/ وزير اعظم سِنڌُ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

'ڪهاڻيون' فورم ۾ زاهد ميراڻي طرفان آندل موضوعَ ‏23 مئي 2011۔

  1. زاهد ميراڻي

    زاهد ميراڻي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏16 مئي 2011
    تحريرون:
    16
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    صحافي، ويب انجنيئر، شارٽ اسٽوري رائٽر، سياستڪار
    ماڳ:
    ڪراچي
    [JUSTIFY]
    مون کي گهر اچڻ ۾ دير ٿي ويئي، جڏهن گهر پهتم ته اميدان جاڳي پيئي ۽ موريو به ساڻس گڏ ٿي جاڳيو، اميدان منهنجي هٿن ۾ ڪتاب ڏسي سمجهي ويندي آهي ته آءُ ڪنهن قومي پروگرام ۾ ويو آهيان ۽ هميشه وانگر ڌوتل ٽوال واش بيسن جي هينگر ۾ ٽنگي هٿ منهن ڌوئي تازي ٿيڻ جو چوندي ۽ پاڻيءَ جو نيم ٿڌو گلاس پري ٽيبل تي رکي مانيءَ کڻڻ لاءِ رڌڻي ۾ ويندي ۽ ويندي ويندي چئي ويندي وڌيڪ احوال سڀاڻي ڪجو،
    مان يقين سان سنڌ جو خوش نصيب ماڻهو آهيان جو مون کي اميدان جهڙي زال ملي آهي، جيڪا منهنجي سياسي، ادبي ۽ قومي ڪمن ۾ نه صرف هٿ ونڊائي ٿي پر گهڻن وقتن تي گڏ به هوندي آهي،
    صبح جو پڇيائين، ” ڪالهه ڪهڙي ادبي پروگرام ۾ ويا هئا“،
    چيومانس. ” ڪنهن ادبي پروگرام ۾ نه ويو هوس“،
    پڇيائين، ” پوءِ “،
    چيومانس، ” ڪالهه مان هڪ عظيم هستيءَ جي ورسيءَ جي تقريب ۾ ويو هوس جنهن ۾ سندس متعلق هڪ ڪتاب جو مهورت پڻ ٿيو“،
    پڇيائين، ” ڪهڙي شخصيت؟“،
    چيومانس، ” سنڌ جي پهرين چونڊيل وزير اعظم، شهيد الله بخش سومرو جن جي ورسي تقريب هئي، ان ۾ شرڪت لاءِ ويو هوس“،
    اميدان کان رڙ نڪري ويئي، چيائين، ” سنڌ جو ڪو وزير اعظم به هو ڇا؟“،
    چيومانس، ” ها، بلڪل هو“
    چيائين، ” افسوس، اوهان سان گڏ رهندي به مون کي اها خبر پئجي نه سگهي آهي ته ڪو سنڌ جو چونڊيل وزير اعظم به هو“،
    پڇيائين، ”ڪڏهن“،
    چيومانس، ” 1935ع، ۾ جڏهن سنڌ هڪ آزاد، خود مختيار ۽ خوشحال ملڪ هو، تاريخ ۾ پهريون دفعو سوين سازشن جي باوجود سنڌ جي اقتدارِ اعلى جي ايوان مان انتهائي ڏاهپ، اورچائي ۽ سياسي فهم ۽ فراست سان شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو وزير اعظم چونڊيو ويو هو، جنهن کي بعد ۾ شڪارپور ۾ شهيد ڪيو ويو هو“،
    اميدان هڪ ٿڌو ۽ وڏو ساهه کنيو ۽ چيو، ” ڪيڏي نه افسوس جي ڳالهه آهي جو اسان سنڌين جي قومي سياست هميشه دوکيبازن ۽ غدارن جي هٿ رهي آهي ۽ اسان جا قومي اڳواڻ هميشه انهن جي سازشن جو نشانو رهيا آهن، سنڌ جو اقتدارِ اعلى پهريون دفعو ڪنهن وطن دوست انسان جي هٿ ۾ آيو ته ان کي به قتل ڪيو ويو“
    اميدان چيو،” توهان ۽ توهان جي ساٿين سميت سڄي سنڌي قوم جي جدوجهد مان اها اميد پيدا ٿي آهي ته وري جلد ئي ڪو سنڌي جو وزير اعظم ٿيندو، اسان کڻي سنڌ جي ايندڙ وزير اعظم کي پنهنجي اکين سان نه به ڏسي سگهون پر موريو ضرور ڏسندو“.
    اميدان کي چيم، ” اميد، جدوجهد ۽ وطن سان سچائي هڪ ڏينهن اسان کي پنهنجي منزل تي ضرور رسائندي“،
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: / وزير اعظم سِنڌُ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    شهيد الله بخش سومرو سنڌ جو اهو سياستدان هو جنهن سنڌڏ جي آزاديڀ جي گهر ڪئي هئي ۽ هڪ آزاد سنڌ لاء هن ان وقت جي برطانوي حڪمرانن سان پڻ ڳالهايو هو۔ شهيد الله بخش سومرو جي ڪوششن سان ئي مولانا عبيدالله سنڌِ جي واپسي ٿي سگهي هئي ۽ هو پاڻ مولانا سنڌيء جي استقبال لاء ويو هو۔

    هڪ سازش تحت سنڌ جي هن سپوت کي شهيد ڪري سنڌ جي آزاديء واري تحريڪ کي ختم ڪيو ويو ۽ پاڪستان جي تحريڪ زور پڪڙيو۔
     
  3. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: / وزير اعظم سِنڌُ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    تمام بهترين ڪهاڻي ميراڻي صاحب۔
     
  4. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: / وزير اعظم سِنڌُ / مختصر ڪهاڻي / زاهد ميراڻي /

    ادا بهترين ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو