نورعلي پاشا
سينيئر رڪن
هڪ دور هو جڏهن اسان کي پي ٽي وي تي سنڌي پروگرام جي صرف اڌڪلاڪ ملندو هو ۽ ڪجهه عرصي کان پو اهو به بند ٿيڻ لڳو هو۔۔۔ پر انهي دور ۾ به اسان جي سنڌي فنڪارن، رائيٽرن ۽ ڊائريڪٽرن پاڻ مڃرايو ۽ اهيو ثابت ڪيو ته اسين ڪنهن به ڳالهه ۾ ڪنهن ٻي قوم کان پوئتي ناهيون۔۔۔۔ انهي ڪسمپرسي جي دور ۾ ڪي ٽي اين هڪ انفرادي سنڌي چينل جي صورت ۾ اسان جي سامهون آهيون ڪي ٽي اين جي مالڪان ذاتي مفاد يا سنڌي قوم جي خدمت ڪرڻ لا هڪ قدم کنيو جنهن کي اڄ سنڌي قوم وڌائيندي وڌائيندي ايستائين پهچائي ڇڏيو آهي جو اڄ اسان جا 7 کان 8 چينل تفريحي ۽ معلوماتي پروگرام نشر ڪري رهيا آهن۔۔۔۔۔۔۔ جس آهي انهن ماڻهن کي جنهن اسان کي اڌ ڪلاڪ کان 24 ڪلاڪن تائين جي نشريات ڏني۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر انهي سان گڏوگڏ افسوس آهي انهي ڳالهه تي ته ڇا اسان جا اهي چيئنل سنڌي معاشري جي صحيح عڪاسي ڪري رهيا آهن۔۔۔۔۔؟ ڇا انهن جي چينل تي جيڪا سنڌي ڳالهائي وڃي تي اها اسان جي ئي ٻولي آهي يا انهي ٻولي ۾ ڪيتريون ٻيون ٻوليون ضم ٿي چڪيون آهن ۔۔۔۔۔۔؟ ڇا انهن سنڌ جي تاريخ ۽ تمدن کي اهڙي نموني سان منظر عام تي آندو آهي جو اسان جي ايندڙ نسل پنهنجي انهي تاريخ تي فخر سان ڪنڌ کڻي سگهي۔۔۔۔۔؟ اهي اهڙا سوال آهن جيڪي هر حساس دل رکندڙ سنڌي جي ذهن ۾ گهمن ٿا پر اهيو ڪري ڪجهه نٿو سگهي۔۔؟ ڇا اڃان به هڪ اهڙي چينل جي ضرورت آهي جيڪو انهن سڀني شين کي مد نظر رکي ڪم ڪري ته سنڌي قوم ۽ سنڌي معاشرو انهي کي هٿي وٺرائيندو۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔؟ آئون توهان دوستن کي عرض رکندس ۽ هن ويب سائيٽ جي اعلى اڳواڻن کي اهيو چوندس ته هن فورم تي هڪ سيڪشن انهي ٺاهيو وڃي جنهن تي اسين سڀ سنڌي چينلن هلندڙ ڊرامن، گانن، نيوز ۽ ڊاڪيومينٽريز تي ڪمنٽس ڏئي سگهون ۽ انهن جي سڌاري ڪو تحريري ۽ عملي قدم کڻي سگهون