محبت

'مقالا' فورم ۾ سچار سنڌي طرفان آندل موضوعَ ‏27 مئي 2011۔

  1. سچار سنڌي

    سچار سنڌي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏6 مئي 2011
    تحريرون:
    35
    ورتل پسنديدگيون:
    16
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    هر حقيقت کان مٿي آهي مزاج

    هر عبادت کان چڱو آهي شباب (اياز)

    محبت کي سمجهڻ به هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي هوندي، اهو فن به ڪنهن ڪنهن کي عطا ٿيندو آهي. ڪجهه ماڻهو پنهنجي اندر جي هوس کي محبت جو نالو ٿا ڏين ڪي وري ان کي گهٽ وڌ ٿا سمجهن ته ڪي وري پنهنجي ذاتي ضرورت کي محبت سمجهي ڄاڻي واڻي ان جي توهين ڪري رهيا آهن. يا وري ناداني ۾ هن حسين جذبي کي صحيح طور تي سمجهڻ ئي نه ٿا گهرن. حقيقت ۾ ته اڃا تائين ماڻهو محبت کي سمجهڻ ۾ ئي پورا آهن ته آخر اها محبت آهي ڇا؟

    مون کي ماءُ مزاج، پاڃاري جيئن پڃيو،

    ورد وظيفا سڀ وسريا، نڪا رهي نماز،

    هينئڙو بحري باز، چائي چنبن ۾ ڪيو. (شاهه)

    جهڙي ريت شاعري ۾ محبت کي هڪ جذبي طور پيش ڪجي ٿو ته ڇا اها پنهنجي اهميت به اوتري ئي رکي ٿي؟ جيڪڏهن اسان هن کي هڪ مفروضي طور سمجهون ته اهو انتهائي ڏکيو ٿيندو، جيئن فراڊ منجهي پيو هو. جي ها!! فراڊ جنهن کي ماڻهو ماهر نفسيات ۽ علم جي هڪ درس گاهه ٿا سمجهن. جن جي نظريي تي غور ڪجي ته سندس چوڻ آهي ته محبت جنسي خواهش جي نالي کان سواءِ ٻيو ڪجهه به نه آهي. ٻيو ته ٺهيو سندس نظريي موجب هو ماءُ پيءُ، ڀيڻ ڀاءُ جي محبت کي به هڪ جنسي خواهش ئي سمجهي ٿو!! ڏٺو وڃي ته سندس اهو نظريو انتهائي کوکلو ۽ بي اثر آهي، محبت ۽ حَوَس کي هڪ ئي معنيٰ ڏيڻ انتهائي غلط آهي.

    جهڙي ريت اسين سمجهون ٿا ته محبت هڪ اهڙو جذبو آهي جيڪو هر رشتي ۾ پاڻ ئي پنهنجي محدود جاءِ ٺاهي ٿو ۽ ان کي اهڙي اهميت ڏئي ٿو. ان جو مثال جيڪڏهن اسين پنهنجي سماج ۾ ڏيون ته شايد غلط ٿيندو. سوال اٿندا پر جي ان کي ٻاهرئين ملڪ جي ثقافت سان ڀيٽيون ته غلط نه ٿيندو. اتي به ماءُ، ڀيڻ، ڀاءُ، پيءُ جي رشتن کي اها ئي اهميت حاصل آهي انهن رشتن سان ازدواجي رشتو نه ٿو جوڙي سگهجي. هتي ٻه نظريا ٿي سگهن ٿا هر ڪنهن جي سوچ تي آهي (غلط ماڻهو جو انفرادي عمل ان جي ابتڙ ئي رهندو). حقيقت ۾ محبت پاڻ ۾ هڪ لچڪ به رکي ٿي پر وري ڪجهه ماڻهن کي لچڪ نه هجڻ جي وسيع دائرن ۾ منجهائي ٿي ڇڏي ته ڪٿي وري اها هڪ ئي مرڪز تي بيهاري محدود ڪري ڇڏي ٿي. محبت جا ڪي ئي روپ آهن. محبت جي ٻئي نظريي تي غور ڪجي ته محبت آهي ڇا؟

    خليل جبران چوي ٿو ته جڏهن ٻه جسم ائين ملن جو انهن وچ ۾ رتي جيترو به فرق باقي نه رهي اهي هڪ ٿي وڃن، انهن مان هڪ حصو پيدا ٿئي. جنهن کي ٻار چئبو آهي، ٺيڪ اهڙي ريت جڏهن ٻه روح پاڻ ۾ ملن ٿا ته ٻنهي ۾ هڪ نئون احساس پيدا ٿئي ٿو جنهن کي محبت ڪوٺجي ٿو. مطلب ته محبت ٻن روحن جو ميلاپ آهي. جيڪڏهن ان کي مرد عورت جي تعلق سان ڏسجي ته به اهو هڪ ميلاپ آهي. ڪنهن انگريزي رسالي ۾ پڙهيو هيم ۽ اهو مون کي بلڪل حقيقتن جي ويجهو محسوس ٿيو. انگريز ليکڪ جو چوڻ هو ته جڏهن ڪنهن شخص لاءِ ڪنهن ٻئي جي سلامتي ۽ اطمينان پنهنجي سلامتي ۽ اطمينان کان وڌيڪ اهم بڻجي وڃي ته سمجهو ته پيار ٿي ويو آهي.

    محبت ۾ پنهنجي ذاتي مطلب کان سواءِ پنهنجي پرينءَ جو مطلب ۽ ان جي خوشي وڌيڪ عزيز هوندي آهي. پر خود غرض ماڻهو نه ئي محبت ڪندا آهن ته ان قابل هوندا آهن جو انهن سان محبت ڪئي وڃي. وري اتي اهو سوال به پيدا ٿئي ٿو ته پوءِ اهڙو ڇا آهي جيڪي محنت جي دعويٰ ڪن ٿا ته اسان محبت ڪئي ان ۾ ٺڳي، خود غرضي، فريب مليو. ته پوءِ ان تي اهو ئي چئي سگهجي ٿو ته شايد اها محبت ئي نه هئي. ٿي سگهي ٿو ته اهو وقت گذران جو هڪ مشغلو هجي يا وقتي ضرورت جو ٻيو نالو هجي ڇو ته محبت ته قرباني جو نالو آهي جيڪڏهن محبت سچي آهي ته پوءِ پنهنجي مفاد جي ته ڳالهه ئي ناهي هوندي. محبت ڪرڻ وارا هر حال ۾ پنهنجي محبوب کي فائدو ڏيندا آهن. پنهنجي قسمت ۽ غلطين کي ڏوهه قرار ڏيندا آهن، ڪڏهن به پنهنجي محبوب جي بي وفائي تي واويلا نه ڪندا آهن. بلڪه پنهنجي محبوب جو جلوو پسڻ لاءِ سڄي ڄمار ويهي انتظار جي باهه ۾ سڙندا آهن پوءِ جي محبت سچي هوندي آهي ته اها ضرور رنگ لائيندي آهي ۽ هڪ ڏينهن اهو ايندو آهي جو سندن محبوب پاڻهي اچي پيش پوندو آهي. يا وري ڪو نياپو ملندو آهي.

    ڪتاب عشق جو عين، جيڪو ٻن حصن تي ٻڌل آهي، ۾ محبت جو بيان آهي جنهن جا ڪجهه پسنديده ٽڪرا هتي ڏئي رهي آهيان. محبت ويساهه سان اڻبي آهي، جيئن هر شيءِ جو روح آهي ٺيڪ تيئن محبت جو روح ويساهه آهي جنهن سان محبت جڙيل هوندي آهي. پهرين ته پنهنجو پاڻ تي يقين رک ته مون کي محبت آهي، تون ڪيئن ڪنهن لاءِ پنهنجي من ۾ محبت جو جذبو سانڍي دعويدار ٿو ٿين. توکي خبر آهي محبت ڪهڙي پيڙا جو نالو آهي، ڪڏهن پاڻ کي آزمايو اٿئي جدائي جي انهن گهڙين ۾ پاڻ کي غرق ڪري ڏس اهو چاهي ڪٿي به هجي جيڪڏهن تنهنجو يقين پڪو پختو آهي ته هڪ ڏينهن اهو هڪ طاقت بڻجي تنهنجي اڳيان ضرور ايندو جنهن جو تو گمان به نه ڪيو هوندو.

    هنن فقرن تي غور ڪرڻ کان پوءِ جي واقعي ئي ايمانداري سان تجزيو ڪري پنهنجي اندر محبت جو احساس سمجهجي ته پوءِ محبت جو اقرار ڪرڻ کان پهرين وري هڪ ٻئي پهلو تي نظر وجهي اڳتي ڏسجي ته ڇا پنهنجي پرين جي ناراضگي ۾ پنهنجي محبوب کان ٻه پل به پري خوش رهي سگهجي ٿو. ان جي ناراضگي ۾ خوشي ته محسوس نه ٿي ٿئي؟ پنهنجي محبوب کي رسوا ۽ بدنام ڪرڻ جهڙا ڪڌا ۽ ڪنا خيال ته نه ٿا اچن؟ اسان ان جي بربادي جي دعا ته نه ٿا گهرون؟ اسان سندس عزت آبرو دنيا آڏو رکي اوڻايون بيان ڪري سڪون ته محسوس نه ٿا ڪريون؟ سندس بي وفائي جو پڙهو ڏئي دنيا ۾ واويلا ته نه ٿا مچايون؟ جيڪڏهن اهو سڀ ڪجهه ڪريون ٿا ته مطلب اسان محبت نه ٿا ڪريون، محبت جي توهين ٿا ڪيون، تذليل ٿا ڪريون، کيس رسوا ٿا ڪريون سندس اهميت کي ڪيرايون ٿا ڇو ته محبت ته ڏيڻ جو نالو آهي وٺڻ جو نه. محبت ته دعائون ڏيڻ سيکاريندي آهي بد دعائون نه.

    جنهن کي ساڻ، پرينءَ جا سور،

    تنهن کي ندي ناهه، نگاهه ۾ (شاهه)

    اها محبت ئي ڪهڙي جيڪا ناراضگي ۽ مفاصلن جو خيال ڪري گهٽجي وڃي، محبت ته هڪ اهڙو احساس آهي جنهن جي ماپ نه گهٽجندي آهي نه ئي وڌندي آهي. ان جي ماپ سدائين هڪ جهڙي ۽ برابر رهندي آهي ۽ اسان جي زندگين ۾ توازن پيدا ڪندي آهي. اسان جي شخصيت مان ڪينو، ڪدورت، ساڙ، حسد جي پاڙ پٽي اسان ۾ همدردي، خلوص جو هڪ مٺڙو احساس ڀريندي آهي. ٻين جي مدد ڪرڻ، سندن تڪليفن کي سمجهڻ ۽ پنهنجي قلب کي پاڪ ڪري ان ۾ هڪ مٺڙي احساس جي سرهاڻ ڀري پنهنجي محبوب جي ڪوتاهين کي نظرانداز ڪري لڳاتار ان جي لاءِ ڪجهه ڪرڻ جو نالو محبت آهي، محبوب جي رسڻ سان محبت ڪڏهن نفرت ۾ ناهي بدلجندي. طعنا، مهڻا، شڪوه شڪايتون ته هونديون آهن پر اهي به پاڻ تائين محدود هونديون آهن نه ڪي دنيا جي اڳيان نڪرنديون آهن. جڏهن ڪنهن کي واقعي محبت جي لنئو لڳندي آهي ته محبت ۾ اهڙو اهڙو مقام به ايندو آهي جتي معشوق پنهنجو پاڻ کي پنهنجي محبوب جو وڪيل تصور ڪندو آهي.

    سڪ روحاني ساميئين جسمي جا هلن

    ٻگهن مڇيءَ من پار سي پسن ڪي نه ڪي

    (خواجه محمد زمان لنواري وارو)

    محبت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي آئون آخر ۾ ايترو ئي چونديس ته جيڪڏهن توهان لطف وٺڻ جي خواهش ۾ محبت ڪريو ٿا، رڳو وقت گذارڻ جي اصول تي هلي رهيا آهيو. اوهان جي محبت رڳو وقتي ضرورت موجب توهان جي محبت جڙيل آهي ان ۾ جيڪڏهن ڪو احساس، خلوص ٻئي لاءِ قرباني جو جذبو موجود ناهي ته خدارا، پنهنجي اندر جي ظرف کي جاڳايو ۽ سچائي تسليم ڪري ڪڏهن به پنهنجي محبوب سان محبت جو اظهار ڪري آءِ لويو، مون کي تو سان محبت آهي چئي سندس معصوم جذبن ۽ پاڪ احساسن جي خون ڪرڻ جي ڪابه ضرورت ناهي، بلڪ کيس آءِ نيڊ يو جو لقب ڏئي ڇڏيو، ڇو ته جنسي ضرورت مطلب ۽ خود غرضي سان جڙيل رشتا محبت جي پاڪيزه رشتن کان گهڻي قدر کوکلا ۽ ڪمزور هوندا آهن. اهڙن رشتن کي محبت جو نالو ڏئي محبت کي بدنام نه ڪريو جو ايندر وقت ۾ محبت جي مٺڙي احساس ۽ پاڪيزه رشتي جوڙڻ کان هر ڪو سئو ڪوهه پري ڀڄي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: محبت

    ادا سچار ڏاڍو سٺو ليک آهي

    محبت جهڙي مضمون تي لکڻ لاء ته ڪتاب ڀرجي ويندا

    مهربانيون اهڙي سهني ليک ونڊ ڪرڻ لاء
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: محبت

    محبت پائي من ۾ رنڊا به روڙبا تڏهن به انسان اگهامجي ويندو آهي، محبت انسان جي اندر جو اهو جذبو آهي جو ان جذبي سان جڏهن پٿر ۾ هٿ وجهبو آهي ته هيرو ٿي پوندو آهي ۽ لوهه ۾ هٿ وجهبو ته سون ٿي پوندو آهي ۔۔۔ محبت انسان کي ائين چمڪائي ڇڏيندي آهي جئين سج جي روشني چنڊ کي روشن ڪري ڇڏيندي آهي ۔۔۔

    ڪاش اسين سچي محبت کي سمجهون سگهون ۔۔۔

    محـــبت جـــي ميــــدان ۾، ڪــر پـــڙاڏو پـٽُ،
    سر سوريءَ، ڌڙ ڪنگرين، متان ڪڇين ڪٽُ،
    عشـــق نانـــگ نپــٽُ، خبر کـــاڌن کي پــوي۔
    يمن ڪلياڻ ۔۔۔ شاه
     
  4. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: محبت

    دوستن کي گذارش آهي ته صحيح ۽ سچي محبت ۽ عشق تي علامه ابن القيم رحمه الله جو مشهور ۽ قيمتي ڪتاب الجواب الڪافي لمن سال عن الدواء الشافي جو مطالعو ڪن عربي ۽ اردو ۾ ته اچي ويو آهي پر شايد ڪو دوست ان جو سنڌي ترجمو به ڪري رهيو آهي۔
    الداءُ والدواء يعني بيماري ۽ ان جو علاج

    عربي ۾ پڙهڻ ۽ ڊائونلوڊنگ لاءِ هت ڪلڪ ڪريو
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: محبت

    ادا سچار ڏاڍو سٺو ليک آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو