ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت منھنجي من کي چين ناھي

'شيخ اياز' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    دوستو سلام

    شيخ اياز جي ڪتاب ڀونئر ڀري آڪاس ۾ان سندس شاعريء جي چونڊ جيڪا فيس بوڪ تي سنڌو سنڌيء ونڊ ڪئي هئي، ان جي ڊزائن اوهان سان شيئر ڪجي ٿي:

    ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت
    منھنجي من کي چين ناھي

    ھاءِ، ڪھڙي رات آھي
    چنڊ منھنجو ناھي ميت
    منھنجي من کي چين ناھي

    ھيءُ گلابي رُت ڇڏي
    مون کان رسي ويا ڪيئن گيت
    منھنجي من کي چين ناھي

    ھار ڪائي ھار ناھي
    جيت ڪائي ناھي جيت
    منھنجي من کي چين ناھي

    تون ڪٿي آھين پرين، آھي
    ڪٿي اڄ تنھنجي پريت
    منھنجي من کي چين ناھي

    ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت
    منھنجي من کي چين ناھي


    [​IMG]

    ساڳيو ڪلام جيجي زرينه بلوچ جي آواز ۾ ڳايل :


     
  2. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪيئن ڪريان مان، ڪنھن به ريت منھنجي من کي چين ناھي

    واهه سائين واهه بهترين ادا ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو