هڪ ڏينهن ملا نصيرالدين ڪنهن ويران علائقي مان هلندو پئي ويو ته رستي تي اُڃ ۽ بک سبب سندس حالت ڏاڍي خراب ٿي ويئي ۽ ذري گهٽ بيهوش ٿيڻ تي هو ته اوچتو سندس نظر ڪجهه ماڻهن تي وڃي پيئي، جيڪي ماني کائڻ ۾ مشغول هئا.
هو به ٽپ ڏيئي پنهنجي گهوڙي تان هيٺ لٿو ۽ بنا ڪنهن دير مدار جي، انهن جي وچ ۾ وڃي ويٺو.
ويٺل ماڻهن مان هڪڙي ڄڻي ڏانهس نهاري، پڇيو ته ”ميان، اسان منجهان ڪهڙي سان واقفيت اٿيئي ؟“
ملا نصيرالدين کاڌي جي طرف اشارو ڪري چيو ته ”ادا، هن سان!“