دائرا (غزل) نثاراحمدناز

'نثار احمد ناز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏21 مئي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت جا ساٿيو السلام عليڪم جيئي سنڌ نمستي۔ ڪڏهن توهان محسوس ڪيو آهي ته زندگي سموري رڳو دائرو ئي دائرو آهي، انهيءَ موضع کي مون پنهنجي شاعريءَ ۾ آندو آهي ڪيتري قدر دائرن سان پنهنجو پاڻ کي نڀايو آهي غريباڻي چترڪاري ڪري هي شاعري توهان سان ونڊ پيو ڪريان، توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو شدت سان منتظر رهندس۔

    غزل
    نثاراحمدناز
    بي وسِي بي ڪَسِي آ سڄِي دائرو
    دائرو زندگِي آ سَڄِي دائرو

    دلبري دم بدم خُوب مهڪِي پئي
    دربدر عاشِقِي آ سَڄِي دائرو

    مان ويس مئڪدي ۾ ته ساقِي چيو
    وڃ چريا مئه ڪشِي آ سَڄِي دائرو

    سِڪَ منجهان هُو ڏِسو لعنتي لال جِي
    ٿِي وئِي بندگِي آ سَڄِي دائرو

    ”ناز“ ڀڃ ڊاهه دل جي ڏسِي اڄ چيم
    هر جنم دل لڳِي آ سَڄِي دائرو

    [​IMG]
     
  2. و حيد کوسو بلوچ

    و حيد کوسو بلوچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2011
    تحريرون:
    298
    ورتل پسنديدگيون:
    8
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    نيشنل بئنڪ ۾ OGII OFFICER
    ماڳ:
    پوسٽ ڌنڱ ڳوٺ ڌنڱ تعلقه شهداد ڪوٽ
    جواب: دائرا (غزل) نثاراحمدناز

    ناز ڀڃ ڊاهه دل جي ڏسي اڄ چيم
    هر جنم دل لڳي آ سڄي دائرو
    واه سائين نثار ناز تمام بهترين
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دائرا (غزل) نثاراحمدناز

    جيتوڻيڪ فيسبڪ تي هي غزل پڙهندي ڪافي ڏينهن ٿيا، پر وري پڙهندي ڪيترائي ڦيرا آيا جو اسانجو دوست پڻ ڪيترن ئي دائرن مان گهمي اچي سنڌ سلامت تي پهتو آهي ۔۔۔ اڳ ائين ٿيندو هو جو پهريان غزل يا سندس ڏات ديويءَ جا ڪيل قرب سنڌ سلامت تي ونڊ ٿيندا هئا ۔۔۔ پوءِ ڪنهن ٻي جاءِ تي، پر هاڻ سنڌيءَ جي چوڻيءَ موجب؛ ” اڳيان ويا وسري، پويان لڳا مصري“

    مان ويس مئڪدي ۾ ته ساقِي چيو
    وڃ چريا مئه ڪشِي آ سَڄِي دائرو۔

    نثار ناز جا لفظ، جملا ۽ سندس ڪلام ۾ سمايل فڪر ته پنهنجي جاءِ ته اهڙو جو هر پڙهندڙ اچي وڃي ٿو دائرن ۾ ۔۔۔ سوچ جا دائرا ايترا ته وسيع ٿي وڃن ٿا جو مجبورن چوڻو ٿو پوي ته دنيا آ سڄي دائرو ۔۔۔

    لک ٿورا ونڊ ڪرڻ جا ۔۔۔ ڀلي ڪري آيا ڪوئٽه جي چڪر تان ۔۔۔ رب اوهانکي سلامت رکي ۽ صحتمند رکي ۔۔۔ اوهانجي ساٿ جا طلبگار

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  4. علي ظفر

    علي ظفر
    نائب منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    3,074
    ورتل پسنديدگيون:
    3,017
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    1,580
    ڌنڌو:
    بزنس
    ماڳ:
    حيدر آباد سنڌ
    جواب: دائرا (غزل) نثاراحمدناز

    واه سائين واه ڇا ڳاله ڪجي ان دائري جي ان ڪري ته چوندا آهين ته دنيا گول آهي سو ان دائري جي معني اسان جي جهوني ذهن ۾ به گههڻيون آيون شاعري پڙهڻ کان پهريان پر شاعري پڙهي سين ته خبر پئي ته اوهان ڪهڙي دائري جي ڳاله ڪئي آهي بحرحال دائرو آهي ننڌڙو پر معني وڏي ٿو رکي سائين نثار جي ڳاله وانگر ته دنيا ان دائري جي ڪڌ پئي فري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ واه سائين واه تمام بهترين هل ڙي دائري تهنجي قسمت ۔۔ حسب عادت لاجواب ونڊ لاجواب الفاظ لاجواب شآعري ۔۔۔۔۔۔ لاجواب ناز جي مولا وڏي عمر ڏيس آمين
     
  5. عمران درويش سومرو

    عمران درويش سومرو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 جولائي 2010
    تحريرون:
    809
    ورتل پسنديدگيون:
    484
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    ميڊيا ڪوآرڊينيٽر
    ماڳ:
    ڀٽائي آباد، ڪراچي
    جواب: دائرا (غزل) نثاراحمدناز

    سائين لاجواب شاعري آهي تمام بهترين جي چونڊ۔ هونئن ته شاعري جو هر شعر پنهنجو مٽ پاڻ آهي پر هن شعر صفا شاعري جي مقصد کي ظاهر ڪري ڇڏيو آهي۔۔
    مان ويس مئڪدي ۾ ته ساقِي چيو
    وڃ چريا مئه ڪشِي آ سَڄِي دائرو​
    گهڻن ڏينهن کان ڪجهه پڙهن جي لا نه مليو هيو سو اڄ هي پڙهي دل خوش ٿي ويئي۔۔ سائين نثارناز کي اهڙن انمول شعرن کي اسان تائين پهچائڻ جي لا ونڊ ڪرڻ تي لکين مهربانيون ۽ مبارڪون چئجن ٿيون۔۔۔

    سدائين گڏ۔

    دعا ۾ ياد۔۔



    ۔
     
  6. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: دائرا (غزل) نثاراحمدناز

    واهه سائين واهه بهترين ادا
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دائرا (غزل) نثاراحمدناز

    سر جاري رکو۔۔۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو