شڪيل احمد شاهه
سينيئر رڪن
فورم جي منتظمين، سڀني ساٿي ميمبرن ۽ سنڌ جي سمورن ماروئڙن ۽ چاهيندڙن کي منهنجي طرفان کوڙ سارا سارا سلام قبول هجن۔
سنڌ سان پيار ته هر سنڌي کي آهي ۽ هجڻ به گهرجي ڇو ته حب الوطني به ايمان جو جزو آهي۔ محترم يونس ملڪاڻي صاحب جن ٻڌايو ته سنڌ سلامت فورم منهنجي شرڪت ٿيڻ گهرجي حالانڪه آئون هن سنڌي فورم کان واقف هجڻ باوجود به مصروفيتن جي ڪري شرڪت نه ڪري سگهيو هيس۔ پر سچ پڇو ته تمام گهڻي خوشي جو احساس هو ۽ آهي ته سنڌي ۾ ڪو فورم آهي۔ جنهن فورم تي تحريرن، مضمونن سان گڏو گڏ سنڌي ماڻهن جي اصلاح ۽ ڄاڻ ۾ واڌ جي ڪافي سارو مواد مهيا ٿيل آهي۔
پيارا ساٿيو! منهنجو تعلق لاڙ جي ان شهر سان آهي جيڪو تيل ۽ گيس جي لحاظ کان پنهنجي نوعيت جو هڪ وڏي اهميت رکندڙ شهر آهي۔ ڪڙيو گهنور جيڪو ضلع بدين جي تعلقه گولاڙچي ۾ واقع آهي۔ چڱو پنهنجي شهر ۽ ان جي باري ۾ وڌيڪ توهان کي اڳيان هلي پنهنجي ٻين تحريرن ۾ ٻڌائيندس، ۽ ها آئون سنڌ جي اندر تعليم جي فروغ جي لحاظ کان به تحريرون هن فورم ۾ پوسٽ ڪرڻ جو خواهشمند آهيان جيڪي جلد کان جلد پوسٽ ڪندس۔
سنڌ جي ترقي لا سوچيندڙ ۽ ساڃاهوند ڌرين کي اپيل ٿو ڪريان ته سنڌ جي ٻهراڙين ۽ شهرن ۾ تعليم جي فروغ کي هٿي وٺرائڻ لا ڪوششون ڪيون وڃن ۽ سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ تعليم کي عام ڪرڻ لا جدوجهد ڪئي وڃي ته جيئن سنڌي ”جهالت“ واري داغ کان صاف ٿي دنيا سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي پنهنجي تخليقي سوچ جو آزادانه اظهار ڪري سگهن۔