ڪراچي ۾ دهشتگردن پهريان به پاڪستان نيوي کي حملن جو نشانو بڻايو هو پر گذريل رات جو ساڍي ڏهين بجي ڪيل دهشتگردن جو حملو وڌيڪ منظم لڳي رهيو آهي۔ ڪراچي جي گنجان ۽ محفوظ ترين علائقي پي اين ايس مهراڻ تي ڪيل حملو اڃان جاري آهي ۽ دهشتگردن سان پاڪستاني سيڪيورٽي فورسز جي لڙائي جاري آهي۔
هڪ درجن کان مٿي هٿياربندن رات جو ساڍي ڏهين بجي ڌاران نيوي جي مهراڻ بيس تي ٽن طرفن کان حملو ڪيو۔ اطلاع آهن ته حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جا 12 اهلڪار شهيد ٿيا آهن جن مان 11 نيوي جا ۽ هڪ رينجرز اهلڪار شامل آهي۔ جڏهن ته 4 دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو آهي ۽ 8 دهشتگرد مارجي ويا آهن جن مان چئن چڻن پنهنجو پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اڏائي ڇڏيو۔ پاڪستان نيوي جا ٻه پي ٿري سي اورين جهاز به تباهه ٿيا آهن جيڪي آمريڪا کان خريد ڪيا ويا هئا۔ ڌماڪن جي نتيجي ۾ ٽينڪرس کي باهه لڳي وئي ۽ صبح ٿيڻ سان هيليڪاپٽرن جي ذريعي علائقي جي نگراني ڪئي پئي وڃي۔ ڊرگ روڊ، شاهراهه فيصل، ڪارساز روڊ تي ٽريفڪ جي رواني رڪيل آهي۔
هن حملي کانپوء هڪ دفعو وري انٽيلجنس ادارن ۽ سيڪيورٽي فورسز جي سيڪيورٽي ليپس ۽ نا اهلي کلي سامهون آئي آهي۔ جيڪڏهن ايتري سيڪيورٽي وارن علائقن کي ايڏو آساني سان نشانو بڻائي سگهجي ٿو ته پوء باقي عوام جو ڇا ٿيندو؟ هوڏانهن بي بي سي مطابق تحريڪ طالبان پاڪستان حملي جي ذميواري قبول ڪئي آهي۔