نثارناز
سينيئر رڪن
پيارا سنڌ سلامت جا سنڌي ساٿيو، گهٽ ۾ گهٽ 20 سال پُراڻو منهنجو هي غزل جنهن کي ڪمپيوٽر جي ڪينواس تي هي رنگ چٽ ڀريا اٿم، منهنجي تخيل ۾ جيجل سنڌ سدائين رچيل ۽ وسيل رهي آهي مالڪ سائين کان سدائين اها دُعا گهرندو آهيان ته هر جنم ۾ جڏهن به منهنجو جنم ٿئي ته سنڌ امڙ جو ثناگر شاعر ٿِي پيدا ٿيان. اها به ڳالهه ڪونهي ته مان مجاز جي رنگن کان واقف ناهيان، يا پريتم ، پيار، جي سُونهن جو قدر ڪونه ڄاڻان، جيستائين مجاز جي اونهي عميق ۾ ڪو شاعر ٽُٻي نه ڏيندو تيستائين ان شاعر جي هردي ۾ ڪنهنجي به محبت پروان ڪانه چڙهندي، پر ان سلسلي ۾ مون سدائين سنڌ جي گهوٽ حضرت شاهه عبداللطيف ڀٽائي رح جي انهي لازوال بيت ته
ڳولهيان ڳولهيان مَ لهان ، شال مَ مِلان هوت
من اندر جا لوچ ملڻ سان ماٺِي ٿيئي (شاهه)
من اندر جا لوچ ملڻ سان ماٺِي ٿيئي (شاهه)
جي خلوص نيت سان پاسداري ڪئي آهي پنهنجي سڄڻ کي پنهنجي پرين کي سدائين ساريندو آهيان، ان سان ملڻ جي تانگهه ۽ ان سان ملڻ جو اوسيئڙو مُنهنجو جِيءُ ۽ جندڙو جهوري وجهندو آهي ۽ پوءِ يا محبت تنهنجو آسرو ڪري مُنهن واهه ڪري نڪري به پوندو آهيان پرين کي ڳولهڻ لاءِ جڏهن منهنجا پرين گس پنڌ بس سُجهندا پيا آهن واپس بغير ساڻن مُلاقي ٿيڻ جي وري هليو ويندو آهيان، ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن محبوب سائين سان ملاقي ٿيان ٿو ته منهنجي تانگهه مُنهنجي تڙپ، ختم ٿي ويندي ۽ جيڪو مزو وڇوڙي جي پيڙاهه ۾ آهي اهو مزو مُنهن مقابل ٿي درشن ڪرڻ ۾ ڪٿي. هڪڙو منهنجو چريو دوست آهي ان سان منهنجي دوستي تقريبن 30 سال پُراڻي آهي سدائين چوندو آهي ته ناز تون شاعر آهين ۽ شاعري پرين کان سواءِ سرجندي ڪانهي، پر تنهنجو ته ڪو پرين ڪونهي هُو چوندو آهي ته مون پورا 30 سال تنهنجو پرين ڳولهيندي گُذاريو آهي پر مليو ئي ڪونهي مان کلي چوندو آهيان ته چريا منهنجو پرين مون منجهه ويٺو آهي دل ۾ ويٺو آهي اگر تو ۾ طاقت آهي ته منهنجي دل چيري ڳولهي وٺ منهنجو پرين. منهنجو چريو دوست لاجواب ٿِي ويندو آهي.
مهان ڪوي فيض احمد فيض جي شاعري جِي اُها سٽ به پئي ياد اچي ته راحتين اور ڀي هين وصل ڪي راحت ڪي سوا، مان مڃان ٿو ته وصل جي راحت لاءِ هي سارِي دنيا ديواني آهي، مان به هن دنيا جو نهايت حقير ترين ماڻهو آهيان پر سدائين وصل جي راحتن کان پاڻ بچايو اٿم ائين به ڪونهي ته پوتِيءَ پاڪ آهيان، پر مان جوئي آهيان سوئي آهيان پيارا سنڌي دوستو اسان جي فيس بُڪ جي سنڌياڻي ڀيڻ سنڌو سنڌي سدائين چوندي آهي ته شاعر گهٽ ڳالهائو هوندا آهن ڏسو ويٺي ويٺي ڪيترو ڳالهائي ويو آهيان، شاعرن خاص ڪري مون جهڙي شاعرن جو رليون سدائين ڪُلهن تي هونديون آهن ۽ مانيون راڄن تي هونديون آهن . خير منهنجو اڄوڪو هي غزل چترڪاري سميت توهان کي ڪيئن لڳو توهان جي واڌو ڪاٽو راين جو سدائين منتظر رهندس
دعاڳونثاراحمدناز
ٽنڊو محمد خان
29-5-2011
غزل
نثاراحمدناز
سنڌ مُنهنجي سوچَ جو مَحِوَر به آهي
هي نرالو ديس مُنهنجو گهر به آهي
سِجَ تُنهنجا عڪس جرڪن پر سدائين
چنڊ جهڙو ياد رکجان ٿر به آهي
مان مڃان ٿو آب زم زم پاڪ آ پر
هت ته امرت هِي سنڌوءَ جو جر به آهي
1
تُون گُلن کي چُم ڀلي پر جهوپڙِيءَ جِي
ڇِتِ ڍَڪي ٿو سو ته سونو سر به آهي
هَلُ سَکِي ٻاهر هلون ڪا ڄَڃَ اچي ٿِي
ڏِسُ وَنِيءَ جي ساٿ اُنَ جو وَرُ به آهي
ڏاند ڪاهي “ناز” پنهنجا وڃ ٻَنِيءَ ڏي
نيٺ ڦُٽندا سڀ سلا ! جِتِ هر به آهي
نثاراحمدناز
سنڌ مُنهنجي سوچَ جو مَحِوَر به آهي
هي نرالو ديس مُنهنجو گهر به آهي
سِجَ تُنهنجا عڪس جرڪن پر سدائين
چنڊ جهڙو ياد رکجان ٿر به آهي
مان مڃان ٿو آب زم زم پاڪ آ پر
هت ته امرت هِي سنڌوءَ جو جر به آهي
1
تُون گُلن کي چُم ڀلي پر جهوپڙِيءَ جِي
ڇِتِ ڍَڪي ٿو سو ته سونو سر به آهي
هَلُ سَکِي ٻاهر هلون ڪا ڄَڃَ اچي ٿِي
ڏِسُ وَنِيءَ جي ساٿ اُنَ جو وَرُ به آهي
ڏاند ڪاهي “ناز” پنهنجا وڃ ٻَنِيءَ ڏي
نيٺ ڦُٽندا سڀ سلا ! جِتِ هر به آهي
سر جي معنى سَرَ جو ٻوٽو جنهن سان ٽوئا ٺاهيا ويندا آهن ڪکائن گهرن کي ڍڪيو ويندو آهي، جهوپڙين جون ڇتون ڍڪيون وينديون آهن.
ور جي معنى مُڙس ، گهوٽ اڪثر مائرون دعائون ڪنديون آهن ته شال ورائتيون ٿيو.
سَلا جي معنى فصل جا ٻوٽا، جيڪي ڌرتي جي پيٽ کي چيري ڦُٽندا آهن .