رضوان گل۔
سينيئر رڪن
رضوان گل
پيار اهڙي امر احساس جو نانءُ آهي جيڪو ازل کان ابد تائين زنده رهڻو آهي، پيار جون معنائون هر ماڻهوءَ وٽ پنهنجون هجن ٿيون؛
ڪنهن لاءِ پيار زندگيءَ جو حسين نغمو آهي
ته ڪنهن لاءِ جيون اجاڙ جو باعث.
ڪنهن چيو پيار جيون آهي ۽ نفرت موت،
جيون خوبصورت آهي ۽ موت ڪوجهو ۽ ڀيانڪ،
ڪنهن چيو پيار سانوڻيءَ جي بوندن جيان ٿڌڪار جو احساس ڏياريندڙ آهي
ته نفرت اس ۽ جهولي جي ساڙيندڙ تيز هوا جيان.
پيار فاصلن کي قربتن ۾ تبديل ڪندو آهي
ته نفرت قربتن کي فاصلن ۾،
پيار خوبصورت ٽڙيل گلاب جيان واس ڏيندڙ
ته نفرت چڀندڙ ڪنڊي جيان،
پيار دنيا جي هر دولت کان اتم بقول اياز گل:
پيار ڪبو ناهي ويندو پر اهو اهڙو احساس آهي جيڪو اچانڪ خود بخود ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ دنيا جي هر شيءِ ان هڪ لمحي ۾ جنم ورتل احساس تان قربان ڪري ڇڏبي آهي، پر جڏهن اهوئي پيار حاصل ٿيڻ کان اڳ ئي کسجي ويندو آ ۽ اهو شخص جنهن کي اوهان انتهائن سان چاهيو هوندو آهي سوئي روح کي رهڙون ڏئي من کي گهاو ڏيڻ لڳي ته هن قسم جو احساس جنم وٺندو آهي:
پيار- بهارن جو پيغام

جنهن ماڻهوءَ کي تنهنجو پيار مليو آهي
تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي دولت گهرجي ٻي
تنهن ماڻهوءَ کي ڪهڙي دولت گهرجي ٻي
پيار ڪبو ناهي ويندو پر اهو اهڙو احساس آهي جيڪو اچانڪ خود بخود ٿي ويندو آهي ۽ پوءِ دنيا جي هر شيءِ ان هڪ لمحي ۾ جنم ورتل احساس تان قربان ڪري ڇڏبي آهي، پر جڏهن اهوئي پيار حاصل ٿيڻ کان اڳ ئي کسجي ويندو آ ۽ اهو شخص جنهن کي اوهان انتهائن سان چاهيو هوندو آهي سوئي روح کي رهڙون ڏئي من کي گهاو ڏيڻ لڳي ته هن قسم جو احساس جنم وٺندو آهي:
سڀ ٽهڪ سڀئي گيت زماني جي پلوَ ۾
سڀ لڙڪ سڀئي گهاوَ اسان جهول جهلياسي
اڄ نانءُ ڏنو ان به خزائن جو اسانکي
جنهن لاءِ بهارن جو ڪو پيغام هياسي.
سڀ لڙڪ سڀئي گهاوَ اسان جهول جهلياسي
اڄ نانءُ ڏنو ان به خزائن جو اسانکي
جنهن لاءِ بهارن جو ڪو پيغام هياسي.
پيار جو رابطو دل سان آهي پيار ذهن سان ڪبو ته ڪاروبار چئبو، دل جيڪا آهي ته فقط هڪ پمپنگ مشين پر شاعرن ۽ عاشقن لاءِ پيار جو مسڪن ۽ پريميءَ جوگهر ، جنهن کي هرماڻهو سپنن ۽ اميدن جي شمعن سان سجائيندو آهي، پيار جي شروعات هميشه ديد کان ٿئي ٿي جيڪا آخر وڃي دل تائين رسي ٿي ۽ جنهن کي پوءِ چپن ذريعي اظهارجي ٿي، پر اظهار فقط چپن تي آڻڻ جو ئي نالو نه آهي پيار جي اظهار لاءِ ته نيڻ ئي گهڻو ڪجهه سمجهائي ويندا آهن ڇالاءِ ته جڏهن نيڻ ڳالهائيندا آهن ته اهل زبان به خاموش ٿي ويندا آهن! محبوب جي مرڪي گهاوَ ڏئي ۽ نيڻ گهوري دل گهرن ته پوءِ عبدالغفار تبسم جو هي سٽون زبان تي بي ساخته اچي وڃن ٿيون.
مرڪي ڪو گهاؤ ڏي ته مسيحائي ڇا ڪجي،
ڪا ديد دل گهري، ڏجي، دانائي ڇا ڪجي،
هر هر گٿو نشان کان هر هر مان دل رکي،
نئين تير ڪشن جي ڀي همت افزائي ڇا ڪجي.
ڪا ديد دل گهري، ڏجي، دانائي ڇا ڪجي،
هر هر گٿو نشان کان هر هر مان دل رکي،
نئين تير ڪشن جي ڀي همت افزائي ڇا ڪجي.
پيار اهڙو نشو آهي جنهن ۾ هوش و حواس موڪلائي وڃن ٿا ۽ عقل جون سرحدون پار ڪري انسان هڪ اهڙي انوکي دنيا ۾ پهچي وڃي ٿو جتي بس فقط سندس دل جي حڪمراني آهي ۽ انهيءَ دل تي وري سندس پرينءَ جو قبضو آهي اهڙي الڳ ٿلڳ دنيا ۾ پيار جي پرستش جي ڪابه سرحد نه ٿي هجي. اهڙي دنيا بابت فقط اهي ئي ڄاڻن ٿا جن خود پيار جو پيچ پاتو هجي ۽ من ئي من ۾ ڪي سپنا سجايا هجن اهڙي ڪيفيت کي لفظن ۾ ڀلي ته ڪيترو به وضاحت سان پيش ڪجي پر اصل لفظن جو رس ۽ رچاءُ جيئن ڪڏهن به سازن ۾ نه ٿو اچي سگهي ائين ساڳئي ريت وري انهن راحتن ۽ مزن جو لطف وري
لفظن ۾ سمائجي نه ٿو سگهي، اهڙي ئي ڪيفيت جو اظهار سنڌ جي قومي شاعر استاد بخاريءَ به هنن سٽن ۾ ڪيو آهي:
وڄايون ڪيترو جهومي نچي پر،
چپن جو چاهه چنگن ۾ نه ايندو.
ٻڌايون کوڙ تشبيهون ڏئي پر،
مزي جو لطف لفظن ۾ نه ايندو.
پهريون پيار زندگيءَ جو سرمايو هجي ٿو، اهو ضروري نه آهي جو هرڪو اهو پهريون پيار ماڻي به وٺي، پر اهو ضروري آهي ته اهو پهريون پيار ئي هوندو آهي جيڪو ماڻهوءَ کي رڃ ۽ ريگستان به پسائيندو آهي ته سوچ جا ساگر به جنهن ڪري اهو جيون ۾ ڪنهن اڻ مٽ لڪير جيان هميشه پنهنجو احساس جتائيندو رهندو آهي. وقت مٺ ۾ جهليل واريءَ مثل آهي. جيڪو وهندو ٿو رهي! پر ڪي گهاؤ اهڙا به هوندا آهن جن کي وقت جو وهڪرو به مٽائي ناهي سگهندو. نون پريمين جون پيار ڪهاڻيون به ڪومل ۽ معصوم خواهشن جو سنگم هونديون آهن جنهن ۾ سپنن جا ديپ جلائي چانڊوڪيءَ رات ۾ پرينءَ جو چهرو نيڻن سان چمڻ جو احساس خوبصورت شاعر مقصود گل ڪجهه هن ريت بيان ڪيو آهي:

تنهنجو چهرو چانڊوڪيءَ ۾،
نيڻ چمڻ لئه آتا آهن.
تن کان پڇجي قرب ڪهاڻي،
نينهن نوان جن لاتا آهن.
نيڻ چمڻ لئه آتا آهن.
تن کان پڇجي قرب ڪهاڻي،
نينهن نوان جن لاتا آهن.
پيار فقط ٻن پريمن تائين محدود نه آهي پر هي ته اهو پاڪيزه احساس آهي جيڪو ڪائنات جي ڪارڻيءَ جي مڙني حسناڪين کان ويندي ڌرتيءَ جي هڳاءَ ڏيندڙ مٽيءَ سان به ٿي سگهي ٿو ته دوستن جي درميان پڻ. اڄ دنيا کي پيار ۽ امن جي ضرورت آهي اچو ته نفرت سان نفرت ڪري پيار سان پيار ڪيون ته سڀئي سور ۽ سڏڪا خوشين ۽ ٽهڪن ۾ تبديل ٿي وڃن