• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي جي گنجان ۽ محفوظ ترين پناهه گاهه پي اين ايس مهراڻ تي دهشتگردن جو حملو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
9tmh38.jpg


ڪراچي ۾ دهشتگردن پهريان به پاڪستان نيوي کي حملن جو نشانو بڻايو هو پر گذريل رات جو ساڍي ڏهين بجي ڪيل دهشتگردن جو حملو وڌيڪ منظم لڳي رهيو آهي۔ ڪراچي جي گنجان ۽ محفوظ ترين علائقي پي اين ايس مهراڻ تي ڪيل حملو اڃان جاري آهي ۽ دهشتگردن سان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي لڙائي جاري آهي۔

هڪ درجن کان مٿي هٿياربندن رات جو ساڍي ڏهين بجي ڌاران نيوي جي مهراڻ بيس تي ٽن طرفن کان حملو ڪيو۔ اطلاع آهن ته حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 12 اهلڪار شهيد ٿيا آهن جن مان 11 نيوي جا ۽ هڪ رينجرز اهلڪار شامل آهي۔ جڏهن ته 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن جن مان چئن چڻن پنهنجو پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو۔ پاڪستان نيوي جا ٻه پي ٿري سي اورين جهاز به تباهه ٿيا آهن جيڪي آمريڪا کان خريد ڪيا ويا هئا۔ ڌماڪن جي نتيجي ۾ ٽينڪرس کي باهه لڳي وئي ۽ صبح ٿيڻ سان هيليڪاپٽرن جي ذريعي علائقي جي نگراني ڪئي پئي وڃي۔ ڊرگ روڊ، شاهراهه فيصل، ڪارساز روڊ تي ٽريفڪ جي رواني رڪيل آهي۔

هن حملي کانپوء هڪ دفعو وري انٽيلجنس ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي سيڪيورٽي ليپس ۽ نا اهلي کلي سامهون آئي آهي۔ جيڪڏهن ايتري سيڪيورٽي وارن علائقن کي ايڏو آساني سان نشانو بڻائي سگهجي ٿو ته پوء باقي عوام جو ڇا ٿيندو؟ هوڏانهن بي بي سي مطابق تحريڪ طالبان پاڪستان حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي۔​
 
جواب: ڪراچي جي گنجان ۽ محفوظ ترين پناهه گاهه پي اين ايس مهراڻ تي دهشتگردن جو حملو

الله جي پياري ٻانهي رسول اڪرم جي حديث آهي ته ”جيڪو مسلمان ڪافرن جو ساٿي آهي اهو پڻ اسلام جو دشمن آهي ۔۔۔ “

هن حديث جي روشنيءَ ۾ اهو چئبو ته اهي قومون يا ملڪ جيڪي اسلام جي خلاف ويڙهه ۾ شامل آهن جن ۾ ڪيترائي ملڪ ڳڻائي سگهجن ٿا، جيڪي هميشه کان اسلام جا دشمن رهيا آهن ۽ هيمشه مسلمانن کي تباهه ڪرڻ لاءِ جنگي حڪمت عمليون ٺاهيندا رهنٿا ۽ پنهنجا هٿيار وڪڻڻ لاءِ ڪجهه ملڪن کي استعمال ڪري رهيا آهن ۔۔۔ هاڻ سوال اهو آهي ته ڇا هي ملڪ پاڪستان انهن قومن جو دوست آهي يا دشمن؟

جيڪڏهن دوست آهي ته ڇا چئجي؟ ۽ جيڪڏهن مخالف آهي ته پوءِ اسان سڀني کي اهڙن حملن جي مخالفت ڪرڻي آهي ۔۔۔ پر اڳ ۾ ان سوال جو جواب کپي ته پاڪستان جي انتظاميه ۽ فوج، متحرڪ اسلام دشمنن جي دوست آهي يا دشمن يا وري وچٿري آهي؟

جيڪڏهن ان سوال جو جواب ڳولهينداسون ته حالتون سامهون اچي وينديون ۔۔۔ ۽ ان ويڙهه جو سرو ملي ويندو ۔۔۔ اها ويڙه گهٽ ۾گهٽ سنڌين جي ناهي پر سنڌين جي ڳيچيءَ وجهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي ۔۔

الله پناهه ڏي اسين سنڌي پاڪستان جي ٻرندڙ گولي يا وري ٻرندڙ جبل تي ويٺا آهيون جيڪو ڪڏهن به ڦاٽي سگهي ٿو ۔۔۔

سائين سدائين ڪرين مٿي سنڌ سڪار ،
دوست مٺا دلدار، عالم سڀ آباد ڪرين۔
آمين
 
جواب: ڪراچي جي گنجان ۽ محفوظ ترين پناهه گاهه پي اين ايس مهراڻ تي دهشتگردن جو حملو

ادا پاڪستان جي موجوده حالت ان ڳالهه جي نشاندهي ٿي ڪري ته ملڪ ۾ هيستائين دفاع تي جيڪو به پئسو خرچ به ڪيو ويو آهي، اهو جيڪڏهن تعليم ۽ ٽيڪنالوجي تي ڪيو وڃي ها ته پاڪستان دفاع سميت هر ڳالهه ۾ خودمختيار هجي ها۔۔۔۔​
 
جواب: ڪراچي جي گنجان ۽ محفوظ ترين پناهه گاهه پي اين ايس مهراڻ تي دهشتگردن جو حملو

سنڌي امن پسند آهن، پاڻ به امن سان رهن ٻين سان به امن جا تعلقات قائم رکن، يقينن هي ويڙهه سنڌين جي نه آهي، بلڪِ اسان کي زبردستي ان ۾ گِهليو پيو وڃي۔
 
جواب: ڪراچي جي گنجان ۽ محفوظ ترين پناهه گاهه پي اين ايس مهراڻ تي دهشتگردن جو حملو

ادا ڏاڍو افسوس ٿيو۔۔۔۔۔۔۔۔۔مسئلو ڪجهه به هجي پر مارجي ڪير تو غريب عوام۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ الله سمجهه ڏئي حڪمرانن کي جو آمريڪا جي غلاميء مان پاڻ به نڪرن ء عوام کي به سک جو ساهه کڻڻ ڏين

 
جواب: ڪراچي جي گنجان ۽ محفوظ ترين پناهه گاهه پي اين ايس مهراڻ تي دهشتگردن جو حملو

اغيار جي ياري يا تعبداري جو نتيجو هي آهي جڏهن قومون پنهنجو تشخص وڃائي ويهنديون آهن ته اهي سانحا جنم و_ندا آهن ۽ انهن ساڃهن جو تسلسل ايستائين رهندو جيستائين قومي تشخص بحال نه ٿيندو
هي جيڪي حڪمران آهن تن جي دولت واري حوس اسان کي هن مقام تي پهچايو آهي ۽ هي سفر ڪيستائين هلندو رنهندو ان جو ڪو صحيح اندازو نه ٿو لڳائي سگهجي ۔
 
Back
Top