سڙيل ماني؛

'مختصر پر سبق آموز' فورم ۾ نثارابڙو طرفان آندل موضوعَ ‏26 مئي 2011۔

  1. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    [​IMG]

    [JUSTIFY]جڏهن آءُ ننڍڙو هيس، منهنجي امڙ مون لاءِ هميشه خاص ناشتو تيار ڪندي هئي، هڪ ڏينهن مونکي هڪ واقعو ياد آهي ته ان ڏينهن، امڙ تمام گهڻو مصروف هئي، کوڙ سارا گهر جا ڪم ڪرڻا هيس، شام جو بابا جڏهن گهر آيو ته امڙ سندس سامهون ڪجهه ٻوڙ ۽ آنا تريل ۽ ڪجهه سڙيل ماني آڻي آڏو رکي ...
    آءُ ان انتظار ۾ هيس ته ڄاڻ بابا رڙ ڪئي..! پر بابا ماني ڏسي، امڙ طرف هلڪي مشڪ مشڪي، مونڏانهن ڏسي چيائين، پٽ! تنهنجو اڄ اسڪول وارو ڏينهن ڪيئن گذريو؟ مونکي ياد ناهي ته مون کيس ڇا جواب ڏنو هو، پر مونکي اهو ياد آهي ته بابا اها ماني تمام مزي سان ٻوڙ ۾ ٻوڙي کاڌي هئي، جڏهن آءُ اڃان ٽيبل تان اٿي ٿورو پرڀرو ٿيس ته، امڙ، مانيءَ جي ٿوري سڙي وڃڻ جي بابا کان معافي گهري، بابا جو جواب مونکان ڪڏهن نه وسرندو،
    بابا چيو، منهنجي مٺڙي، مونکي سڙيل ماني تمام گهڻي وڻندي آهي ...!!!!
    رات جي دير سان، آءُ بابا وٽ ويس ته کيس سمهڻ کان اڳ جي چمي ڏئي اچان، مون موقعو ڏسي بابا کان معلوم ڪيو ته ڇا کيس واقعي سڙيل ماني وڻندي آهي.؟
    بابا مونکي پنهنجين ٻاهن ۾ جڪڙي ڀاڪر ۾ ڪيو ۽ هڪ چمي ڏئي چيو، تنهنجي امي يقينن سڄو ڏينهن ڪم ڪيو هوندو، ۽ ٿڪل هوندي، جڏهن ته ماني پچائيندي پڻ ٻيا ڪم ڪيا هوندائين، جنهن سبب ماني ٿوري سڙي وئي هئي، ۽ ان ماني کائڻ سان مونکي ڪو نقصان ته نه ٿيندو، پٽ! توکي اها خبر آهي ته زندگي تمام گهڻين خامين جو نالو آهي، تمام گهڻيون اڻوندڙ شيون ٿين ٿيون، آءُ پاڻ به هميشه سڀ کان بهتر ته ناهيان هوندو، مونکان به ڪيتريون ئي غلطيون ٿينديون آهن، مون پنهنجي زندگيءَ جي تجربن مان سکيو آهي ته اسانکي هڪٻئي جي غلطين کي قبول ڪرڻ گهرجي، ۽ هڪٻئي جي غلطين مان سکندي هڪٻئي جي مدد ڪرڻ گهرجي ۽ پنهنجي پنهنجي فرق تي خوش ٿيڻ گهرجي، سٺڻ، سهڻن، پيارن ۽ پائدار رشتيداريءَ جي ڪنجي آهي، هڪٻئي کي برداشت ڪرڻ.
    ________________________________________
    ۽ اها منهنجي دعا آهي اوهان لاءِ، ته اوهان پنهنجن رشتن کي سهڻو بڻايو ..! اوهان پنهنجن رشتن جون سٺايون، برايون ۽ بڇڙايون قبول ڪندي انهن کي سنواريو، رب جي ذات ۾ ڀروسو رکو، ڇاڪاڻ ۾ آخر اهو ئي آهي جيڪو اوهانکي اهڙا رشتيدار ڏئي ٿو جيڪي اوهانجي سڙيل ماڻي قبول ڪنٿا ۽ رشتن کي ڪامياب ڪنٿا ... هڪٻئي کي سمجهڻ رشتي جو بنياد هوندو آهي، اسانکي پنهنجن رشتن کي سمجهڻ گهرجي ۽ انهن جو احترام ڪرڻ گهرجهي.
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سڙيل ماني؛

    سائين نثار لاجواب ونڊ آهي

    لکڻ لاء لفظ ڪونه ٿا ملن ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش اسان اهو سڀ سمجهون ۽ نه صرف سمجهون پر ان تي عمل ڪيون۔

    اوهان جي اهڙي نصيحت آموز ونڊ تي اوهان کي واڌايون هجن جو اوهان اسان کي اهو احساس ڏياريندا رهو ٿا۔
     
  3. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: سڙيل ماني؛

    ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ نه آهي


    سدائين گڏ
     
  4. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: سڙيل ماني؛

    رشتن جو قدر ڏياريندڙ بهترين ليک
     
  5. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سڙيل ماني؛

    هي ليک مون تڏهن موڪليو هيو جڏهن اڃان اسانجو يار سليمان گهوٽ نه ٿيو هو، پر خئير سليمان سلڇڻو آهي، سڙيل ماني به کائي ويندو آهي، پر ڪي ماڻهون اصل اهڙا ٿين جو ان ننڍڙي غلطي تي خون ڪري وجهن ۔۔۔

    اسانجي ڳوٺ جو واقعو آهي ته هڪ همراهه (اسانجي مائٽ) پنهنجي زال سروٽو هڻي ماري وڌي ۔۔۔ ڳاله ڇا هئي ۔۔؟

    مائي ويچاري کي نئون ٻار ڄائو هيو، صبح سوير اٿي ماني به پچائڻي هوندي هيس، سو ويچاري اٿي ماني پچائڻ لئه، اڃان اٽو ڳوهيائين ٿي ته ننڍڙو ڪڪو پڻ جاڳي پيو ۽ روئڻ لڳو، مائي ڀڳي ته وڃي ننڍڙي کي ڏسان ۽ رڌوڻي به اٽو ڇڏي آئي، پويان آيا جو ڪڪڙ سي ان اٽي ۾ ٽهنگا هڻڻ لڳا، اوچتو ٻاهران مڙس ايندي ئي جو اهو لڪا ڏٺو ته رڙ ڪري زال کي گاريون ڏنائين، زال جواب ڏنو ته ننڍڙو روئي پيو، انڪري ويس انکي کڻڻ، تنهن تي همراه کي ڪاوڙ آئي سو کنيائين هٿ ۾ سروٽو، اڇلائي هنيائين مائي کي،

    الله جي رضا سان اهو سروٽو مائي جي مٿي تي هنڌائتو لڳو ۽ مائي اتي ئي دم ڏنو ۔۔۔۔

    سو دوستو! ڪيو ڳالهه، ڪريو انصاف، آهي ڪا ڳالهه جنهن تي پنهنجي گهر ڌياڻي کي ماري وڌائين ۔۔۔ ؟؟؟؟؟؟؟ ”مائي جو خون آيو ويو ٿي ويو ۔۔۔ڇاڪاڻ گهر جي ڳالهه گهر ۾ ئي دفن ٿي وئي ۔۔۔“

    ههڙا هاڃا ٿين بري هن ڀنڀور ۾
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو