• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي هٿياربند گروپن وٽ پوليس کان وڌيڪ هٿيار آهن (وڪي ليڪس)

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي هٿياربند گروپن وٽ پوليس کان وڌيڪ هٿيار آهن، وڏو گروپ ايم ڪيو ايم جو آهي:وڪي ليڪس



ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) وڪي ليڪس انڪشاف ڪيو آهي ته ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي هٿياربند گروپن وٽ پوليس کان وڌيڪ هٿيار آهن، سڀ کان وڏو هٿياربند گروپ ايم ڪيو ايم جو آهي، هڪ خانگي ٽي وي چينل موجب آمريڪا جي اڳوڻي سفير اين ڊبليو پيٽرسن لکيو آهي ته پوليس جو اندازو آهي ته ايم ڪيو ايم وٽ 10 هزار هٿياربند ڪارڪن آهن ۽ وڌيڪ 25 هزار ويڙهاڪ ريزرو آهن، آمريڪي خط ۾ ايم ڪيو ايم جي انهن ڪارڪنن کي سٺا دوست قرار ڏنو ويو آهي، خط موجب ايم ڪيو ايم (حقيقي) لانڍي ۽ ڪورنگي جي علائقن ۾ پنهنجا هٿياربند گروپ برقرار رکيا آهن، حڪومت ۾ ايم ڪيو ايم جي شموليت بعد حقيقي جا گهڻا ڪارڪن سني تحريڪ ۾ شامل ٿي ويا، انهن ڪارڪنن جي شموليت سان سني تحريڪ گهڻي طاقتور ٿي آهي ۽ ان متحده قومي موومينٽ جيان سيڪٽر ۽ يونٽ قائم ڪيا آهن، جن جا سيڪٽر ۽ يونٽ ڪمانڊر هوندا آهن، پيپلز پارٽي بابت خط ۾ چيو ويو آهي ته روايتي طور ان جو ڪو به هٿياربند گروپ ناهي پر نئين حڪومت پ پ ڪارڪنن کي وڏي انگ ۾ هٿيارن جا لائسنس ڏنا آهن، خط ۾ هڪ پوليس عملدار جي حوالي سان ڄاڻايو ويو آهي ته پ پ ڪارڪن جلد ايترا هٿياربند هوندا جيترا ايم ڪيو ايم جا ڪارڪن آهن، خط موجب فاٽا ۾ آپريشن بعد پختون وڏي انگ ۾ ڪراچي آيا آهن، اي اين پي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڇڪتاڻ وڌي رهي آهي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته سهراب ڳوٺ جو پختون اڪثريت وارو علائقو نوگو ايريا بڻجي چڪو آهي، هڪ پوليس عملدار موجب اي اين پي جا هٿياربند ڀتي جي معاملي تي ايم ڪيو ايم جي هٿياربند ماڻهن سان جنگ ۾ مصروف آهن.

روزانه ڪاوش جي خبر
 
جواب: ڪراچي ۾ سياسي پارٽين جي هٿياربند گروپن وٽ پوليس کان وڌيڪ هٿيار آهن (وڪي ليڪس)

مطلب وڙهن سانهه پٽجن ٻوڙا ۔۔۔۔ ويچارا سنڌي جن وٽ نه هٿيار آهن ۽ نه هٿيار بند ۔۔۔ سدائين رلهي ڪلهي تي ۔۔۔ ڪراچيءَ ۾ جڏهن جهيڙا ٿيندا آهن يا وري ڪراچيءَ تي مالڪيءَ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته سنڌين جا ٿيلها تيار ٿي ويندا آهن ۽ رلهي ڪلهي تي وڃي ڳوٺ ساهه پٽيندا آهن، جڏهن ته ٻين قومن سان ڪو مسئلو ٿيندو آهي ته نه فقط موجود ماڻهون پاڻ کي مضبوط ڪندا اهن بلڪ ٻاهران وڌيڪ ماڻهون گهرائي مقابلو ڪندا آهن ۔۔۔ باقي رهيو ايم ڪيو ايم جو ته سندن حق آهي ته هو پاڻکي مضبوط ڪن، ڇاڪاڻ ته سنڌين کين پنهنجو ڪيو ڪون، ۽ نه وري کين ايترو زور بار ڪيو ته هو سنڌي ٿي وڃن ته سندن سنڌي مالڪي ڪندا، مهاجرن جڏهن ڏٺو ته سنڌي پاڻ ويچار لڳا پيا آهن، ٻڪري جيئان ڪسجڻ لاءَ هميشه تيار آهن ته هنن ڪات پنهنجن هٿن ۾ کنيا آهن ۽ آرام سان ويهي اسانکي ڪهن ٿا ۔۔۔

ادا سليمان يار مونکي ته ڪنهن انڌي منڊي ٿوڦڪ جو لائسنس ڏياريو ۔۔۔ ته پاڻ به ڪنهن ٺڪاوَ ڪرڻ جهڙا ٿيون ۔۔۔ باقي هاڻ ڪراچي ڇڏي ڀڄبو ڪون ۔۔۔ الله مالڪ آهي۔

سنڌين جي جاڳڻ جي دير آهي ۔۔۔ پر ڪيتري دير نٿو چئي سگهجي؟

سٺي معلومات آهي هن وڪي ليڪس جي ليڪ ۾ ۔۔۔
 
Back
Top