نثارابڙو
نائب منتظم
جڏهن آءُ ننڍڙو هيس، منهنجي امڙ مون لاءِ هميشه خاص ناشتو تيار ڪندي هئي، هڪ ڏينهن مونکي هڪ واقعو ياد آهي ته ان ڏينهن، امڙ تمام گهڻو مصروف هئي، کوڙ سارا گهر جا ڪم ڪرڻا هيس، شام جو بابا جڏهن گهر آيو ته امڙ سندس سامهون ڪجهه ٻوڙ ۽ آنا تريل ۽ ڪجهه سڙيل ماني آڻي آڏو رکي ...
آءُ ان انتظار ۾ هيس ته ڄاڻ بابا رڙ ڪئي..! پر بابا ماني ڏسي، امڙ طرف هلڪي مشڪ مشڪي، مونڏانهن ڏسي چيائين، پٽ! تنهنجو اڄ اسڪول وارو ڏينهن ڪيئن گذريو؟ مونکي ياد ناهي ته مون کيس ڇا جواب ڏنو هو، پر مونکي اهو ياد آهي ته بابا اها ماني تمام مزي سان ٻوڙ ۾ ٻوڙي کاڌي هئي، جڏهن آءُ اڃان ٽيبل تان اٿي ٿورو پرڀرو ٿيس ته، امڙ، مانيءَ جي ٿوري سڙي وڃڻ جي بابا کان معافي گهري، بابا جو جواب مونکان ڪڏهن نه وسرندو،
بابا چيو، منهنجي مٺڙي، مونکي سڙيل ماني تمام گهڻي وڻندي آهي ...!!!!
رات جي دير سان، آءُ بابا وٽ ويس ته کيس سمهڻ کان اڳ جي چمي ڏئي اچان، مون موقعو ڏسي بابا کان معلوم ڪيو ته ڇا کيس واقعي سڙيل ماني وڻندي آهي.؟
بابا مونکي پنهنجين ٻاهن ۾ جڪڙي ڀاڪر ۾ ڪيو ۽ هڪ چمي ڏئي چيو، تنهنجي امي يقينن سڄو ڏينهن ڪم ڪيو هوندو، ۽ ٿڪل هوندي، جڏهن ته ماني پچائيندي پڻ ٻيا ڪم ڪيا هوندائين، جنهن سبب ماني ٿوري سڙي وئي هئي، ۽ ان ماني کائڻ سان مونکي ڪو نقصان ته نه ٿيندو، پٽ! توکي اها خبر آهي ته زندگي تمام گهڻين خامين جو نالو آهي، تمام گهڻيون اڻوندڙ شيون ٿين ٿيون، آءُ پاڻ به هميشه سڀ کان بهتر ته ناهيان هوندو، مونکان به ڪيتريون ئي غلطيون ٿينديون آهن، مون پنهنجي زندگيءَ جي تجربن مان سکيو آهي ته اسانکي هڪٻئي جي غلطين کي قبول ڪرڻ گهرجي، ۽ هڪٻئي جي غلطين مان سکندي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي پنهنجي فرق تي خوش ٿيڻ گهرجي، سٺڻ، سهڻن، پيارن ۽ پائدار رشتيداريءَ جي ڪنجي آهي، هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ.
________________________________________
۽ اها منهنجي دعا آهي اوهان لاءِ، ته اوهان پنهنجن رشتن کي سهڻو بڻايو ..! اوهان پنهنجن رشتن جون سٺايون، برايون ۽ بڇڙايون قبول ڪندي انهن کي سنواريو، رب جي ذات ۾ ڀروسو رکو، ڇاڪاڻ ۾ آخر اهو ئي آهي جيڪو اوهانکي اهڙا رشتيدار ڏئي ٿو جيڪي اوهانجي سڙيل ماڻي قبول ڪنٿا ۽ رشتن کي ڪامياب ڪنٿا ... هڪٻئي کي سمجهڻ رشتي جو بنياد هوندو آهي، اسانکي پنهنجن رشتن کي سمجهڻ گهرجي ۽ انهن جو احترام ڪرڻ گهرجهي.