• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت منھنجي من کي چين ناھي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
دوستو سلام

شيخ اياز جي ڪتاب ڀونئر ڀري آڪاس ۾ان سندس شاعريء جي چونڊ جيڪا فيس بوڪ تي سنڌو سنڌيء ونڊ ڪئي هئي، ان جي ڊزائن اوهان سان شيئر ڪجي ٿي:

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت
منھنجي من کي چين ناھي

ھاءِ، ڪھڙي رات آھي
چنڊ منھنجو ناھي ميت
منھنجي من کي چين ناھي

ھيءُ گلابي رُت ڇڏي
مون کان رسي ويا ڪيئن گيت
منھنجي من کي چين ناھي

ھار ڪائي ھار ناھي
جيت ڪائي ناھي جيت
منھنجي من کي چين ناھي

تون ڪٿي آھين پرين، آھي
ڪٿي اڄ تنھنجي پريت
منھنجي من کي چين ناھي

ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت
منھنجي من کي چين ناھي


250594_2084163701907_1179567033_32628613_5475769_n.jpg


ساڳيو ڪلام جيجي زرينه بلوچ جي آواز ۾ ڳايل :

 
Back
Top