غزل

ڊاڪٽر آزاد منگي

سينيئر رڪن
غزل
ڊاڪٽر آزاد منگي

مٺي جنهنجي ٻولي، مٺا جنهن جا ماڻهو
اهڙي سنڌ جهڙي رياست نه ٿيندي

هي ٽوپي ۽ اجرڪ سڃاڻپ آ جنهنجي
اهڙي ڪنهن خطي جي ثقافت نه ٿيندي

ڏبي جيءَ ۾ جاءِ سنڌ جي سڄڻ کي
مگر منڪرن سان رعايت نه ٿيندي

ملي گڏ ملهايون، ثقافت جا ڏينهڙا
ادا پوءِ دلين ۾ عداوت نه ٿيندي

رڳو سنڌ ئي سنڌ آهي چپن تي
انهيءَ کان مٿي ٻي عبادت نه ٿيندي

اچو نسل پنهنجا علم سان سنواريون
پو ”آزاد“ جڳ ۾ ندامت نه ٿيندي
 
جواب: غزل

ادا آزاد تمام بهترين

هي ٽوپي ۽ اجرڪ سڃاڻپ آ جنهنجي
اهڙي ڪنهن خطي جي ثقافت نه ٿيندي
 
جواب: غزل

اچو نسل پنهنجا علم سان سنواريون
پو ”آزاد“ جڳ ۾ ندامت نه ٿيندي


سائين بلڪل اوهان جي هن شعر ۾ اسان جي ڪاميابي جو راز لڪل آهي ۔
 
جواب: غزل

رڳو سنڌ ئي سنڌ آهي چپن تي
انهيءَ کان مٿي ٻي عبادت نه ٿيندي

اچو نسل پنهنجا علم سان سنواريون
پو ”آزاد“ جڳ ۾ ندامت نه ٿيندي

حق موجود

سائين ڊاڪٽر آزاد منگيء کي سلام

سنڌ سان عشق ۽ ان عشق کي سهڻين سٽن ۾ پيش ڪرڻ جو لازوال انداز ڏاڍو وڻيو۔

علم سان ئي سنڌ سنواربي ۽ اسان جو نعرو به علم ئي هجڻ کپي۔

لک قرب سهڻي ونڊ جا
 
جواب: غزل

ڏبي جيءَ ۾ جاءِ سنڌ جي سڄڻ کي
مگر منڪرن سان رعايت نه ٿيندي

خوبصورت غزل
 
Back
Top