نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي۔ ڪڏهن توهان محسوس ڪيو آهي ته زندگي سموري رڳو دائرو ئي دائرو آهي، انهيءَ موضع کي مون پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي ڪيتري قدر دائرن سان پنهنجو پاڻ کي نڀايو آهي غريباڻي چترڪاري ڪري هي شاعري توهان سان ونڊ پيو ڪريان، توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس۔
غزل
نثاراحمدناز
بي وسِي بي ڪَسِي آ سڄِي دائرو
دائرو زندگِي آ سَڄِي دائرو
دلبري دم بدم خُوب مهڪِي پئي
دربدر عاشِقِي آ سَڄِي دائرو
مان ويس مئڪدي ۾ ته ساقِي چيو
وڃ چريا مئه ڪشِي آ سَڄِي دائرو
سِڪَ منجهان هُو ڏِسو لعنتي لال جِي
ٿِي وئِي بندگِي آ سَڄِي دائرو
”ناز“ ڀڃ ڊاهه دل جي ڏسِي اڄ چيم
هر جنم دل لڳِي آ سَڄِي دائرو
نثاراحمدناز
بي وسِي بي ڪَسِي آ سڄِي دائرو
دائرو زندگِي آ سَڄِي دائرو
دلبري دم بدم خُوب مهڪِي پئي
دربدر عاشِقِي آ سَڄِي دائرو
مان ويس مئڪدي ۾ ته ساقِي چيو
وڃ چريا مئه ڪشِي آ سَڄِي دائرو
سِڪَ منجهان هُو ڏِسو لعنتي لال جِي
ٿِي وئِي بندگِي آ سَڄِي دائرو
”ناز“ ڀڃ ڊاهه دل جي ڏسِي اڄ چيم
هر جنم دل لڳِي آ سَڄِي دائرو