پيار- بهارن جو پيغام

'مختلف موضوع' فورم ۾ رضوان گل۔ طرفان آندل موضوعَ ‏20 مئي 2011۔

  1. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    رضوان گل

    پيار- بهارن جو پيغام



    پيار اهڙي امر احساس جو نانءُ آهي جيڪو ازل کان ابد تائين زنده رهڻو آهي، پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجون هجن ٿيون؛
    ڪنهن لاءِ پيار زندگيءَ جو حسين نغمو آهي
    ته ڪنهن لاءِ جيون اجاڙ جو باعث.
    ڪنهن چيو پيار جيون آهي ۽ نفرت موت،
    جيون خوبصورت آهي ۽ موت ڪوجهو ۽ ڀيانڪ،
    ڪنهن چيو پيار سانوڻيءَ جي بوندن جيان ٿڌڪار جو احساس ڏياريندڙ آهي
    ته نفرت اس ۽ جهولي جي ساڙيندڙ تيز هوا جيان.
    پيار فاصلن کي قربتن ۾ تبديل ڪندو آهي
    ته نفرت قربتن کي فاصلن ۾،
    پيار خوبصورت ٽڙيل گلاب جيان واس ڏيندڙ
    ته نفرت چڀندڙ ڪنڊي جيان،
    پيار دنيا جي هر دولت کان اتم بقول اياز گل:

    جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجو پيار مليو آهي
    تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي دولت گهرجي ٻي ​

    پيار ڪبو ناهي ويندو پر اهو اهڙو احساس آهي جيڪو اچانڪ خود بخود ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ دنيا جي هر شيءِ ان هڪ لمحي ۾ جنم ورتل احساس تان قربان ڪري ڇڏبي آهي، پر جڏهن اهوئي پيار حاصل ٿيڻ کان اڳ ئي کسجي ويندو آ ۽ اهو شخص جنهن کي اوهان انتهائن سان چاهيو هوندو آهي سوئي روح کي رهڙون ڏئي من کي گهاو ڏيڻ لڳي ته هن قسم جو احساس جنم وٺندو آهي:

    سڀ ٽهڪ سڀئي گيت زماني جي پلوَ ۾
    سڀ لڙڪ سڀئي گهاوَ اسان جهول جهلياسي
    اڄ نانءُ ڏنو ان به خزائن جو اسانکي
    جنهن لاءِ بهارن جو ڪو پيغام هياسي. ​


    [JUSTIFY]پيار جو رابطو دل سان آهي پيار ذهن سان ڪبو ته ڪاروبار چئبو، دل جيڪا آهي ته فقط هڪ پمپنگ مشين پر شاعرن ۽ عاشقن لاءِ پيار جو مسڪن ۽ پريميءَ جوگهر ، جنهن کي هرماڻهو سپنن ۽ اميدن جي شمعن سان سجائيندو آهي، پيار جي شروعات هميشه ديد کان ٿئي ٿي جيڪا آخر وڃي دل تائين رسي ٿي ۽ جنهن کي پوءِ چپن ذريعي اظهارجي ٿي، پر اظهار فقط چپن تي آڻڻ جو ئي نالو نه آهي پيار جي اظهار لاءِ ته نيڻ ئي گهڻو ڪجهه سمجهائي ويندا آهن ڇالاءِ ته جڏهن نيڻ ڳالهائيندا آهن ته اهل زبان به خاموش ٿي ويندا آهن! محبوب جي مرڪي گهاوَ ڏئي ۽ نيڻ گهوري دل گهرن ته پوءِ عبدالغفار تبسم جو هي سٽون زبان تي بي ساخته اچي وڃن ٿيون. [/JUSTIFY]

    مرڪي ڪو گهاؤ ڏي ته مسيحائي ڇا ڪجي،
    ڪا ديد دل گهري، ڏجي، دانائي ڇا ڪجي،
    هر هر گٿو نشان کان هر هر مان دل رکي،
    نئين تير ڪشن جي ڀي همت افزائي ڇا ڪجي. ​

    [JUSTIFY]پيار اهڙو نشو آهي جنهن ۾ هوش و حواس موڪلائي وڃن ٿا ۽ عقل جون سرحدون پار ڪري انسان هڪ اهڙي انوکي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو جتي بس فقط سندس دل جي حڪمراني آهي ۽ انهيءَ دل تي وري سندس پرينءَ جو قبضو آهي اهڙي الڳ ٿلڳ دنيا ۾ پيار جي پرستش جي ڪابه سرحد نه ٿي هجي. اهڙي دنيا بابت فقط اهي ئي ڄاڻن ٿا جن خود پيار جو پيچ پاتو هجي ۽ من ئي من ۾ ڪي سپنا سجايا هجن اهڙي ڪيفيت کي لفظن ۾ ڀلي ته ڪيترو به وضاحت سان پيش ڪجي پر اصل لفظن جو رس ۽ رچاءُ جيئن ڪڏهن به سازن ۾ نه ٿو اچي سگهي ائين ساڳئي ريت وري انهن راحتن ۽ مزن جو لطف وري
    لفظن ۾ سمائجي نه ٿو سگهي، اهڙي ئي ڪيفيت جو اظهار سنڌ جي قومي شاعر استاد بخاريءَ به هنن سٽن ۾ ڪيو آهي:

    وڄايون ڪيترو جهومي نچي پر،
    چپن جو چاهه چنگن ۾ نه ايندو.
    ٻڌايون کوڙ تشبيهون ڏئي پر،
    مزي جو لطف لفظن ۾ نه ايندو. ​


    پهريون پيار زندگيءَ جو سرمايو هجي ٿو، اهو ضروري نه آهي جو هرڪو اهو پهريون پيار ماڻي به وٺي، پر اهو ضروري آهي ته اهو پهريون پيار ئي هوندو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي رڃ ۽ ريگستان به پسائيندو آهي ته سوچ جا ساگر به جنهن ڪري اهو جيون ۾ ڪنهن اڻ مٽ لڪير جيان هميشه پنهنجو احساس جتائيندو رهندو آهي. وقت مٺ ۾ جهليل واريءَ مثل آهي. جيڪو وهندو ٿو رهي! پر ڪي گهاؤ اهڙا به هوندا آهن جن کي وقت جو وهڪرو به مٽائي ناهي سگهندو. نون پريمين جون پيار ڪهاڻيون به ڪومل ۽ معصوم خواهشن جو سنگم هونديون آهن جنهن ۾ سپنن جا ديپ جلائي چانڊوڪيءَ رات ۾ پرينءَ جو چهرو نيڻن سان چمڻ جو احساس خوبصورت شاعر مقصود گل ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:
    [/JUSTIFY]
    تنهنجو چهرو چانڊوڪيءَ ۾،
    نيڻ چمڻ لئه آتا آهن.
    تن کان پڇجي قرب ڪهاڻي،
    نينهن نوان جن لاتا آهن. ​

    [JUSTIFY]پيار فقط ٻن پريمن تائين محدود نه آهي پر هي ته اهو پاڪيزه احساس آهي جيڪو ڪائنات جي ڪارڻيءَ جي مڙني حسناڪين کان ويندي ڌرتيءَ جي هڳاءَ ڏيندڙ مٽيءَ سان به ٿي سگهي ٿو ته دوستن جي درميان پڻ. اڄ دنيا کي پيار ۽ امن جي ضرورت آهي اچو ته نفرت سان نفرت ڪري پيار سان پيار ڪيون ته سڀئي سور ۽ سڏڪا خوشين ۽ ٽهڪن ۾ تبديل ٿي وڃن[/JUSTIFY]



    [​IMG]
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: پيار- بهارن جو پيغام


    وڄايون ڪيترو جهومي نچي پر،
    چپن جو چاهه چنگن ۾ نه ايندو.
    ٻڌايـــون کوڙ تشبيهـــون ڏئي پر،
    مزي جو لطف لفظن ۾ نه ايندو.

    سائين اصل قرب ڪري ڇڏيا اٿوَ ۔۔۔ پيار جهڙي انمول موضوع تي اهڙو سهڻو ليک لکي اسان پيار جي سڪايلن تي سانوڻيءَ جي مينهن جهڙا قرب ڪري وڌا اٿوَ، اوهانجو هي ليک ور ور ڪري پڙهبو ۽ پيار جي بهارن جا مزا وٺبا ۔۔۔ سهڻن شاعرن جي سهڻي شاعري سان سجايل هي مضمون اصل دل ۾ ائين گهر ڪندو وڃي جيئن، محبوب جي اکين جو جام دل ۾ اوتبو وڃي ۔۔۔

    پيار تي ڳالهائڻ ڪو سولو ته ناهي، ڀلا اهڙي موضوع تي جنهنجو نچوڙ سڄي ڪائنات جي رنگيني هجي ان تي ڳالهائڻ ۽ ان جذبي کي لفظن ۾ بند ڪرڻ به شايد ائين ئي هوندو جيئن مثال ڏيندا آهن ته ” لوٽي ۾ سمنڊ سمائڻ“ اوهان اهو ڪم خوب ڪيو آهي ۔۔۔

    لک ٿورا دوست ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: پيار- بهارن جو پيغام

    تڪڙي ۽ محبتي موٽ لا وڏا قرب نثار سائين، محبتن ۾ ياد​
     
  4. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: پيار- بهارن جو پيغام

    مرڪي ڪو گهاؤ ڏي ته مسيحائي ڇا ڪجي،
    ڪا ديد دل گهري، ڏجي، دانائي ڇا ڪجي،
    هر هر گٿو نشان کان هر هر مان دل رکي،
    نئين تير ڪشن جي ڀي همت افزائي ڇا ڪجي.
    تمام خوبصورت احساس لاجواب دل کي ڇهڻدڙ ليک واه سائين رضوان گل
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: پيار- بهارن جو پيغام

    ادا رضوان گُل جا ٿورا جنهن پيار جهڙي موضوع تي هيڏو پيارو ليک لکي پنهنجي پيار جو اظهار ڪيو آهي۔

    پيار جو لفظ کڻڻ سان ئي هڪ عجيب احساس ۽ جذبا جاڳندا آهن، پيار جون ڪيفيتون به اڻ کُٽ هونديون آهن ۽ پيار جو اظهار ڪرڻ جا به لاتعداد ذريعا هوندا آهن۔ پيار تي استاد بخاريء جون ڪجهه سٽون پيش ڪجن ٿيون:

    پيار ڇا هي، لذيذ خوشبو آ،
    خار ڇا هي، غليظ بدبو آ

    پيار سان زهر ڏين ته پي ويندم،
    خار سان کير ڏين ته ٿوٿو آ​


    پيار تي مان ڇا ڳالهائي سگهندس پر وري به مشتاق ڦل جو هڪ شعر عرض ڪندس:


    اوهان وٽ پيار کي پرکڻ جا ماپائي الڳ آهن
    اسان وٽ ســـونهن کي ســـمجهڻ جا ماپائي الڳ آهن

    اوهــــان کـــي پيار آڇيــــون ٿا، اوهان کي پاڻ ارپيـــون ٿا
    اسان وٽ محبتون ڏيئڻ جا مــاپائي الڳ آهن
     
  6. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: پيار- بهارن جو پيغام

    پيار ڇا هي، لذيذ خوشبو آ،
    خار ڇا هي، غليظ بدبو آ

    پيار سان زهر ڏين ته پي ويندم،
    خار سان کير ڏين ته ٿوٿو آ

    استاد جي هنن خوبصورت سٽن ونڊڻ لا اوهانجا به وڏا قربَ پيارا،
    سدائين مرڪندا رهو
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: پيار- بهارن جو پيغام

    پيار جو رابطو دل سان آهي پيار ذهن سان ڪبو ته ڪاروبار چئبو، دل جيڪا آهي ته فقط هڪ پمپنگ مشين پر شاعرن ۽ عاشقن لاءِ پيار جو مسڪن ۽ پريميءَ جوگهر ، جنهن کي هرماڻهو سپنن ۽ اميدن جي شمعن سان سجائيندو آهي، پيار جي شروعات هميشه ديد کان ٿئي ٿي جيڪا آخر وڃي دل تائين رسي ٿي ۽ جنهن کي پوءِ چپن ذريعي اظهارجي ٿي، پر اظهار فقط چپن تي آڻڻ جو ئي نالو نه آهي پيار جي اظهار لاءِ ته نيڻ ئي گهڻو ڪجهه سمجهائي ويندا آهن ڇالاءِ ته جڏهن نيڻ ڳالهائيندا آهن ته اهل زبان به خاموش ٿي ويندا آهن!

    پيار فقط ٻن پريمن تائين محدود نه آهي پر هي ته اهو پاڪيزه احساس آهي جيڪو ڪائنات جي ڪارڻيءَ جي مڙني حسناڪين کان ويندي ڌرتيءَ جي هڳاءَ ڏيندڙ مٽيءَ سان به ٿي سگهي ٿو ته دوستن جي درميان پڻ. اڄ دنيا کي پيار ۽ امن جي ضرورت آهي اچو ته نفرت سان نفرت ڪري پيار سان پيار ڪيون ته سڀئي سور ۽ سڏڪا خوشين ۽ ٽهڪن ۾ تبديل ٿي وڃن



    ادا سائين پيار جي موضوع تي اوهان جو لکيل هئ ليک جن کي واري نالي وارن شاعرن جي شعري سان سجائي سوني تي سهاڳ وارو ڪم اوهان ڪيو آهي۔توهان جو سڄو ليک تمام لاجواب آهي پر مٿين لائنين جو ته ڪو مثال نه آهي۔دل کي ڇهويندڙ ليک لکڻ تي اوهان کي جس هجئي۔محبت واري انداز ۾ جيڪو توهان پيار جو پيغام ڏنو آهي انهي هر زنده دل ماڻهو ته تمام وڏو نقش ڇڏيو آهي۔توهان جون مهربانيون۔
     
  8. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi
    جواب: پيار- بهارن جو پيغام

    مهربانيون پيارا غلام مصطفي ميمڻ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو