محبت جي مئڪدي مان آ ڏي شراب ساقي

'سنڌ سلامت شوڀز' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيارا سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جا سنڌي ساٿيو السلام عليڪم ، جيئي سنڌ ۽ نمستي، ڪافي ڏينهن کان مصروفيت سبب سنڌ سلامت اسٽوڊيو جون کوڙ ساريون ڪاوشون مون وٽ پينڊنگ ۾ هيون، ان کان علاوه وڊيو ايڊيٽنگ ۽ ايڊيٽنگ کان پوءِ ان کي سنڌ سلامت يو ٽيوب تي اپ لوڊنگ ڪرڻ هڪڙو نهايت ئي ٿڪائيندڙ ۽ ورچائيندڙ ڪم آهي پوڙهو مڙس آهيان ان ڪري جيئن جيئن منهنجي عمر وڌندي وڃي پئي تيئن تيئن اهڙن ٿڪائيندڙ ڪمن کان پاسو ڪرڻ فطري آهي ان هوندي به ڪا سُٺي شيءَ ڪا سُٺي شاعري ڪو سُٺي ادبي تقريب ، ڪو سُٺو وڊيو، ڪو سُٺو موسيقيءَ جو پروگرام ڏسندو آهيان ته دل چوندي آهي ته فوري طور ان کي منهنجي سنڌ سلامت جو نالو ڏيئي سنڌ سلامت جي پنهنجي خالص شين ۾ اضافو ڪريان، آئون سدائين چوندو آهيان ته منهنجي ذات مان سنڌ سلامت جي محبتي اڱڻ جو نالو ڪڍي ڇڏيو مان ڪجهه به نه بچندس. مونکي ڪافي سارا دوست چوندا آهن ته مان سنڌ سلامت تان دل پلي ويو آهيان رڳو فيس بُڪ تي پنهنجو وقت وڃائيندو آهيان، بلڪل اها ڳالهه به سچ آهي پر منهنجي هر گهڙي جيڪا فيس بُڪ تي گذرندي آهي ان هر گهڙيءَ ۾ سنڌ سلامت جو نانءُ تسبيح وانگي دل جي ڌڙڪنن ۾ هُرندو آهي، ان کان علاوه ڪافي اهم سنڌي شخصيتون جيڪي فڪري فني، ادبي لحاظ کان سنڌ جي هيروز ۾ شمار ٿين ٿيون انهن شخصيتن سان ملڻ جي آس انهن سان ڳالهائڻ ۽ ڪچهري ڪرڻ جي آس سدائين اوسيئڙي وانگر منهنجي من ۾ پلجندي هُئي ۽ فيس بُڪ ئي اهو ذريعو هو جنهن ذريعي انهن فڪري ، فني ، ادبي شخصيتن سان ڪچهري (چيٽ) جي صورت ۾ پوري ٿي جن ۾ ڪافي اسان جون فيميل ۽ ميل شخصيتون به شامل آهن، ڪير اهو سمجهندو هُجي ته مون فيس بُڪ تي ويهي اوٽ پٽانگ ڳالهين ۾ وقت وڃايو آهي اها ڳالهه به جيڪڏهن ڪير سوچيندو آهي ته غلط آهي ڪنهنجي سوچ تي ڪير پهرا ته نٿو ويهاري سگهجي، مان سدائين واڌو ڪاٽو روين جي ڳالهه ڪندو آهيان، واڌو ڪاٽو سوچن جي ڳالهه ڪندو آهيان، جيڪي ڪاٽو سوچن جا مالڪ هُئا انهن به منهنجي واڌو روين جي ڪري مونکي پنهنجي دل ۾ ويهاريو، سدائين چوندو آهيان ته دوست ٺاهجن، لازمي ڪونهي ته ڪنهن جي گار جو جواب گار ۾ ڏجي ، غلط ڳالهه جو جواب غلط ڳالهه سان ڏجي هميشهه گند کي صاف ۽ اجري پاڻي سان صفا ڪيو ويندو آهي، گند کي گند سان صاف ڪرڻ دنيا جي ڪنهن به مذهب ۾ ممڪن ئي ڪونهي، خير اڄ ڪافي ڏينهن کان پوءِ سانئڻ زيب نظاماڻِي صاحبه جي هي ڪافِي ٽنڊو محمد خان جي شاهه لطيف سنگت ڪلب ۾ ٽنڊو محمد خان جي ڀلوڙ راڳي ماسٽر جانب علي بلاولي جي آواز ۾ پنهنجي موبائل ٽائپ ڪئميرا ۾ ريڪارڊ ڪري انجي يوليڊ ۾ ايڊيٽنگ ڪري يوٽيوب تي اپ لوڊ ڪري توهان سان سڀني سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ جي ساٿين سان شيئر پيو ڪريان. هن وڊيو ۾ سائونڊ ، آواز، ايڊيٽنگ ۾ کوڙ ساريون غلطيون هونديون ۽ انهن غلطين کي سُڌارڻ منهنجي وس جي ڳالهه ڪانهي ڇو جو چينل جي ڪئميرا جنهن سان اهي فلمبنديون ڪندا آهن اها هڪ هڪ ڪئميرا ڏهه ڏهه لک روپين جي هوندي آهي انهي جڳه تي منهنجي ڪئميرا صرف چار هزار روپين واري ، جنهن وڊيو ايڊيٽنگ سافٽ ويئر سان سنڌي ميڊيا وارا پنهنجون موويز ايڊٽ ڪندا آهن اهي سافٽ ويئر لکين روپين جا هوندا آهن ۽ مان صرف پنجويهه روپين پاڪستاني واري سافٽ ويئر سان وڊيو ايڊٽ ڪندو آهيان ، فرق ته منهنجا سائين ضرور هوندو، پر انهي جي ڳالهه جي باوجود هڪڙي ڳالهه ميڊيا، وارن کان چينل وارن کان منهنجي هڪ لک ڀيرا وڌيڪ آهي اها مُنهنجو خلوص آهي جو بنا ڪنهن لالچ لوڀ جي مان پنهنجون هي غريباڻيون ٽيڪنيڪي ونڊون سنڌ سلامت ۽ فيس بُڪ تان شيئر ڪندو آهيان ميڊياز ۽ چينل وارن جي من ۾ صرف پروفيشنل ازم هوندو آهي پر منهنجي دل ۾ صرف توهان سنڌي دوستن کان محبتون ۽ پيار ماڻڻ جو ازم هوندو آهي هاڻي آئون انهي ڳالهه ۾ ڪيترو ڪامياب آهيان ان جو فيصلو توهان تي ٿو ڇڏيان . چڱو دوستو موڪلاڻي ڪانهي هن وڊيو کان پوءِ وري ڪنهن نئين وڊيو جي شيئرنگ جي موقعي تي ملنداسين

    دعاڳو
    نثاراحمدناز
    ٽنڊو محمد خان
    31-5-2011
    ڪافي
    زيب نظاماڻي
    محبت جي مئه ڪدي مان آڏي شراب ساقي
    دنيا رُڳو دلاسا ناهي شباب ساقي

    ڪو ٿو وَسائي مسجد، ڪنهن کي وڻيو ڪليسا
    ڪو ٿيو فناءِ فانِي ڪو ٿيو بقاءِ عيسى
    هرڪوئي پنهنجي جُڳ جو آهي جناب ساقِي

    مڱتا گُهرن ٿا دانَ، در در صدا لڳائي
    ڪوئي ٿو دس وڄائي ، ڪوئي ڦيرڙيون پائي
    آيا اٿئي اُڃارا ماڻي ثواب ساقِي

    رکجان نه “زيب” ڪڏهن پوري تون مُنهن مَٽَنِ جا
    مرندا اهي مُسافر پياڪِي محبتن جا،
    ڏي جام قربتن جا، لاهي نقاب ساقي

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو