رات مري ويا ايسين وارا

جاويد نواز

سينيئر رڪن
ٿيندا تنگ گهڻو ويچارا
رات مري ويا ايسين وارا

مس ته وريو آ مڇرن وارو
ٿيندو لپاٽن جو وسڪارو
ڏيندا تن کي ڏاڍا ڏارا
رات مري ويا ايسين وارا

بجلي جي اکٻوٽ لڳل آ
ٻارن جو ڪيهاٽ مچيل آ
ويل ۾ گهر جا ڀاتي سارا
رات مري ويا ايسين وارا
 
جواب: رات مري ويا ايسين وارا

ها ادا اهي تادي آهي اسان سان گرمين جي موسمن ۾ پر ادا ڇا ڪجي انهن سان منهن ته ڏيڻو آهي​
 
جواب: رات مري ويا ايسين وارا

ادا بهترين شاعري ۽ بلڪل سهي ڳالهه ته ايسين وارن سان ته واقعي به حالت ٿيندي آهي ڇو ته هو نارمل موسم جا عادي نه هوندا آهن ۽ عام ماڻهو تي الله جي رحمت مڇر هجن يا گرمي ۾ ڪپڙا پسي وڃن پر گهوگهرا اهڙا هڻندو جو لڳندو ته ڪو سڀ ڍور ڍڳا کپائي بي اونو ٿي ستو آهي
 
جواب: رات مري ويا ايسين وارا

يار جاويد ڳالهه ئي نه پڇ ۔۔۔۔۔

رات 8 بجي لائيٽ وئي ته وري 2 بجي آئي ۽ وري 3 بجي وئي ته صبح تائين ڪونه آئي هئي ۽ مان آفيس هليو آيس۔

هتي اچي خبر پئي ته اڄ اي سي پلانٽ به ڪم ڪونه پيو ڪري ۽ پکا به ڪونهن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ بس يار ڇا ڪجي۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top