[JUSTIFY] مون کي گهر اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، جڏهن گهر پهتم ته اميدان جاڳي پيئي ۽ موريو به ساڻس گڏ ٿي جاڳيو، اميدان منهنجي هٿن ۾ ڪتاب ڏسي سمجهي ويندي آهي ته آءُ ڪنهن قومي پروگرام ۾ ويو آهيان ۽ هميشه وانگر ڌوتل ٽوال واش بيسن جي هينگر ۾ ٽنگي هٿ منهن ڌوئي تازي ٿيڻ جو چوندي ۽ پاڻيءَ جو نيم ٿڌو گلاس پري ٽيبل تي رکي مانيءَ کڻڻ لاءِ رڌڻي ۾ ويندي ۽ ويندي ويندي چئي ويندي وڌيڪ احوال سڀاڻي ڪجو، مان يقين سان سنڌ جو خوش نصيب ماڻهو آهيان جو مون کي اميدان جهڙي زال ملي آهي، جيڪا منهنجي سياسي، ادبي ۽ قومي ڪمن ۾ نه صرف هٿ ونڊائي ٿي پر گهڻن وقتن تي گڏ به هوندي آهي، صبح جو پڇيائين، ” ڪالهه ڪهڙي ادبي پروگرام ۾ ويا هئا“، چيومانس. ” ڪنهن ادبي پروگرام ۾ نه ويو هوس“، پڇيائين، ” پوءِ “، چيومانس، ” ڪالهه مان هڪ عظيم هستيءَ جي ورسيءَ جي تقريب ۾ ويو هوس جنهن ۾ سندس متعلق هڪ ڪتاب جو مهورت پڻ ٿيو“، پڇيائين، ” ڪهڙي شخصيت؟“، چيومانس، ” سنڌ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم، شهيد الله بخش سومرو جن جي ورسي تقريب هئي، ان ۾ شرڪت لاءِ ويو هوس“، اميدان کان رڙ نڪري ويئي، چيائين، ” سنڌ جو ڪو وزير اعظم به هو ڇا؟“، چيومانس، ” ها، بلڪل هو“ چيائين، ” افسوس، اوهان سان گڏ رهندي به مون کي اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته ڪو سنڌ جو چونڊيل وزير اعظم به هو“، پڇيائين، ”ڪڏهن“، چيومانس، ” 1935ع، ۾ جڏهن سنڌ هڪ آزاد، خود مختيار ۽ خوشحال ملڪ هو، تاريخ ۾ پهريون دفعو سوين سازشن جي باوجود سنڌ جي اقتدارِ اعلى جي ايوان مان انتهائي ڏاهپ، اورچائي ۽ سياسي فهم ۽ فراست سان شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو وزير اعظم چونڊيو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ شڪارپور ۾ شهيد ڪيو ويو هو“، اميدان هڪ ٿڌو ۽ وڏو ساهه کنيو ۽ چيو، ” ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان سنڌين جي قومي سياست هميشه دوکيبازن ۽ غدارن جي هٿ رهي آهي ۽ اسان جا قومي اڳواڻ هميشه انهن جي سازشن جو نشانو رهيا آهن، سنڌ جو اقتدارِ اعلى پهريون دفعو ڪنهن وطن دوست انسان جي هٿ ۾ آيو ته ان کي به قتل ڪيو ويو“ اميدان چيو،” توهان ۽ توهان جي ساٿين سميت سڄي سنڌي قوم جي جدوجهد مان اها اميد پيدا ٿي آهي ته وري جلد ئي ڪو سنڌي جو وزير اعظم ٿيندو، اسان کڻي سنڌ جي ايندڙ وزير اعظم کي پنهنجي اکين سان نه به ڏسي سگهون پر موريو ضرور ڏسندو“. اميدان کي چيم، ” اميد، جدوجهد ۽ وطن سان سچائي هڪ ڏينهن اسان کي پنهنجي منزل تي ضرور رسائندي“، [/JUSTIFY]
جواب: / وزير اعظم سِنڌُ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي / شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو اهو سياستدان هو جنهن سنڌڏ جي آزاديڀ جي گهر ڪئي هئي ۽ هڪ آزاد سنڌ لاء هن ان وقت جي برطانوي حڪمرانن سان پڻ ڳالهايو هو۔ شهيد الله بخش سومرو جي ڪوششن سان ئي مولانا عبيدالله سنڌِ جي واپسي ٿي سگهي هئي ۽ هو پاڻ مولانا سنڌيء جي استقبال لاء ويو هو۔ هڪ سازش تحت سنڌ جي هن سپوت کي شهيد ڪري سنڌ جي آزاديء واري تحريڪ کي ختم ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي تحريڪ زور پڪڙيو۔