ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي هٿياربند گروپن وٽ پوليس کان وڌيڪ هٿيار آهن، وڏو گروپ ايم ڪيو ايم جو آهي:وڪي ليڪس
ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي هٿياربند گروپن وٽ پوليس کان وڌيڪ هٿيار آهن، سڀ کان وڏو هٿياربند گروپ ايم ڪيو ايم جو آهي، هڪ خانگي ٽي وي چينل موجب آمريڪا جي اڳوڻي سفير اين ڊبليو پيٽرسن لکيو آهي ته پوليس جو اندازو آهي ته ايم ڪيو ايم وٽ 10 هزار هٿياربند ڪارڪن آهن ۽ وڌيڪ 25 هزار ويڙهاڪ ريزرو آهن، آمريڪي خط ۾ ايم ڪيو ايم جي انهن ڪارڪنن کي سٺا دوست قرار ڏنو ويو آهي، خط موجب ايم ڪيو ايم (حقيقي) لانڍي ۽ ڪورنگي جي علائقن ۾ پنهنجا هٿياربند گروپ برقرار رکيا آهن، حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جي شموليت بعد حقيقي جا گهڻا ڪارڪن سني تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا، انهن ڪارڪنن جي شموليت سان سني تحريڪ گهڻي طاقتور ٿي آهي ۽ ان متحده قومي موومينٽ جيان سيڪٽر ۽ يونٽ قائم ڪيا آهن، جن جا سيڪٽر ۽ يونٽ ڪمانڊر هوندا آهن، پيپلز پارٽي بابت خط ۾ چيو ويو آهي ته روايتي طور ان جو ڪو به هٿياربند گروپ ناهي پر نئين حڪومت پ پ ڪارڪنن کي وڏي انگ ۾ هٿيارن جا لائسنس ڏنا آهن، خط ۾ هڪ پوليس عملدار جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته پ پ ڪارڪن جلد ايترا هٿياربند هوندا جيترا ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهن، خط موجب فاٽا ۾ آپريشن بعد پختون وڏي انگ ۾ ڪراچي آيا آهن، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته سهراب ڳوٺ جو پختون اڪثريت وارو علائقو نوگو ايريا بڻجي چڪو آهي، هڪ پوليس عملدار موجب اي اين پي جا هٿياربند ڀتي جي معاملي تي ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ماڻهن سان جنگ ۾ مصروف آهن.
روزانه ڪاوش جي خبر