پاسورڊ بحال ٿيندو يا ڪو نئون پاسورڊ سيٽ ڪرڻو پوندو ؟؟؟
     
  3. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    20 منٽن جو هي پاسورڊ ملڻ کان سواءِ به توهان جو پراڻو پاسورڊ فعال رهندو ۔۔۔۔ هي ته توهان کي عارضي استعمال لاءِ اضافي پاسورڊ ڏنو ويندو۔۔۔
    هڪ ڳالهه جيڪا مون کي ٻڌائڻ وسري وئي ته هي سهولت صرف اهي دوست حاصل ڪري سگهندا جن اڳ ئي فيس بوڪ کاتي ۾ پنهنجو موبائيل نمبر شامل ڪري رکيو آهي۔۔۔
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    ادا رشيد مهرباني اوهان جي پر ادا مهنجو پاسورڊ اوهان کي معلوم آهي ان ڪري ٻيلي پارت اٿئي مهنجي آئي ڊي سان اهڙي ڪا حرڪت نه ڪجانء باقي مان اهو سافٽ ويئر استعمال ڪونه ٿو ڪريان ڇو ته تو تي مون کي ڀروسو آهي ۔۔ خير بحرحال پهنجي جاء تي هي تمام بهترين شيئرنگ آهي ۔۔۔
     
  5. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    سافٽويئر ۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟ پر مون ته ڪنهن سافٽويئر جو ذڪر ئي نه ڪيو آهي۔۔۔ لڳي ٿو توهان صرف عنوان ڏسي پنهنجا رايا موڪليا آهن۔۔۔
    دوستو جيڪڏهن توهان هي عمل هر ان ملڪ مان به ڪري سگهي ٿا جتي توهان رهو ٿا ۽ اتان جو موبائيل نمبر فيس بوڪ ۾ شامل ڪيل آهي۔۔۔
     
  6. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    يار اهو ٽپ يا سافٽ ويئر ڳاله ساڳي آهي.... ههههه ادا باقي مون پهنجو نمبر ڪيئي دفعا ايڊ ڪيو آهي ڪو مسييج نه آيو آهي اسان جي ملڪ ۾ سپورٽ ڪانهي ڪا موبايل ۔۔ وڌيڪ اوهان مهنجو نمبر ٽرائي ڪري ڏسجو ۔۔۔
     
  7. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    توهان جا لفظ پڙهي مون کي وزير اعلى بلوچستان جو بيان ٿو ياد اچي جنهن ۾ هن چيو هو ته ۔۔۔ ”ڊگري اصلي هجي يا نقلي ۔۔۔ پر ڊگري ڊگري ٿيندي آهي۔۔۔“ سو ادا توهان ڪاٿي ٿا مڃو۔۔۔
     
  8. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    تمام ڪارائتي ونڊ سائين رشيد صاحب
     
  9. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    منتظم ۽ نائب منتظم ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    اوهان کي وڌيڪ ذميوار هجڻ گهرجي۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    وڌيڪ مان ڪجه ڪونه چوندس ته ڪٿي منهنجا اختيارات به فقير ڦلپوٽي وانگر گهٽجي نه وڃن۔۔۔
     
  10. مصور عالم

    مصور عالم
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏2 ڊسمبر 2011
    تحريرون:
    572
    ورتل پسنديدگيون:
    679
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    193
    ڌنڌو:
    چيف ايڊيٽر ڪيسوُٻاء مئگزين
    ماڳ:
    مٺي ٿرپارڪر
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    لاجواب ونڊ سائين
     
  11. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڇا توهان کي هر وقت فيس بوڪ پاسورڊ ڪنهن ٻئي کي هٿ اچڻ جو ڊپ رهي ٿو۔۔؟

    ادا بهترين ونڊ لاجواب شيئرنگ
    ء ڪارائتي معلومات ونڊ ڪرڻ تي اوهان جي مهرباني ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو