• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو

ڏاڏل شينو

سينيئر رڪن
پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو​

ڪنهن کي چوان سجڙو ويو لهي
هٿين کالي هليا ، سفر نه ٿيو صحي

سمجهيو سين رستو اڃان گهڻو آهي
پورو ٿيئڙو پنڌ خبر ئي نه پئي

ڏنگينديون رهيون بڻجي جي تمنائون
هڪ پوري ٿي ته ٻي رهجي وئي

پاڻ ٿيا سين پنهنجي تيرن جا گهائل
پنهنجي نشترن سان پيا هٿڙا ڪپجي

هٿ سان لٽايو پنهنجو ئي قافلو
پاڻ ئي رستي تان ويا سون ڀٽڪي

پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو
ڏاڏل ڏکيا ٿياسين ته پيا سين لٽڪي

 
جواب: پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو

الله خودڪشي ۽ خودڪش کان بچائي۔۔۔۔
 
جواب: پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو

سائي لاش جو ٽڪرا ٽڪرا ٿي وڃي ته بهتر آهي ٽنگجي مرون گهٽ ۾ گهٽ لاش ته ثابت ملندو نه ته ڌماڪي ۾ مئل جانور بهه قبر ۾ گڏ هوندا ۔
وسلام
 
جواب: پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو

پاڻ ٿيا سين پنهنجي تيرن جا گهائل
پنهنجي نشترن سان پيا هٿڙا ڪپجي

شاعري ته سٺي آهي پر اسان جون دعائون آهن ته ڏاڏل اهڙا ڏينهن نه ڏسي ۔۔۔۔۔۔۔

اسان پنهنجي دوستن کي خوش ٿيندي ڏسندا آهيون ته پنهنجي خوشيء جي به انتها ڪانه هوندي آهي۔

شال اوهان خوشين سان مالا مال هجو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين
 
جواب: پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو

شاعري ته سٺي آهي پر اسان جون دعائون آهن ته ڏاڏل اهڙا ڏينهن نه ڏسي ۔۔۔۔۔۔۔

اسان پنهنجي دوستن کي خوش ٿيندي ڏسندا آهيون ته پنهنجي خوشيء جي به انتها ڪانه هوندي آهي۔

شال اوهان خوشين سان مالا مال هجو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔آمين

سائين اڄ جن حالتن مان اسان گذري رهيا آهيون انهن حالتن جا پاڻ ئي موجد آهيون اسان پنهنجا هٿ پاڻ ڪپيا آحن اسان پنهنجي وجود کي پنهنجي هٿن سان زخمي ڪيو آهي ۔

 
جواب: پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو

هٿ سان لٽايو پنهنجو ئي ڪافلو
پاڻ ئي رستي تان ويا سون ڀٽڪي

ادا بھترين خيال آھن۔
پر ڪافلو نه پر قافلو ٿيندو
 
جواب: پنهنجو ئي دار هو پنهنجو رسو هو

سائين ڏاڏل تمام بهترين

ڏنگينديون رهيون بڻجي جي تمنائون
هڪ پوري ٿي ته ٻي رهجي وئي
 
Back
Top