سنڌ شناسي جو هڪ تاريخي علمي ۽ ڪلاسيڪل سبق

'مقالا' فورم ۾ نورعلي پاشا طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2011۔

  1. نورعلي پاشا

    نورعلي پاشا
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏8 جولائي 2010
    تحريرون:
    43
    ورتل پسنديدگيون:
    9
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    writer, Director and G.Secretary in Ngo
    ماڳ:
    hyderabad
    شاهه جا سُر: سريراڳ ۽ سامونڊي
    (پراچين ۽ ويجهي اِتهاس جي روشنيءَ ۾)
    عبدالحفيظ قريشي

    سمنڊ سان سنڌ واسين جو ناتو ۽ رشتو تمام پراڻو ۽ گهرو رهيو آهي. پراچين (قديم) سمي جي سنڌين لاءِ سمنڊ جياپي جو هڪ وڏو ذريعو هو ۽ اڄ به آهي. اهو سمنڊ، خوشحاليءَ، ڪاميابيءَ ۽ ڪامرانيءَ سان گڏ ٻاهرين دنيا سان وڻج واپار، لاڳاپي، واسطي ۽ رابطي جو وڏو وسيلو به رهيو آهي. پنج هزار ورهيه اڳ سنڌو لوڪن نت نوان شهر ٻڌڻ، صنعتي مرڪز قائم ڪرڻ، ڏيساورن ۾ واپاري ڪوٺيون ٺاهڻ ۽ دنيا سان رابطي، لاڳاپي ۽ وڻج واپار لاءِ ٻيڙا جوڙڻ، ۽ اُهي سمنڊ ۾ هاڪارڻ سان گڏ انهن لاءِ ’سِڙهه‘ پڻ ايجاد ڪري ورتا هئا. اِها سندن هڪ وڏي ايجاد هئي، جنهن جي ڪري سندن سامونڊي سفر وڌيڪ سهنجو بڻجي ويو. سنڌي مها سمنڊ (Indian Ocean) جي مختلف ڪنارن سان ڪيترائي ننڍا وڏا قدرتي بندر هئا. ان دؤر ۾، سنڌو سلطنت جو درالحڪومت موهن جو دڙو دنيا جي وڏن ترقي يافته شهرن ۾ ليکيو ويندو هو، جتي فڪر ۽ فهم، علم ۽ هنر، سڀ ڪجهه موجود هو. هڪ تاريخدان چوي ٿو ته:
    Historian Goden V. Childe was so far as to describe the Mohan-jo-Daro of 4000 B.C.E as having a Golden Age that would compare to that of Athens under Pericles, and certainly to any town of Medieval Europe.” (Aoumiel, 1994,2)
    ]تاريخدان گولڊن. وي. چائلڊ جو چوڻ آهي ته، چار هزار ق. م جي موهن جي دڙي جو اهو سنهري دؤر هو، جيڪو يقيناً پيريڪيلس جي اٿينس يا وچئين دؤر جي ڪنهن يورپي وسنئن سان ڀيٽڻ جهڙو هو.[
    ان ريت سنڌو سلطنت جا سمورا مرڪزي شهر، هڙپا، موهن جو دڙو، لاکين جو دڙو، ڍولا ويرا، ۽ لوٿل وچئين دؤر جي يورپي شهرن وانگر، هر قسم جي معاشي ۽ سماجي هلچل، فڪري ۽ علمي تدبر سان ڀرپور تحرڪ ۾ نظر اچن ٿا. مذهب انهيءَ سماج ۾ اڃا ايترو اثر رسوخ حاصل ڪري نه سگهيو هو، جو اُهو رياست تي اثرانداز ٿئي. هن سنڌو سلطنت جي ترقيءَ جو هڪ وڏو سبب سماج ۾ رواداري ۽ سهپ هئي. هتي مختلف نسلن ۽ عقيدن جا ماڻهو گڏجي رهندا هئا. اهي پاڻ ۾ فڪر ۽ فلسفي، علم ۽ هنر جون ڳالهيون ڪندا هئا. اهي ماڻهو سُر ۽ سنگيت جا به ڪوڏيا هئا. هڪ آمريڪي خاتون محقق لکيو آهي ته:
    “In all the Indus cities and communities there is no sign of any temple structure. These peoples were reputed to have been unusually tolerant of varying ideas, and loved to discus conflicting concepts.” (Aoumiel, 1994,8)
    ]سنڌو سڀيتا جي سمورن شهرن ۽ پاڙن ۾ ڪٿي به، عبادتگاهه جي اڏاوت جو ڪوبه نشان نه مليو آهي. هتان جا ماڻهو انهيءَ ڪري ڏاڍا مشهور هئا ته وٽن ڌيرج ۽ سهپ هئي ۽ هو مختلف ۽ متضاد نظرين تي بحث مباحثا ڪندا رهندا هئا.[
    هوءَ وڌيڪ لکي ٿي ته، ”انهيءَ سنڌو سلطنت ۾، هرڪنهن ماڻهوءَ کي فڪري آزادي هئي. وٽن ڪوبه مذهبي مهندار ڪونه هو.“ (Aoumiel, 1994,8)
    هڪ تاريخدان موجب، ”سنڌو سلطنت (Indus Empire) جون حدون، پنهنجي سهيوڳي سڀيتائن، اسيريا، سميريا، اڪيد ۽ مصر جي يراضيءَ کان گهڻو وڌيڪ ۽ لاڳيتو هيون.“ (لئمبرڪ، 2005، 28-27)
    پراچين اتهاس (قديم تاريخ) ۾ سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي ڏاکڻي صوبي گجرات ۾ کنڀات نار جي ويجهو، لوٿل (Lothal) واري سنڌو سڀيتا جي هڪ ماڳ تي هڪ هٿرادو گودي (Dock yard) جوڙي وئي هئي، جتي واپاري ٻيڙا اچ وڃ ڪندا هئا. اهو ماڳ سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي ڏاکڻين صوبي جي ماڳهين آخري علائقي، گجرات جي سامونڊي ڪناري، ”کنڀات نار“ سان گڏ هو ۽ اڄ اتي ان جا قديم آثار موجود آهن. هن بندرگاهه هئڻ سان گڏ، هڪ واپاري گودي رکندڙ، هڪ صنعتي شهر پڻ هو. اتي مختلف قسمن جا هنرمند ۽ ڪاريگر، جهڙوڪ: سونارا، وينجهر، موتي ونڌڻ وارا، چوڙي گر، ٺاٺارا، ڪپڙو ۽ ٻيو سامان تيار ڪرڻ ۽ جوڙڻ وارا موجود هئا. هن شهر بابت ”ڪرڻا ڪاريا- تاريخ“ (Radio Carbon Dating=C14) جي جاچ موجب: ”هيءُ شهر 2450 کان 1600 ق. م تائين قائم رهيو ۽ سنڌو تهذيب جي پوئين دور تائين موجود هو. هيءُ شهر ڪيترائي ڀيرا سامونڊي طوفانن، سونامين ۽ ٻين سببن جي ڪري تباهه ٿيو ۽ ان شهر جي رهواسين ساڳين بنيادن تي ان شهر کي ٻيهر اڏيو ۽ هڪ انچ به جڳهن ۽ ڪارخاني جي اڏاوتن ۾ والار (Encroachment) نه ڪئي“. (Rao, 1991: 99-191)
    انهيءَ صنعتي شهر جي کوٽائيءَ مان مليل وَٿن (Findings) ۾ انيڪ نموني جون شيون لڌيون آهن، جيڪي هن شهر جي اؤج ۽ عروج، سماجي ۽ معاشي هلچل جون انيڪ خاموش ڪهاڻيون ٻڌائين ٿيون.
    ”هي شهر اسان جو شان ڀريو، نت شهرن جو هو شان اڳي.“
    ”لوٿل مان ٺڪر جي ٻيڙين جا نمونا به هٿ لڳا آهن، جنهن ۾ سڙهه ٻڌڻ جي گنجائش رکي وئي آهي. اهو نمونو هتان جي رامبان (Rambain) ٻيڙيءَ جهڙو آهي، جيڪا هڪ صدي پراڻي آهي ۽ 1987ع تائين ملاحن وٽ ڪتب ايندي رهي آهي، اها ٻيڙي اهڙي نموني جي آهي، جهڙي نموني جون ٻيڙيون سنڌوسڀيتا جي هڙاپائي دور ۾ ڪتب آنديون وينديون هيون.“ (Rao, 1991: 146)
    هن شهر جي کوٽائي ۽ مليل وٿن (Findings) جي ڪري، پراچين دؤر جي سنڌو سلطنت جي سڄي ڪاروهنوار ۽ وڻج واپار جو نقشو پوريءَ ريت اُڀري اچي ٿو.
    ”ان کان سواءِ لوٿل، ڍول ويرا، موهن جي دڙي ۽ هڙپا مان ’گس ڏسڻيون‘ (Shell Compass) مليون آهن، انهن مان هڪڙيون ٻارنهن حصن ۾، ۽ ٻيون اٺن حصن ۾ ورڇيل آهن، جن مان 30 ڊگرين، 45 ڊگرين جا اشارا ملن ٿا. اهي ”گس ڏسڻيون“ بحري سفر جي سهنجائيءَ لاءِ استعمال ڪيون وينديون هيون. جيئن ٻيڙا اولجي نه وڃن.“ (Rao, 1991: 314)
    ”هڪ سنڌو مهر (Indus Seal) تي سڙهه واري جهاز جي اُڪريل چِٽ جو ملڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي.“ (Baloch, 2004: 170 & 187) سنڌو لوڪ جهاز رانيءَ ۾ ماهر هئا ۽ هنن مضبوط ڪپڙي جي اُڻت ۾ ايتري ته مهارت حاصل ڪري ورتي هئي، جو اهي سامونڊي هوائن جو زور جهلي سگهندا هئا. لطيف سائينءَ اهڙي مضبوط ڪپڙي مان ٺهيل سڙهن کي ان ريت ڳايو آهي ته:
    ”اَچنَ سڙَهه اُپڙيا، مٿن ڪَپَڙَ ڪوٽَ“
    (بلوچ، 2009ع: 111)









    لطيف سائينءَ، پراچين دؤر واري سنڌ جي قديم علائقن، ڪڇ، گجرات، راجسٿان ۽ جيسلمير کي نه رڳو چڱيءَ طرح گهمي ڦري ڏٺو هو، پر انهن اتهاسڪ ماڳن ۽ ماڻهن جي ذڪر سان گڏ، انهن جي جذبن ۽ اڌمن کي پڻ ڳايو آهي.
    هن، ”پراچين دور جي قديم واپاري گودي، لوٿل“ واري علائقي، کنڀات نار جي ڪنهن تڙ تي ڪنهن وڻجاريءَ، جيڪا پنهنجي وڻجاريءَ جو انتظار ڪري ٿي، تنهن جو لفظي نظارو هن ريت بيان ڪيو آهي:
    کنڀاتڙي تڙ وڻين، اُڀي تڙِ واجهاءِ،
    مانَ اچيهون ڪاهي، سُواڌائي سڄڻين.
    (بلوچ، 2009ع: 106)
    اهڙي ئي ڪيفيت وڻجاري جي انتظار واري لطيف سائينءَ، موجوده سنڌ جي ڪنهن بندر تي بيٺل وڻجاريءَ جي هن ريت پيش ڪئي آهي:
    اڄ پڻ وايون ڪن، وڻجارا وڃڻ جون،
    مون اڀي ئي هليا، بندر جن تڙن،
    سرتيون! سور سندن، مون ماريندو جندڙي.
    (قاسمي، 1999ع: 129)
    هڪ محقق جي راءِ آهي ته ”ڏکڻ گُجرات ۾ لوٿل وارو ماڳ ۽ ان تي جڙيل گودي جهاز ٺاهڻ لاءِ به هئي.“ (پٺاڻ، 1971ع: 41). هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”مڪران جي سامونڊي ڪناري تي دشت نديءَ جي واديءَ ۾ ڪور نديءَ (ڪوري نار) جي ماٿر ۾، ستگين دڙو سنڌ ۽ عراق جي وچ ۾ جهاز رانيءَ جا مرڪز هئا، جتي سامونڊي ٻيڙا لنگر هڻندا هئا.“ هن وڌيڪ لکيو آهي ته: ”سنڌ جا مور ڪنعان ڏانهن وڏي انداز ۾ موڪليا ويندا هئا.“ (پٺاڻ، 1971ع: 41)
    ان جو مطلب آهي ته، سنڌ ۾ مور جي پالنا جا ڪي مرڪز هئا، جتان مورن جي ٻچن جي ائين ئي فارمنگ ڪئي ويندي هئي، جيئن اڄڪلهه ڪڪڙن جي پولٽري فارمن ۾ پالنا ڪئي وڃي ٿي، ڇو ته ان دور ۾ جهنگلي مور ملڪ شام جو ايڏو سفر جالي نٿي سگهيا، ڇاڪاڻ جو مور نهايت حساس ٿين ٿا، انهن جا ٻچا ٿوري گوڙ ۽ شور تي مري ويندا آهن.
    هڪ ٻئي محقق جي راءِ آهي ته ”لوٿل واري گودي (Dock Yard) ٻئي دور ۾ جوڙائي وئي هوندي، جيڪا چوٿين دور تائين استعمال ٿيندي رهي آهي.“ (لئمبرڪ، 2005ع: 41). هڪ تحقيق موجب، ”اها گودي 710 فوٽ ڊگهي ۽ 120 فوٽ ويڪري هئي، ۽ اتان تمام وڏا لنگر ۽ وزني، ناڙيون/ ٻيڙا جهل (Anchors) هٿ آيا آهن. جن جو وزن 100 کان 150 ڪلوگرام آهي ۽ انهيءَ ماڳ واري علائقي ۾ موجود جابلو نئن (Hilly River) جو پاڻي روڪي پوکي راهيءَ لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.“ (Rao, 1991: 146)
    اهڙو اهم واپاري ماڳ جوڙڻ جي گوديءَ جي ڀيٽ ممبئيءَ ۽ وشڪاپٽنام جي بندرن جي گودين سان ڪري سگهجي ٿي، جيڪو انهن ماڻهن جو زبردست ڪانارمو هو.
    “The volume of trade handled and the number of ships calling at Lothal can be judged from the large dimensions of the dock, ware house and wharf. The dock at Lothal compares favourably with the modern docks of Bombay and Vishakapatnam.” (Rao, 1991: 146)
    ان ۾ ڪو به شڪ ڪونهي ته انهيءَ گوديءَ تان سامان لاٿو ۽ چاڙهيو ويندو هو، ۽ ان مان ان دور جي زبردست واپاري هلچل جو پتو پوي ٿو. هن بندر تان لازم آهي ته موهن جي دڙي ۽ هڙپا ۽ ٻين شهرن جو مال به ضرور موڪليو ويندو هو، جيئن ويجهڙ واري تاريخ ۾ گجرات جي سورت بندر تان نه رڳو سنڌ جي پر سڄي ننڍي کنڊ جي حاجين جي اچ وڃ ٿيندي هئي. ويجهي اتهاس ۾ ننڍي کنڊ جا وڏا اڪابر شاهه ولي الله دهلوي ۽ مخدوم محمد هاشم ٺٽوي، لاهري بندر (ٺٽي) کان حج تي روانا ٿيا ۽ سندن واپسي سورت بندر (گجرات) تي ٿي. ان ريت سنڌي غزل جو پهريون صاحبِ ديوان شاعر خليفو گل محمد ’گل‘ ممبئيءَ وڃڻ لاءِ، ڪڇ جي بندر مڏئي، (مانڊوي) تان روانو ٿيو ۽ ممبئيءَ پهچي، اتان پنهنجو ديوان ڇپرائي، سنڌ ڏانهن اماڻيو هئائين، ۽ پاڻ اتان کان حج تي روانو ٿيو ۽ اُتي ئي وفات ڪيائين.
    لطيف سائينءَ، پراچين دؤر جي آڳاٽي سنڌ جي ڪيترن ئي ماڳن مڪانن تان ڀيرا ڪيا هئا، جن مان جيسلمير، راجسٿان، ڪڇ، ڀُڄ ۽ ڏکڻ گجرات ذڪر جوڳا آهن. ڪڇ ۽ گجرات جي سامونڊي پٽيءَ تي ڪيترائي اهم بندر هئا، جيڪي پوءِ واپاري ۽ معاشي هلچل گهٽ ٿيڻ ڪري، ويران ٿي ويا. اهڙي ئي ڪنهن بندر جي تباهه ٿيل صورتحال ۽ اتي پيل لاوارث ٻيڙن کي ڏسي، لطيف سائينءَ ڪنهن وڻجاريءَ جي وڇوڙي واري ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪيو آهي:
    هينئڙو ٻيڙيءَ جان، ڏتڙ پئي ڏينهن ٿيا،
    پڇو تان نه پريان، ڪرلاهو ٿي ڪڏهن.
    (قاسمي، 1999ع: 125)
     سورت: اِهو لفظ اصل ۾ سؤراشٽر، مسجي ويل/ ادغام واري صورت آهي، جنهن جي معنيٰ ’سهڻو ديس‘ (سو= سونهن+ راشٽر= رياست) آهي. ان ريت ’سورت= سورٺ = سؤراشٽر‘ هڪ ئي بنياد وارا، پر الڳ الڳ معنيٰ رکندر اسم آهن، جن جي معنيٰ سهڻو بندر، سهڻي عورت ۽ سهڻو ملڪ آهي. (ح. ق)

    نه سي تڙ هوڙاڪ، نه وايون وڻجارن جون،
    سرتيون! سامونڊين جا، اڄ پڻ چڪيم چاڪ،
    مارينم فراق، پاڙيچيون! پرينءَ جا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 68)
    لطيف سائينءَ، انهن بندرن تي وڻجارن جي ڪمي محسوس ڪندي، ان جي سڃ کي محسوس ڪيو ته سڄي رونق بندرن تي وڻجارن جي ڪري هوندي آهي:
    بندر ۽ بازاريون، سڃا سامونڊين ري.
    (آڏواڻي، 1993ع: 67)
    بندر تي ڀلڪار، سارو ڏينهن سمونڊ جي،
    نه ڄاڻان ٻيهار، ان تڙ ايندا ناکئا.
    (سرائي، 1985ع: 68)
    لطيف سائينءَ، انهن بندرن جي ساک ڏيندي چيو آهي ته انهن بندرن تي وڻجارا ناياب موتي بنا تورڻ ۽ تڪڻ جي ورهائي ويندا هئا:
    بندر ديسان ديس، ملهه نه ملي وارئين،
    فقيراڻي ويس، املهه ڏين اڻ توريا.
    (قاسمي، 1999ع: 131)
    سنڌي، دنيا جا پهريان جهازران هئا، جن سمنڊ تي راڄ ڪيو ۽ پنهنجي کنڊ کان نڪري، ٻيءَ دنيا سان رابطي ۾ آيا. هڪ تاريخ جي محقق موجب:
    ”سنڌ ۾ جهاز رانيءَ جو فن فنيقي قوم جي وجود ۾ اچڻ کان گهڻو اڳ موجود هو، قديم سنڌي جهاز رانيءَ ۾ ڀڙ هئا ۽ سندن واپار ڏکڻ ۾ دکن ۽ سيلون، اوڀر ۾ هند چيني ۽ چين، اولهه ۾ ايران، عراق، يمن ۽ مصر تائين پکڙيل هو. انهيءَ جي تصديق بابل ۽ نينوا جي ڪتبن مان ملي ٿي، جن مان سنڌو ۽ سمير تهذيب جو پاڻ ۾ گهاٽو تعلق ٻڌايو ويو آهي.“ (پٺاڻ، 1971ع: 41)
    پراچين دؤر جي سنڌو ٻيڙن جو ذڪر ڪندي، هڪ آمريڪي محقق لکيو آهي ته، ”سنڌو سلطنت جا ٻيڙا 1500 ق. م تائين سمير ۽ اڪاد تائين ايندا ۽ ويندا رهيا آهن. اهي سنڌو ٻيڙا تمام خوبصورت ۽ مضبوط هوندا هئا ۽ انساني مهارت ۽ قابليت واري ڪاريگريءَ جو مثالي نمونو هئا، جن کي فقط هڪ کوهو (Mast) هوندو هو. يورپ وارن جون وائيڪنگ (Viking) ٻيڙيون، ان جو ساڳيو نمونو آهن، جيڪي تمام گهڻو پوءِ جوڙيون ويون.“ (Aoumiel, 1994: 6)
    2300 ق. م تائين سنڌو سڀيتا ترقي ڪندي، سنڌو ماٿريءَ کان گهڻو اڳتي وڌي هڪ وڏي ۽ عظيم سنڌو سلطنت (Greater Indus Empire) جو روپ وٺي چڪي هئي. ايس. آر. راءِ موجب هن جا چار (4) وڏا صوبا هئا:
    1. سنڌو سلطنت جو مرڪزي صوبو: (Central Province of Indus Empire): هيءُ صوبو موجوده سنڌ ۽ پنجاب واري زرخيز ميداني علائقي تي ٻڌل هو. (Rao, 1991: 35)
    2. سنڌو سلطنت جو اولهائون صوبو: (Western Province of Indus Empire): هن صوبي ۾، بلوچستان، مڪران، خيبر ۽ بولان لڪ وارو اتر- اولهائون علائقو شامل آهي، ويندي آڪس واديءَ تائين وارو علائقو، جتي سنڌو تهذيب جا 6 ماڳ لڌا آهن. (Rao, 1991: 66)
    3. سنڌو سلطنت جو اوڀرائون صوبو: (Eastem Province of Indus Empire) گهگهر ندي (سرسوتي)، چتانگ درياهه واري وادي ۽ مٿيون ستلج وارو سڄو علائقو، گنگا، جمنا جي وادي، موجوده هرياڻا (اوڀر پنجاب وارو علائقو) اولهه راجسٿان، يو پي (اُتر پرديش) جو ميرٺ وارو ضلعو ۽ سڄو ڄمون وارو علائقو هن ۾ شامل هو. (Rao, 1991: 77)
    4. سنڌو سلطنت جو ڏاکڻو صوبو: (Southern Province of Indus Empire): هيءُ صوبو ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ واري اُپٻيٽ ڏکڻ گجرات جي سامونڊي ليٽائينءَ واري علائقي تي ٻڌل هو. (Rao, 1991: 99)
    قديم آثارن جي ماهرن هيل تائين سنڌو سڀيتا جا نئين پٿر واري دور (Neolithic Period) کان ٽامي واري دور (Chalcolithic Period) ۽ اوائلي سنڌو دور (Pre-Indus) کان وٺي شهري زندگيءَ جي پوئين دور (Post urban phase) تائين جا 1500 کن سنڌو ماڳ (Indus Sites) لڌا آهن، جن ۾ لوٿل، دائم آباد، ڍولا ويرا، چانهونءَ جو درو، موهن جو دڙو، لاکين جو دڙو، هڙپا، ڪالي بئنگن وغيره وڏا ۽ ذڪر جوڳا ماڳ آهن. هيءُ هڪ واپاري سماج هو، اتان جا آڳاٽا پڻي لوڪ پنهنجي سماج جي واڌ ويجهه ڪندي، سنڌو ماٿريءَ کان به اڳتي وڌي اٽڪل روءِ هڪ هزار سالن (3300 کان 2300 ق. م) تائين واري عرصي ۾ ڏهه لک چورس ميلن ۾ پکڙيل هڪ وڏي تهذيب جو بنياد وجهي چڪا هئا، اها تهذيب شهرن جوڙڻ، صنعتي ترقيءَ، پوکي راهيءَ ۽ هنرمنديءَ جي واڌ ويجهه ۾ ماهر هئي. وٽن ماپ تور جو نظام هڪ ساريڪو هو. هيءُ هڪ اصولي، نظم ۽ ضبط جو پابند سماج هو. هنن جي مرڪزي شهر ۾ مختلف قسمن جي هنرمندن جي سکيا جا مرڪز هئا. وٽن لکت جو هڪ قديم نمونو سنڌو لکت (Ancient Indus Script) هئي ۽ اها لکت انهيءَ تهذيب جي هڪ وڏي ڪاميابي هئي، جنهن انهيءَ سماج کي مضبوط ڳانڍاپي ۽ رابطي ۾ آڻي ”هڪ مٺ ۽ يڪ جان“ بڻايو. هيءُ سنڌو سماج، پنهنجي اؤج ۽ عروج سان، قائم ۽ دائم رهيو ۽ دنيا کي حيران ڪندو رهيو.
    هڪ آمريڪي خاتون محقق جي تحقيق موجب:
    ”سنڌو تهذيب جي ماڻهن، دنيا ۾ پهريون ڀيرو، زراعت لاءِ آبپاشيءَ جو نظام (Irrigation System) قائم ڪيو، جنهن جو دنيا ۾ ڪو مثال نه ٿو ملي.“ هوءَ وڌيڪ لکي ٿي ته: ”هو ڪڻڪ، چانور، جوَ، چڻا، مٽر، تر، سرنهن ۽ گدرا پوکيندا هئا. جڏهن ته وٽن کارڪون به جام ٿينديون هيون. هو سوٽي ڪپڙو پهريندا هئا ۽ سون ۽ چانديءَ جي زيورن جا شوقين هئا. وٽن جهجهو سون هو، جيڪو هو سنڌوءَ جي واريءَ مان به حاصل ڪندا هئا. هنن ڪيترن ئي جانورن کي گهرو جانور بڻايو، جن ۾ ڳئون، رڍون، گهوڙا، اُٺ، هاٿي، ڪُتا ۽ ٻليون شامل آهن. هيءَ دنيا جي پهرين قوم آهي، جنهن وٽ ٽڪسال مان جوڙيل سِڪا (Minted Coins) هئا.“ (Aoumiel, 1994: 4)
    ”سنڌو سماج جي اهڙي ترقيءَ ۾، سمنڊ جو وڏو هٿ هو، هنن ڪش (Uhaimir)، اُما (Djoka)، تئلو (Girsu)، تل اسمار، هما، بحرين، فئليڪا، ڏکڻ ايران ۾ ’سوسه‘ ۽ ڏکڻ عراق جي شهر ’اُر‘ (Mugaiyar) ۾ واپاري ڪوٺيون قائم ڪيون هيون. انهن سمورن شهرن جي قديم آثارن جي کوٽائيءَ دوران 25 سنڌو مهرون (Indus Seals) ملڻ انهيءَ ڳالهه جو ثبوت آهن.“ (Rao, 1991:202) ته سنڌو لوڪن جا عراق ۽ وچ اوڀر سان واپاري ناتا قديم هئا. اها اچ وڃ سمنڊ رستي ٿيندي هئي ۽ جڏهن ته: ”سنڌو سلطنت جي شهرن، خاص ڪري هڙپا ۽ موهن جي دڙي جي اچ وڃ ٻيڙين وسيلي ٿيندي هئي. اهي شهر هڪ ٻئي کان 400 ميل پري هئا.“ هو وڌيڪ لکي ٿو ته ”آڳاٽا سنڌو لوڪ، جيڪي ٻيڙا استعمال ڪندا هئا، انهن جي بناوت ۽ شڪل صورت انهن کان مختلف نه هئي. جيڪي هن زماني ۾ درياهه تي ٻيڙا هلن ٿا.“ (لئمبرڪ، 2005ع: 21) ان مان ثابت آهي ته سنڌو تهذيب جا تمام قديم شهر، درياهه ۽ سمنڊ، هڪ عظيم الشان واپاري رستي وسيلي، جيڪو لوٿل تائين ويندو هو، مال جي پهچ ۽ حاصلات ڪندا هئا. ويجهڙائيءَ واري زماني ۾ سامان آڻڻ ۽ نيئڻ وارو اهو اهم ڪم ”گراڻا“ ذات وارا ماڻهو ڪندا هئا.
    سنڌو لوڪن واپار سانگي ننڍي کنڊ مان نڪري، دنيا جي ٻين کنڊن ۾ نه رڳو پنهنجون واپاري بيٺڪون، پر انهن علائقن ۾ پنهنجون ڪالونيون به قائم ڪري ورتيون هيون. هڪ آمريڪي محقق موجب:
    “Sumeria import goods from the Indus, but do not export to the valley, which is a classic colony arrangement. This has a vast history as manufacturing center, and, like England exporting goods to colonial America, the Indus may well have been he parent of colonial Sumeria”. (Aoumiel, 1994: 2)
    ]سميري تهذيب وارا پنهنجي واهپي جو سامان سنڌ کان گهرائيندا هئا، پر سميريا مان سنڌ ڏانهن ڪجهه به ڪونه ويندو هو. جيڪو سنڌ جو ڪلاسيڪي بيٺڪي انتظام هو ۽ اُن کي مختلف نمونن جي سامان ٺاهڻ جي بيٺڪي مرڪز جو هڪ وڏو اتهاس آهي؛ بلڪل ايئن، جيئن انگلنڊ پنهنجو تيار ٿيل مال پنهنجي ڪالونيءَ، آمريڪا ڏانهن موڪليندو هو. ان ساڳئي نموني سنڌ هڪ سرچشمي (Parent) طور پنهنجي ڪالونيءَ سمير ڏانهن پنهنجو وکر اماڻيندي رهي.[
    ٻين ڪيترن تاريخ سان تعلق رکندرن جي راءِ به ساڳي آهي ته، ”سمير، سنڌو سلطنت جي هڪ ڏورانهين ڪالوني هئي ۽ سنڌو تهذيب سندن لاءِ هڪ تهذيبي پينگهي (Cradle of Civilization) مثل هئي.“ (Aoumiel, 1994: 2)
    سنڌو پڻي لوڪ پراچين دور کان وٺي سما دور تائين (2300 ق. م 1520ع) ٻيڙن وسيلي وچ اوڀر جي سمورن ملڪن تائين ويندا هئا. اهي وڏا هنرمند ۽ ڪاريگر هئا، هنن جي سونارڪي، وينجهرڪي، چوڙن / چوڙين ٺاهڻ، ڪپڙي، ٺاهڻ ۽ ڪپڙي رڱڻ واري هنر جي هاڪ ڏورانهن ڏيهن تائين هئي.
    قديم آثارن جي هڪ تحقيق موجب، ”ڪپهه جو واپاري فصل (Commercial Crop) 5000 سال اڳ تائين مهرڳڙهه ۾ ٿيڻ جي ثابتي ملي آهي ۽ اتان اهڙو ٻج پڻ لڌو آهي، جيڪو ديسي ڪپهه (Gossypium sp) جهڙو آهي. ڪپهه جي اهڙي پوکي راهي، پٿر جي نئين دور ۽ ڪنجهي واري دور (Neo Lithic and Chalcolithic) ۾ ٿيندي هئي، جنهن مان مختلف قسمن جو ڪپڙو ٺاهيو ويندو هو ۽ هڪڙي قسم جو خاص ۽ ٿلهو ڪپڙو سنڌو ٻيڙين جي سڙهه لاءِ استعمال ڪيو ويندو هو.“ (Rao, 1991: 171) سڙهه جي اهڙي ٿلهي ڪپڙي کي لطيف سائينءَ سر سامونڊيءَ ۾ هن ريت ڳايو آهي:
    ”اَچنَ سڙَهه اُپڙيا، مٿن ڪَپَڙَ ڪوٽَ“
    (بلوچ، 2009: 111)
    جڏهن ته ڪپهه ۽ ڪپڙي جي ايڏي وڏي انداز ۾ ڏيساورن ڏي موڪلڻ تي ايڇ. ٽي. لئمبرڪ شڪ ڏيکاريو آهي. (لئمبرڪ، 2005: 25-23) جڏهن ته لئمبرڪ پاڻ مختلف حوالن سان اُر (ڏکڻ عراق) پاران اناج، ترن جي تيل ۽ شاندار ويسن وڳن جي سنڌ جي واپارين کان گهر جو ذڪر ڪيو آهي ته اتي سوال ٿو اٿي ته ڇا ويس وڳا ڪپهه جي ڌاڳي مان نه ٺهندا هئا؟ ان مان ظاهر ٿئي ٿو ته سنڌ ۾ ڪپهه مان بهترين ڪپڙو تيار ٿيندو هو، جيڪو شاهي لباس طور سمير جا ماڻهو پهريندا هئا.
    ڪپهه جي پوک، پراچين ۽ ويجهي اتهاس جي مختلف دورن ۾ مختلف سببن جي ڪري گهٽ وڌ ٿيندي رهي آهي ۽ صورتحال بهتر ٿيڻ تي سنڌو لوڪ ڪپهه جي بهتر ۽ بهترين پوک حاصل ڪرڻ جي لاءِ جاکوڙيندا رهيا آهن. لطيف سائينءَ جي زماني ۾ ڪو اهڙو وقت آيو هو، جو ڪپهه جي پوک بهتر نه ٿي سگهي هئي، جو پاڻ چيو اٿس:
    نه سي وونئڻ وڻڻ ۾، نه سي ڪاتاريون،
    پسيو بازاريون، هينئڙو مون لوڻ ٿئي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 432)
    ”لوٿل مان سنڌو وکر بحرين، فئليڪا، اومان (عمان)، ميسوپوٽيميا ۽ ايلمي شهرن، جهڙوڪ: اُر، اروڪ ۽ سوس ڏانهن موڪليو ويندو هو، ڇوته ”سنڌو سلطنت“ جا انهن ملڪن سان تجارتي لاڳاپا موجود هئا. لوٿل مان لڌل هڪ ’سنڌو مهر‘ (Indus Seal) بحرين جي مهر وانگر ڊگهي آهي. ٿانوَ، ٺڪر ٺپا، ڪنجهي جو ڍڳي جي شڪل جو تعويذ، گلڪاريءَ وارو سامان، سپن ۽ عاج تي ٿيل چٽسالي، قيمتي پٿر، سون جا مڻيا، ٽامي جون چوڙيون، سوٽي ڪپڙو ۽ ٻيو واپاري وکر شام جي راس شرما (Ras Sharma in Syria) تائين ويندو هو. مصر مان لوٿل جي ٺهيل شطرنج (Chasman) لڌي آهي، جنهن جي ڳوٽن تي عاج جون بُونبيون لڳل آهن، هڪ مميءَ جو نمونو ۽ مصر سان تعلق رکندر گوريلي (Gorilla) جي مورتي به لڌي آهي.“ (Rao, 1991: 120)
     نادرشاهه جي حملي وقت وونئڻن جو فصل تباهه ٿي ويو هو. (ت. ج)

    سنڌو تهذيب جون شيون دنيا جي ٻين ڏورانهن علائقن مان ملڻ ان ڳالهه جي ثابتي آهي ته اهو سماج پنهنجي جوهر ۾ ڪرشماتي رهيو آهي. هڪ محقق موجب، ”سنڌو تهذيب جون شيون ٽراءِ (Troy)، فلسطين (Palestine) مان به مليون آهن. آڳاٽن سنڌو لوڪن، ڪريٽ (Crete) جي ٻيٽن تي وڃي، وسنديون جوڙيون، جتي سنڌين جي شِو ديوتا (Shiva) جي پوڄا جو عام رواج هو.“ (Aoumiel, 1994: 6)
    سنڌو سلطنت جي ڪيترن ئي شهرن جي قديم نالن جو ذڪر ميسوپوٽيميائي رياستن جي قديم لکتن مان ثابت ٿيو آهي. اهي لکتون واپاري سامان جي تفصيل ۽ اَن بابت آهن. هڪ محقق مطابق، ”سنڌ مان سون جو ٻُورو ۽ اوشو ڪاٺ (ٽالهي= شيشم) سان ڀريل جهاز ميلوها، ماگان ۽ گؤبن مان ڀرجي دلمُن جي رستي ميسوپوٽيميا پهچندا هئا.“ (لئمبرڪ، 2005ع، 37)
    اهو ڪاٺ ٻيو ڪٿان نه، پر سنڌو سلطنت جي حدن مان حاصل ڪيو ويندو هو. ان زماني ۾، اڀرندو درياهه (هاڪڙو = واهند ساگر) ڀرپور نموني وهندو هو، جنهن جي نشانين طور ٻاويهه هزار ڍورن ۽ ڍنڍن جا پيٽ، هن درياهه جي شاهي چاڙهه جا اڄ به ان جا ساکي آهن. لطيف سُر ڏهر ۾ چيو آهي ته:
    ڪوهه سُڪين ڍور، ڪنڌيءَ اڪ ڦلاريا،
    جُنگن ڇڏيو زور، سَر سُڪو سونگي گيا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 455)
    تيرهين صديءَ جي آخر ۾، پراڻ ۽ ڍوري جو سُڪي وڃڻ ثابت آهي، پر سترهين ۽ ارڙهين صديءَ جي وچ ڌاري تائين انهيءَ ۾ پاڻيءَ جي موجودگي، لطيف جي شعر مان ثابت آهي، ڇو ته انهن جا پيٽ اُن دؤر تائين واريءَ ۾ لَٽيا نه هوندا ۽ چڱي چوماسي جي ڪري، اهي ڍورا ۽ پراڻ ٻيهر وهڻ لڳندا هئا. ان ڪري لطيف سائينءَ ڪٿي ڪٿي، انهن شاخن سان گڏ، ماڻهن جون وسنديون ڏٺيون هيون، جو پاڻ چوي ٿو ته:
    سُڪِي ڍور ڍيون ٿيو، ڪنڌيءَ ڏنو ڪائو،
    سو پاڻي پٽيهل ۾، اڳيون نه آيو،
    ماڙهن ميڙائو، ڪنهين ڪنهين ڀڻئين.
    (آڏواڻي، 1993ع: 456)
    انهن ڍورن ۽ ڍنڍن تي هزارين ورهين کان، اُتر کان ايندڙ پکي پنهنجي پراڻي اباڻي جبلت جي ڪري، ڪڏهن ڪڏهن ڀلجي اچي انهن سُڪي ٺوٺ ٿي ويل ڍورن جي پٽن تي لهندا هئا، جتي انهن جا پاڻيءَ جي پوسل تي هريل ڪونئرا پير، انهيءَ سُڪل ۽ ڦوٽ ورتل زمين تي هلڻ ڪري زخمي ٿي پوندا هئا. لطيف ڏکوئجي چوي ٿو ته:
    آيون ڍور ڍري، اصل سندي آسري،
    کَنڀَر ڀونءِ کري، پير ڏکويا پکڻين.
    (آڏواڻي، 1993ع: 463)
    هاڪڙي درياهه وارو اهو علائقو، اڄ به ٽالهيءَ جي وڻن لاءِ تمام مناسب آهي. پراچين دؤر ۾ ، اهي جهاز شيشم جي ڪاٺ سان ڀرجي، قديم سنڌو شهرن ميلوها، ماگان ۽ گؤبن کان نڪرندا هئا. ان وقت سنڌو درياهه ۽ هاڪڙو، ٻيئي جهاز رانيءَ جوڳا هئا. ڄاڻايل اهي قديم شهر، هڙپا، موهن جو دڙو، لاکين جو دڙو، چانهونءَ جو دڙو وغيره هوندا، جيڪي پوءِ دِلمُن وٽ اچي، گڏجي سفر تي نڪرندا هوندا. دلمُن، لس ٻيلي، ڪڇ جي ڪنهن ماڳ يا لوٿل به ٿي سگهي ٿو، جتي اهي ميسوپوٽيميا (عراق) پهچندا هئا، جتي انهيءَ ڪاٺ مان ان دؤر جا حڪمران مقدس عبادتگاهون ٺهرائيندا هئا.•
    هڪ تحقيق موجب، سنڌو تهذيب جا سمورا شهري ماڳ 2350 کان 1600 ق. م تائين پنهنجي مان شان سان موجود رهيا. پوءِ ڪنهن ٻاهرين هلان، وڏي ٻوڏ، سوڪهڙي، يا ڪنهن وبا (epidemic) يا ڪنهن ٻئي سبب ڪري اهي مرڪزي شهر خالي ٿي ويا ۽ دنيا سان سندن رابطو ختم ٿي ويو. ان کان پهرين، سميري تهذيب تي هڪ وڏي هلان ٿي. تاريخ موجب، شهنشاهه حمورابيءَ (2123 کان 2083 ق. م) سمير تي حملو ڪيو. ۽ ’ار‘ جي خودمختيار شهري رياست کي ختم ڪري ڇڏيو. ان هلان کان پوءِ به ڪئين سؤ ورهيه اُر جي شهري رياست جي موجودگي ثابت آهي. موهن جي دڙي ۽ ’ار‘ جي تباهيءَ ۾ درياهي وهڪرن جي تبديليءَ جو به هٿ رهيو آهي. لڳي ائين ٿو ته انهيءَ لڏپلاڻ ۾ گهڻو ڪري مٿيون طبقو ئي شامل رهيو آهي، جڏهن ته ڪاريگر ۽ پورهيت طبقي پنهنجي ڪرت ۽ ڪار، ڪلا ۽ ڪلاونت جي پورهئي کي ’جيئڻ جا جتن‘ واري اصول هيٺ جاري رکيو.
     هاڪڙي جي هڪ مختصر پيٽ کي هارون آباد (پنجاب)، انڊيا سرحد وٽان وهايو ويو آهي. ٻيو چولستان لڳ رحيم يارخان ضلعي ۾، هاڪڙي جي پيٽ ويجهو، سنڌو درياهه مان، ’نهر آب حيات‘ وهائي وئي آهي، جتي ٽالهين جا شاهوڙ وڻ، تمام جهجهي انداز ۾ نظر اچن ٿا. اهو ساڳيو نظارو، خيرپور کان ميرپورخاص تائين نظر ايندو. سنڌ جي وڏي اتهاس ۾، هاڪڙي ۽ سنڌوءَ جي وهڪرن ۾ مفاصلو گهٽ ۽ وڌ ٿيندو رهيو آهي. انهن ٻنهي جي وچ ۾، ڍورن ۽ ڍنڍن، ترائين ۽ ڏهرن ۾ ٽالهيءَ ۽ نِم جا وڻ عام جام رهيا آهن. ان ڪري، اهو ڪاٺ ڪنهن ٻئي هنڌان نه، پر سنڌ مان ئي ويندو رهيو آهي. (ح. ق)
    • دلمن: دلمون، موهن جي دڙي جو قديم نالو آهي. (ت. ج)

    سنڌو سڀيتا جي اؤج واري دؤر جي لوڪن ۾ پوکي راهيءَ (Agriculture) جي سوجهه ٻوجهه ۽ مهارت تمام اُتم سطح تي هئي. هنن سنڌو سڀيتا جي سرحدن جي هر جالاري جُوءِ مان زرعي لاڀ حاصل ڪرڻ جي وڏي رٿابندي ڪئي هئي. ان لاءِ مهرڳڙهه ۽ گجرات وارا ماڳ بهترين زرعي اُپت جون جڳهيون هيون. ”گجرات جي جابلو لاهه واري زمين ۾ چوماسيءَ ۾ وسندڙ مينهن تي، سنڌ جي ڪاري ڪپهه ۽ ٻئي اناج جوئر ۽ ٻاجهر لاءِ تمام مناسب هئي. ان کان علاوه انهيءَ زمين ۾ هوا مان گهم چوسڻ جي وڏي صلاحيت موجود هئي. اتي ’بوسي پوک‘ بهترين ٿيندي هئي.“ (Lawrence & Leshink, 1968, 295) اهو اناج تر، ڪڻڪ ۽ ڪپهه جو فصل سنڌو سڀيتا جي وڏن شهرن جي اناج جي گودامن ۾ پهچايو ۽ محفوظ ڪيو ويندو هو، جيئن ضرورت وقت ان کي ڪم ۾ آڻي سگهجي. ان ريت دوارڪا ۽ راجسٿان، سنڌو تهذيب جو تسلسل آهن. ساڳيون سنڌو تهذيب جون نشانيون، ٻانهن جي چوڙن کان ويندي رڱيل ڪپڙن ۽ موهن جي دڙي واري ڍڳي جي جنس به اتي لڀي ٿي. ساڳيءَ ريت سنڌو تهذيب جي مرڪزي علائقن- سنڌ ۽ پنجاب ۾ موهن جي دڙي جي ڍڳي گاڏي، ڳائي مال جو قسم، ٿر ۽ چولستان ۾ رهندڙن جو لباس ۽ زيور ساڳيا آهن. ان کان سواءِ انهن علائقن ۾ وسندڙ ماڻهن ۽ قبيلن جو، سنڌو سڀيتا سان لساني ناتو ۽ رشتو به چٽو ۽ ويجهڙو نظر اچي ٿو. ان جو مطلب ته وڏن شهرن جي ماڻهن جي ڪن سببن جي ڪري لڏي وڃڻ کان پوءِ ٻهراڙيون ۽ انهن ۾ هَر ضرورت جا هنرمند ۽ ڪاسبي ماڻهو وڏي انگ ۾ موجود رهيا، جن ڪنهن مرڪزيت کان سواءِ سنڌو سماج کي جيئري رکڻ جا جتن جاري رکيا:
    ”جيئڻ ڪارڻ جيڏيون، مون وڏا وس ڪيا.“
    -
    سنڌو تهذيب پنج سؤ سال پنهنجو عروج ماڻڻ کان پوءِ به ڪي صديون ڪنهن مضبوط مرڪزيت کان سواءِ، نيون وسنديون جوڙيندي ۽ تڳندي رهي، اهڙو مثال سنڌو تهذيب جي پوئيت واري دور (Post urban phase) ۾ نظر اچي ٿو. انهيءَ دور ۾ هنن ميرٺ، اتر پرديش، دوارڪا ۽ رنگ پور وارا علائقا آباد ڪيا، انهن مان دوارڪا ۽ رنگ پور ۾ انهن جون اڳي ئي آباديون موجود هيون، جن کي هنن جي اچڻ سان وڌيڪ وسعت ۽ ترقي ملي. ان ريت سنڌو تهذيب پنهنجي ڦيٽاڙ واري (Post & Late Urban Phase) هڪ نئين دور ۾ داخل ٿي.
     اؤميل جي چوڻ موجب، سنڌو تهذيب جي عروج جو دور هڪ هزار (1000) سال هو. (ح. ق)

    سنڌو سماج، پنهنجي اندر ۾ هڪ وڏي زرخيز دنيا رکندڙ آهي. تمام معمولي صورتحال بهتر ٿيڻ تي، ان ۾ ترقي ۽ واڌارو بلڪل ائين ٿئي ٿو، جيئن ٿوري وَسَ کان پوءِ، ٿر جي زمين ڦولارجي ويندي آهي. لطيف سائين، پنهنجي سماج جي ان گڻ کان چڱيءَ طريت واقف هو، تڏهن ئي چيائين ته:
    سڃيو جي ساڻيهه ته به ونهيائين وترو،
    گهوريو سو پرڏيهه، توڻي ڦلن ڇانئيو!
    (آڏواڻي، 1993ع)
    سنڌو لوڪن سڻائي واءَ گهُلڻ تي، پنهنجي اڳوڻي اؤج کي ماڻڻ جي وڏي جاکوڙ ڪئي آهي. لطيف سائينءَ، انهن ماڳن کي ٻيهر آباد ٿيندي ڏٺو. اهڙين جڳهين کي، ’ڏوکائي‘ معنيٰ ڏکويل يا مصيبت ۾ ورتل (ڏڪار ۾ اُجڙيل) وٿاڻ/ جڳهه ڪوٺيندي لطيف سائين، سُر مارئيءَ ۾ چوي ٿو ته، ”اهي ڏکويل ۽ ڏڪر ورتل ماڳ وري امير ترين ٿي ويا، ڇوته اهي جڳهيون مارن ٻيهر آباد ڪري ورتيون آهن.“
    ونهيا ٿين وٿاڻ، ڏوکاهي هنيان جي،
    اوءِ ڀيڻيون ۽ ڀاڻ، موٽي مارن اڏيا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 300)
    لطيف سائينءَ جي سُر سامونڊي ۽ سريراڳ، پراچين دؤر جي سنڌو واپارين جي پرڏيهه ڏانهن کڻي ويندڙ سامان ۽ تمام قديم آثارن مان مليل سامان، وَٿن(Findings) ۾ حيرت ناڪ حد تائين هڪجهڙايون آهن. جهڙوڪ: اناج، ڪپڙو، زيور، موتي، مڻيا (Beads)، خوشبودار شيون ۽ زيور وغيره.
     وٿاڻ= ٿاڻو= ٿانءُ= ٿاڪ= ماڳ= مڪان، اهي سڀئي هڪ ئي معنيٰ وارا لفظ آهن، جن جي اصلوڪي معنيٰ آهي، آباد ٿيل علائقا، جهڙوڪ: ٿاڻو احمد خان، ٿاڻو بولاخان وغيره، جيئن لطيف سائينءَ، سُر مارئيءَ ۾ چيو آهي ته: ”عمر ماروئڙن جا، ٿر ٿر اندر ٿاڪ،“
    _
    ”عمر ماروئڙن جا، ٿر ٿر اندر ٿانءَ“.

    انهيءَ بحري سفر ۾ واپاري جهازن ۾ مختلف قسمن جو وکر کنيو ويندو هو، جن ۾ ڪپڙو، آبدار موتي، لونگ وغيره شامل هئا. لطيف سائين، سر سريراڳ ۽ سامونڊيءَ ۾ انهن جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي.
    قرڦُل ڦوٽا، پارچا، پاڻيٺ پاتائون،
    ڪوٺيون قيمت سنديون، تر ۾ تاڪيائون،
    لاڄن منجهه، لطيف چئي، ٻيڙا ٻڌائون،
    نذر نبيءَ ڄام جو، چڙهندي چيائون،
    جي ڇوهي ڇوڙيائون، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين!
    (آڏواڻي، 1993ع: 64)
    لطيف سائينءَ جي سهيوڳي، هڪ وڏي ۽ بزرگ شاعر، ميين شاهه عنات (1626- 1721ع) وري، انهيءَ وڻج واپار لاءِ ٻيڙياتن کي مختلف قسمن جو وکر وٺڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، جن ۾ خوشبودار شيون به شامل آهن:
    ڪرڦل، ڦوٽا، پارچا، اگر ۽ عنبيرَ،
    ههڙو وڻج وٺي ڪري، وجهه وڻجارا ويرَ،
    ڀُتي ڀاڙ مَ مَڪُرِي، اڳيان سائر سُڄي سير،
    ڪونهي اُهک عنات چئي، جر جو کاري نير،
    گهر تنين جي کير، ساٿ جنين جو سچيون
    (عنات، 1963ع: 33)
    پراچين دؤر ۾، سنڌو ٿانوَ ڏيساورن ۾ ڏاڍا مقبول هئا، انهن تي سنڌو لکت جا نمونا، سجاوٽ ۽ سونهن لاءِ اُڪيريا ويندا هئا.
    لطيف سائينءَ، پنهنجي سُر سامونڊي جي هڪ وائيءَ ۾، ٺاٺاري جو ذڪر ڪندي، هن جي اچڻ سان ڪٽ لهڻ ۽ ٿانون جي نئين نڪور ٿيڻ جو ذڪر هن ريت ڪيو آهي:
    ڀلي ڪري آئيو، ٺاٺارو ڏيهان،
    ڀڳي ڪَٽ سڄي ٿي، لٿي جا ڪِ ڳران.
    (آڏواڻي، 1993ع: 71)
    لطيفي دور ۾ اهي وڻجارا سري لنڪا تائين ويندا هئا، جتان سون خريد ڪندا هئا، جڏهن ته پراچين دور ۾ اهو سون سنڌ جا واپاري (2300 کان 1600 ق. م) سري لنڪا کان ٿورو اورتي ڏکڻ انڊيا جي ڪرناٽڪ واري علائقي مان آڻيندا هئا، جتي هٽي (Hatti) ۽ ڪولار (Kolar) واريون سون جون کاڻيون اڄ به ملن ٿيون. (Rao, 1991: 175)
    لطيفي دور ۾ اِهو بلڪل ممڪن آهي ته ڪرناٽڪ وارن سري لنڪا ۾ سون جي منڊي قائم ڪئي هجي، جيڪا تمام گهڻن ملڪن لاءِ آزاد واپاري مرڪز طور رهي هجي، بلڪل ائين جيئن موهن جي دڙي ۽ هڙپا وارن سنڌو سلطنت جي ڏاکڻي صوبي واري سرحد جي بنهه آخري ڇيڙي وٽ هڪ واپاري بندر ۽ گودي (Dock yard) لوٿل واري ماڳ تي آزاد واپار لاءِ قائم ڪئي هئي. لوٿل اصل ۾ نار وارن ملڪن ڏانهن ٿيندڙ واپار جو مرڪزي واپاري ڦاٽڪ (Gate way Centre) هو.
    گريگوري ايل پوشيل جيڪو دنيا جي ٻن وڏن سنڌو ودوانن مان هڪ آهي، تنهن پنهنجي ڪتاب ’سنڌو دور ۽ اُن جي لکت“ (Indus Age. The Writing System) ۾ ڪرناٽڪ جي جبلن ۾ پراچين سنڌو لکت جا ساڳيا نمونا ڳولي لڌا آهن، جهڙا سنڌو مهرن تي اُڪريل آهن. ان جو مطلب ته سنڌي سڀيتا جي ماڻهن جي ڪرناٽڪ (ڏکڻ انڊيا) کان به اڳتي تائين معنيٰ سيلون ۽ بنگال تائين رواجي واپاري اچ وڃ هئي.
    اتهاس مان اهو ثابت آهي ته ٿور وقتي ماٺ ۽ ساهي پٽڻ ۽ ڀرپاسي جي سياسي ۽ سماجي وايومنڊل ٺيڪ ٿيڻ تي، اهو واپاري سلسلو لطيف سائينءَ جي دور تائين گهٽ وڌ رهندي به هڪ وڏي جهان سان هلندو رهيو ۽ لطيف سائينءَ، سُر سامونڊيءَ ۾ ان جو وستار ڪيو آهي.
    سودي ڪارڻ سنبهيون، ونهيون وڻجارن،
    سي ويا چين، بنگال ڏي، ماڻڪ رکي من،
    اُهريا تنهن اوڙاهه تي، جتي ڍينگ ڍرن،
    لهرن جي لپاٽ سين، ڪاٺ ڪڙڪا ڪن،
    ڪاري ڪارونڀار جي، اَڙي لڳي نه اُنِ،
    واحد وڻجارن، هادي ڌريندو هٿڙا.
    (سرائي، 1987ع: 15)
    لنڪا لنڪا ڪن، لئه لنڪا جي اُوهريا،
    سڻي سون لنڪا جو، سُک نه سامونڊين،
    پرهه پڳهه ڇوڙيا، کاري کيڙائن،
    وڏي ڀاڳ ڀِڙَن، جي ڪَهيا ڪارُونڀار ڏي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 76)
    اچن سڙهه اُپڙيا، مٿن ڪَپڙ ڪوٽ،
    سامونڊي مون گهوٽ، لنڪا لوپي آئيا.
    (بلوچ، 2009ع: 111)
    پراچين ۽ ويجهي اتهاس ۾ انهن پڻي لوڪن ۾ هڪڙا اهڙا واپاري هئا، جيڪي موتين ۽ جواهرن جو واپار ڪندا هئا. هو سون کي ليکيندا ئي ڪونه هئا. اهي مهراڻ جا موتي کڻي وڃي، ٻين ملڪن ۾ وڪرو ڪري ايندا هئا، ڄڻ ته اهي دلير ’سائو‘ سنڌ جي واپاري هر اول دستي وارا وڻجارا هئا، جيڪي ’سري لنڪا‘ جي سڄي مارڪيٽ تي ڇانئجي ويندا هئا.
    لطيف سائينءَ، پنهنجي فلسفي کان وڌيڪ ڳوڙهي ۽ تاريخ کان وڌيڪ سچا سبق ڏيندڙ، پنهنجي عاليشان، انسان دوست رسالي جي سُرن- سامونڊي ۽ سريراڳ ۾ سندن ٻيڙن جو سمنڊ کان درياهه (کاري کان مٺي) ڏانهن موٽڻ جو اهڙو احوال ڪندي چيو آهي:
    کاري کيڙائو، مٿي مٺي موٽيا،
    سودو ڪن نه سون جو، وڏا وِهائو،
    موتي جي مهراڻ جا، تن جا طاماعو،
    سامونڊي سائو، لنڪا لوپي آئيا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 76)
    سچا موتي هٿ ڪرڻ لاءِ ٽوٻا منهن تي شيشو ڏئي سمنڊ ۾ ويندا هئا ۽ سچين سپين مان موتي ڳولي ايندا هئا، ان جي معنيٰ ته سنڌي ٽوٻا ۽ غواص اڄ جي دور جي سائنسي شين ۽ اوزارن جوڙڻ واري ترقيءَ جي منزل تائين ذري گهٽ پهتا هئا. اهي صراف اکين تي خوردبيني (ڪَنيَرَ) هڻي موتيءَ جي سچي ۽ بهتر هئڻ جي پرک ڪندا هئا. لطيف سائينءَ انهيءَ جواهرن جي وڻج، واپار ۽ ان جي عيوض حاصل ٿيندڙ دولت ۽ خوشحاليءَ جو تفصيلي ذڪر سر سامونڊيءَ ۽ سر سريراڳ ۾ ڪندي چيو آهي ته:
    ويا جي عميق ڏي، منهن ڪائو ڏئي،
    تن سپون سوجهي ڪڍيون، پاتاران پيهي،
    پسندا سيئي، امل اکڙين سين.
    (آڏواڻي، 1993ع: 53)
    آڇاڙا عميق جا، گڏيا غُواصن،
    جهَريون جهاڳي آئيا، ڪارونڀار ڪُنن،
    سمنڊ سوجهي جن، آڻي اَمُلَ اوليا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 53)
    وڃن مَ وينجهار!، پاڻيٺ جي پرکڻا،
    ڪَنير پايو اکئين، لهن سڀ ڪنهن سار،
    موتيءَ جي مزاج جو، قدر منجهه ڪنار،
    صرافنئون ڌار، ماڻڪ، ملاحظو ٿئي!
    (آڏواڻي، 1993ع: 61)
    وت ويمي جو جي لهين، ٻي ڪار نه ڪرين ڪا،
    سا پروڙ جي ڳالهڙي، وڻجارن وٽان،
    موتي جن هٿان، آندئي گهڻي ادب سين
    (آڏواڻي، 1993ع: 60)
    سونا! وانءُ صراف سيئن، لڏو لاهه مَ لڏ،
    سودو سوئي ڇڏ، جنهن ۾ جواهر ناهه ڪي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 60)
    اي گت غواصن، جيئن سمنڊ سوجهيائون،
    پيهي منجهه پاتار جي، ماڻڪ ميڙيائون،
    آڻي ڏنائون، هيرا لال هٿن سين.
    (آڏواڻي، 1993ع: 53)
    سيوا ڪر سمونڊ جي، جت جر وهي ٿو جال،
    سنئين وهيس سير ۾، هيرا موتي لال،
    جي ماسو جڙئي مال، ته پوڄارا! پُر ٿئين.
    (آڏواڻي، 1993ع: 52)
    سنڌو ورڪي واپاري، پراچين دور کان جيڪو وڻج واپار ڪندا هئا، اُن ۾ منڊين، ڳچيءَ جي هارن، وارن جي بڪلن، ٻانهن جي چُوڙين، چوڙن ۽ ٻئي زيور لاءِ ’مڻيا‘ اهم جنس رهي آهي. مختلف قسم جي پٿرن ۽ ڌاتن ۽ عاج مان ’مڻيا‘ ٺاهڻ جا ڪارخانا، هڙپا، موهن جي دڙي، لاکين جي دڙي، چانهون جي دڙي ۽ جڊير جي دڙي ۽ سنڌن والا ۽ لوٿل وارن سنڌو ماڳن (Indus Sites) ۾ هئڻ جون ثابتيون مليون آهن. لطيف کي انهيءَ پراچين دور واري هنر جي چڱيءَ ريت ڄاڻ هئي، جيڪو سندس دور ۾ پوين پساهن ۾ هو.
    ويا سي وينجهار، هيرا لال ونڌين جي،
    تنين سندا پويان، سيهي لهن نه سار،
    ڪُٽين ڪٽ لوهار، هاڻي اُنين ڀيڻيين.
    (آڏواڻي، 1993ع: 61)
    لاکين جي دڙي جي وٿن (Findings) مان مختلف قسمن جا مڻيا لڌا آهن، هڪڙا ته ايترا ننڍا آهن، جو عام نظر سان ان جو ’سل‘ (سوراخ) نظر نٿو اچي. اهڙي ’ونڌڻ‘ واري ڪاريگري اُن دور ۾ رڳو سنڌو سڀيتا کي حاصل هئي. ”اهڙو سنڌو ساخت جو مڻيو، عراق جي آڳاٽن بادشاهن جي قبرستان ”راڻي شبيد“ جي مقبري مان لڌو آهي، جيڪو 2700 سال ق.م کان به اڳي اتي حڪومت ڪندا هئا.“ (لئمبرڪ، 2005ع: 29) جيڪو لازمي طرح سان سنڌ جا واپاري اوڏانهن کڻي ويا هئا.
    سنڌو سلطنت جي واپار جو نقشو پنهنجي وسعت جي لحاظ سان، حيرت ۾ وجهندڙ آهي. موهن جي دڙي وٽان، بيهي ڪري چؤڏسائن ۾ ڏسبو ته، سنڌو لوڪن جي هنرن ۽ ڪاريگريءَ ۾ جيڪو ڪچو مال استعمال ٿيندو هو، اهو مختلف ويجهن ۽ ڏورانهن علائقن مان به ويندو هو. جهڙوڪ ڪرناٽڪ ۽ نيشا پور کان سون، بدخشان ۽ ڪاٺياواڙ کان سچا موتي، ترڪستان ۽ نيلگريءَ جي ٽڪرين مان بهترين پٿر، راجسٿان ۽ لس ٻيلي مان ٽامو، اجمير مان سيهو، ڪشمير مان ديال جو ڪاٺ ۽ قيمتي پٿر، ڏکڻ افغانستان، سؤراشٽر، ڪڇ ۽ نربدا مان مختلف قسم جا پٿر، ڏکڻ انڊيا ۽ اڀرندي درياهه هاڪڙي جي ڇاڙن وارن ٻيلن مان ڪاٺ ۽ اتي جي جانورن مان عاج حاصل ڪيو ويندو هو، جن مان سنڌو واپاري، وکر (مصنوعات) جوڙيندا هئا.
    ”ان کان علاوه ٻين مصنوعات سان گڏ سنڌو نموني جا ٿانوَ ۽ صندوقون، سوسه، اُر ۽ ميسوپوٽيميا جي ڪن هنڌن تان مليا آهن، جن مان ٻنهي علائقن جي وچ ۾ واپار جي ثابتي ملي ٿي. ميسوپوٽيميا جي ديالا نديءَ جي واديءَ واري ميدان ۾ قائم ٿيل آبادين مان، چٽساليءَ واريون مهرون، ٿوهي واري ڍڳي جي رسمي طور ڪونَرَ جي اڳيان بيٺل شبيهون مليون آهن، جيڪي سنڌو تهذيب سان تعلق رکن ٿيون. (لئمبرڪ، 2005ع: 29)
    سنڌو واپارين جو اهو اڙانگو سفر هوائن جي آڌار تي هو، نومبر ۽ ڊسمبر ڌاري ۽ ڏياريءَ جي ڏينهن ۾ سواين (اتر) هوائن هلڻ تي هو روانا ٿيندا هئا ۽ واهوندن جي مند (سانوڻيءَ کان ٿورو پهرين ۽ پوءِ وارين تيز هوائن) ۾ واپس ورندا هئا. سر سامونڊي ۾ ان جو تذڪرو هن ريت آهي:
    لڳي اُتر اوهريا، واهوندي ورن،
    آئون گهڻو ئي گهوريان، سودو سامونڊين،
    اڱڻ جن اچن، عيد ورتي اُنِ کي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 72)
    لڳي اُتر هير، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
    ننگر کڻي ناکُئا، ٿيا سڻاوا سير،
    هنئڙي نت اڪير، کاري کيڙائن جي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 72)
    ڏِٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
    وجهيو وَرُ ونجهه کي، روئي وڻجاري،
    ماريندءِ ماري! پِرههَ سُورَ پرين جو.
    (آڏواڻي، 1993ع: 76)
    ڏٺي ڏياري، سامونڊين سڙهه سنباهيا،
    اُن کي مند اُتر جي، اوچتي آئي،
    وڻجارن وائي، آهي پرئين پار جي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 76-77)
    ٿي ڏياريءَ ڏيٺ، سڄڻ سفر هليا،
    مک پنهنجي مڪڙي، چيٺي چڱيءَ چيٺ،
    رئان رهن نه سپرين، جانڪي جهليان بيٺ،
    مون سان ڪري ميٺ، اونهي ويا اوهري.
    (سرائي، 1987ع: 26)
    کُوهَن سِر وانئٽيون، وانٽيُن سِرِ ڳنڍَ،
    کيڙي کيڙي کنڊ، ماءِ! سامونڊي آئيا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 74)
    لطيف سائينءَ جي دؤر جا اهي وڻجارا پراچين جي وڻجارن جيان، ملڪان ملڪ ويندا هئا، جتي هر ملڪ واري مصنوعات، جنس، وکر ۽ شين جي حساب سان ڏيتي ليتي وارو واپار ڪندا هئا:
    کيڙائن کارو، سنجهيئي ساريو،
    آيل! اُمارو، آهين پرئين پار جو.
    (آڏواڻي، 1993ع: 76)
    سنڌو تهذيب جو اهو مان ۽ شان وارو عروج، ان دور جي ڪن سماجي سائنسدانن (Social Scientists)، اڪابرن، ڏاهن ۽ جاکوڙين جي ڪري ئي ممڪن هو. اهو ممڪن ئي ڪونهي ته ڪو سماج مهان هستين جي شعور، ادراڪ ۽ سخت محنت کان سواءِ ايڏي وڏي ترقي ۽ اوج حاصل ڪري سگهي.
    مهرڳڙهه مان بيهي ڏسبو ته:
    سنڌو سلطنت جا تمام مُک شهر، هڙپا، لاکين جو دڙو. موهن جو دڙو، چانهون جو دڙو، ڍولا ويرا ۽ لوٿل هڪ اهم ترتيب سان نظر ۾ ايندا. اهو سڄو رستو ٽن طريقن وسيلي، درياهي، زميني ۽ سامونڊي رابطي ۽ ڳانڍاپي جي رٿابنديءَ جي بهتر ڄاڻ رکندڙ ماڻهن جوڙيو هو، جيڪي پنهنجي بنياد ۾ واپاري لوڪ هئا.
    ”سنڌو تهذيب جي آخري دور ۾ هڪ مهان سنڌو اڪابر ’گهور انگيرس‘
    (Ghora Angirasa) نالي سان هڪ هستيءَ جي موجودگيءَ جو ذڪر ملي ٿو ، جيڪو مذهبي مهندار ۽ روحاني حيثيت رکندڙ بزرگ هو.“ (خان، 2007ع: 48)
    ان دؤر ۾ سنڌي سماج دنيا سان واپاري ناتا رکندڙ هو، ان ڪري لازمي طرح سان اهڙو روحاني بزرگ ۽ هستي ڏيساور ڏوريندڙ هوندي، جنهن ڪي پتڻ، ڪي بندر، ڪي ولايتون، ڪي ملڪ ڏٺا هوندا ۽ اتي پنهنجي واپاري سماج جي ڏيتي ليتيءَ جو جوڳو بندوبست ڪيو هوندو. ممڪن آهي ته هن ’اجهاڳ ڏوريندڙ‘ جو اصلوڪو نالو ڪو ٻيو هجي ۽ ’گهور انگيرس‘ (Ghora Angirasa) سندس لقب هجي، جيڪو عوامي ٻوليءَ ۾ ’اگهوران گهوريس‘ معنيٰ ’اگهور گهوريندڙ‘ پيو هجي. هن نالي ۾ ’ر‘ (R) ۽ ’س‘ (S) تي ننڍي حرف علت (short vowel) معنيٰ: پيش ( ُ ) ڏنل آهي، جيڪو نج سنڌي نموني جي اُچار کي ظاهر ڪري ٿو. عام ماڻهن جو نالا ۽ اسم اچارڻ وارو اِهو طريقو، اڄ به سنڌو ماٿريءَ جي سمورين ٻولين، سنڌي، سرائيڪي، پنجابي ۽ لهندا جي مختلف لهجن ۾ گهڻو استعمال ٿئي ٿو. ان ڪري اها هستي لازمي طرح سان ”اجهاڳ سمنڊ ڏوريندڙ“ ۽ ڏورانهن کنڊن ۽ ملڪن تائين ويندڙ هوندي، جنهن وڏا سامونڊي سفر ڪيا هوندا. پڪ سان هو سنڌو سڀيتا جو هڪ وڏو جهاز ران هوندو. جيئن لطيف سائينءَ سر گهاتوءَ ۾ چيو آهي ته:
    گهُوريندي گُهور پيا، اگَهورُ گهُوريائون،
    ميڪر ماريائون، ملاحن مُنهن سنرا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 313)
    پراچين دؤر ۾ پرڏيهه سان واپار جا پنهنجا اصول ۽ ضابطا هئا، جنهن ۾ اڄ جي دور جيان واپاري ڪمپنين بدران رياست جي مهندار ۽ اثر وارن طاقتور ماڻهن ذريعي اهڙو واپار هلندو هو. پراچين دؤر جي واپاري سرشتي تي تحقيق ڪندڙ هڪ ليکڪ موجب:
    ”انهيءَ دور ۾ جديد مارڪيٽ واري صورت شڪل ته ڪانه هوندي، لازمي طرح سان اهڙي تجارت رياست ۽ ان جي اهم اثر وارن ماڻهن جي معرفت هلندي هوندي. انهيءَ زماني ۾ ايتريون منڊيون ڪونه هونديون هيون، ان ڪري اهڙي تجارت ڪنهن بااثر اداري وسيلي هلندڙ هوندي، جنهن پڻ (اداري جي مهندار) تجارتي ڌرين ۾ ڏيتيءَ ليتيءَ (Exchange) بابت رابطو ڪرايو هوندو.“ (Colin, 1969: 152)
    سنڌ ورڪي واپارين جي ٻين ملڪن ۾ پهچڻ ۽ اتي واپار ڪرڻ تي انهن ملڪن جا ماڻهو حيران ٿيندا هئا، ڇو ته ان دؤر ۾ سمنڊ ’اجهاڳ‘ سڏبو هو ۽ ان کي پار ڪرڻ ۽ ترڻ ناممڪن هو. پر سنڌو جهاز رانن وڃي، اگهورن کي گهوريو ۽ کنڊ - کنڊ تائين وڃي پهتا. ان تي دنيا حيران ٿيندي هئي. هڪ ليکڪ موجب:
    ”سَمير ڏکڻ عراق جو قديم نالو آهي، جتي سنڌ جي قديم رهاڪن بيٺڪون قائم ڪيون هيون، انهيءَ دور ۾ سمنڊ جي مسافري اهڙي ته خوفائتي هئي، جو عراق جي ماڻهن کين ڊپ ۽ هيبت وارو نالو ’اونس‘ ڏنو، ’اونس‘ بابلي ڏند ڪٿائن ۾ اهڙي مخلوق آهي، جنهن جو مٿيون ڌڙ ماڻهوءَ جو ۽ هيٺيون ڌڙ مڇيءَ جو آهي، جيڪا سمنڊ ۾ تري سگهي ٿي ۽ زمين تي به هلي سگهي ٿي.“ (پٺاڻ، 1971ع: 41)
    پراچين دور جا سنڌو لوڪ هڪ وڏي دنيا سان وڻج واپار وسيلي رابطي ۾ هئا ۽ هنن پنهنجون ريتون رسمون ۽ عقيدا پڻ اتي جي ماڻهن کي وڃي آڇيا، ۽ ان ريت دنيا جي هڪ وڏي حصي سان سندن واپاري، سماجي ۽ لساني ناتا جڙي پيا، جن جو اثر ۽ نشانيون، اڄ ڏينهن تائين يورپ جهڙي سماج ۾ لڀجن ٿيون.
    سنڌو سڀيتا جو واپار يورپ تائين پکڙيل هو. سنڌ ورڪي واپاري اوڀر ۽ اولهه يورپ تائين پنهنجون شيون/ وکر پهچائيندا هئا. انگريزي لفظ بينگل (Bangle) معنيٰ چوڙي آهي. اهو نج ۽ آڳاٽو سنڌي لفظ ‘Proto Indus word’ آهي، هريانا (India) جي هڪ سنڌو ماڳ جو نالو ”ڪالي بينگن“ آهي، جنهن جي معنيٰ ”ڪاريون چوڙيون“ آهي. لطيف سائين سر يمن ڪلياڻ ۾ ”ٻنگان“ ۽ ”ٻنگ“ ڪمان لاءِ استعمال ڪيو آهي.
    ”هڻ حبيب! هٿ کڻي، ٻنگان لهي ٻاڻ“
    (آڏواڻي، 1993ع: 12)
    ”چوري چنگ، ٻنگ لهي، حبيبن هنيوس“
    (آڏواڻي، 1993ع: 12)
    سنڌو ماٿريءَ ۾ مختلف نسلن جي ميلاپ سبب سنڌي ٻوليءَ جي لفظن ۾ صوتياتي تبديلين جي ڪري معنيٰ مٽجڻ سٽجڻ وارو فرق آيو آهي. اکر ’ٻ‘ ۽ ’و‘ پاڻ ۾ مٽجن ٿا، ان ريت ٻنگ ڦري ’ونگ‘ ٿيو ۽ ’ٻنگان‘ ڦري ’ونگان‘ ٿيو ۽ اڄ به سرائيڪي ۽ پنجابيءَ ۾ ”ونگان“ لفظ ”چوڙين“ لاءِ ڪتب اچي ٿو ۽ اسان وٽ اهو لفظ شاهه جي رسالي ۾ ڪمان لاءِ استعمال ٿيو آهي. جيڪا پڻ چوڙيءَ جي ويجهڙي شڪل آهي. لفظ، بينگل= بينگن= بنگان= ونگان جو ڌاتو هڪ ئي آهي، جيڪو آهي ’بو‘ (ڪمان = Bow) جنهن مان رينبو (انڊلٺ = Rainbow) ٺهيو، اهو بنيادي لفظ/ ڌاتو ’بُ‘ آهي. اسان جي ٻوليءَ ۾ متروڪ ٿي ويو آهي، انهيءَ ’بُ‘ مان ’بوم‘، ’بين‘ ۽ بينڊ (Bend=Curve) بڻيو، جنهن جي معنيٰ ’وريل‘ آهي. اهي سمورا لفظ هڪ ٻئي سان ملندڙ جلندڙ ۽ هم معنيٰ آهن. ان ريت لفظ ’هٽ‘ (Hut)، ’درَ‘ (Door)، ’سوتر‘ (Suitor) معنيٰ سُٽ جو ٺهيل اوڍڻو، جنهن کي هاڻي انگريزيءَ ۾، سوئٽر چيو وڃي ٿو، ۽ اهڙا ٻيا انيڪ لفظ، مي، مان ۽ مين (Me)، نام ۽ نانءُ (Name)، نانءُ (Noun)، واءِ، وائل (Vowel) ۽ اهڙا ٻيا ڪيترا ٻيا لفظ جيڪي سنڌ-يورپي ٻولين (Indo-European Languages)، واري آڳاٽي رشتي ۽ سنڌو تهذيب جي عروج واري واپاري اثر جي ثابتي ڏين ٿا. دنيا جي هڪ مشهور اينٿراپالاجسٽ ۽ مذهبن جي تاريخ جي ڇنڊڇاڻ ڪرڻ واري هڪ محقق، آلين ڊينيلائو (Alain Danie Lou) پنهنجي ڪتاب ‘God of Love and Ecstasy’ (The Tradition of Shiva Dinoysus) ۾ لکيو آهي ته، ”سنڌو سلطنت جي درواڙي ٻولي پنهنجيون سرحدون اُڪري، ڀونوچ سمنڊ (Meditranean Sea) تائين وڃي پهتي.باسڪئس (Basques)، جارجيا (Georgia)، ليڊيا (Lydia)، ايتروسڪئن (Etruscan)، ڪريٽ (Crete)، ڏکڻ اٽليءَ جو پيلاسجيا (Palasgia) وارو علائقو، ويندي مالٽا (Malta) ۽ سڄو ايشيا مائنر (Asia Minor) انهيءَ ٻوليءَ کان متاثر ٿيو. (Aoumiel, 1994: 5-6) سنڌو تهذيب پنهنجي اؤج واري دؤر ۾، هڪ ترقي پسند ۽ اڳتي وڌڻ وارو جوهر رکندڙ هئي، جيڪا پنهنجي اؤج ۽ عروج واري زماني ۾، دنيا جي هڪ وڏي علائقي سان لهه وچڙ ۾ آئي. ان تي پنهنجا گهرا اثر ڇڏيائين.
     ’بوم = آسٽريليا جي اصلوڪن رهواسين جو قومي هٿيار ’بومي رينگ‘ ننگر پارڪر جي ڪولهين جي ’ڪاتر‘ جهڙو آهي، جيڪا پڻ ونگ جي شڪل ۾ آهي. (ح. ق)

    آڳاٽي سنڌي ٻولي (Proto Indus Language) سنڌو تهذيب جي اوج واري شهري دور (Mature urban phase of Indus) ۾ ننڍي کنڊ جي هڪ وڏي حصي ۾ عام رابطي ۽ لاڳاپي واري ٻولي هئي. اِها هڪ عالمگير سنڌو تهذيب جي ٻولي هئي، جنهن سماج جي هر رُخ کان دنيا تي پنهنجو اثر وڌو. هڪ آمريڪي محقق خاتون اؤميل (Aoumiel) اسڪاٽ لئنڊ ۾ سنڌو لکت (Indus script) جي لڀجڻ جي ڳالهه ڪئي آهي.
    قديم آثارن جي ماهر ايل. فيئر سروس (L. Fair Servis) آڳاٽي ايلمتي لکت ۽ سنڌو لکت جي هڪ جهڙين صورتن تي تحقيق ڪندي، ان جي ڀيٽا وار تختي تيار ڪئي آهي.
    (Possehli 1996 Fig 44-45)
    هن آڳاٽي ايلمتي دراوڙي ٻوليءَ جي حدن ۾ ايران، ڏکڻ افغانستان، موجوده سڄو پاڪستان ۽ ڏکڻ هندستان جو اهو علائقو ڄاڻايو آهي، جيڪو سنڌو سلطنت (Indus Empire) جو چوٿون ۽ ڏاکڻون صوبو هو.
    (Possehl,1996: Fig: 52)

    سنڌي ٻولي ننڍي کنڊ کان سواءِ دنيا جي هڪ وڏي ڀاڱي جي رابطائي ٻولي پڻ هئي، اِهو سڀڪجهه ان قديم پراچين سنڌو سماج جي معاشي ۽ واپاري هلچل جي ڪري ممڪن ٿيو هو.
    سنڌو سماج جي ترقي يافته شهري دور کان گهڻو اڳ اٽڪل 10000 کان 8000 ق. م ۾ سنڌو لکت جي هڪ تمام قديم ۽ آڳاٽي تصويري شڪل موجود هئي، ان جي ثابتي اوڀر ٻيٽ (Easter Island) مان لڌل ڪاٺ تي اُڪريل قديم لکت مان ملي آهي. اِها لکت موهن جي دڙي ۽ ان جي سهيوڳي ٻين شهرن: لوٿل، ڍولا ويرا، چانهونءَ جي دڙي، لاکين جو دڙي ۽ هڙپا جي اوج ماڻڻ کان گهڻو آڳاٽي ۽ اوائلي سنڌو تهذيب (Pre Indus) دور جي نظر اچي ٿي. ان ’اوڀر ٻيٽ‘ (Easter Island) تي اهي آڳاٽا سنڌو لوڪ ٻيڙن ۽ هوڙن ۾ چڙهي پهتا هوندا. ان جو مطلب ته سنڌو سماج اٽڪل (10000 کان 8000 ق. م) ۾ نه رڳو ڦيٿو ۽ نار پر ٻيڙا ٺاهڻ ۽ سمنڊ ۾ هاڪارڻ وارو فن ايجاد ڪري چڪو هو. اهڙي اوڀر ٻيٽ جي لکت ۽ سنڌو لکت جي ڀيٽا وار تختي قديم آثارن ۽ ٻولين جي ماهر ايم. ڊي هيوزير تيار ڪئي آهي، جنهن جو مطالعو سنڌوءَ جي ودوانن ماهرن لاءِ حيرت ناڪ آهي.
    (Possehl, 1996: Fig: 59)



    (Possehl, 1996: Fig: 60)
    آڳاٽا سنڌو لوڪ، بلوچستان، ايران ۽ عراق جي جبلن ۽ لڪن کي لتاڙي فلسطين ۽ يروشلم وارن ماڳن تي پهتا، جتان وري ٻيڙن وسيلي ڪريٽ (Crete) جي ٻيٽن تي آباد ٿيا، پوءِ يونان (Grece) کان ٿيندا اوڀر يورپ ۽ پوءِ سڄي يورپ ۾ پکڙجي ويا. اهو پهريون ڀيرو 30000 ق. م ۾ ٿيو ۽ ان کان پوءِ اهڙي آخري لڏپلاڻ 4000 ق. م ۾ ٿي آهي.
    اهي ماڻهو پاڻ سان گڏ پنهنجي ثقافت، پنهنجا گيت ۽ پنهنجو رسم رواج به کڻي اتي پهتا، موهن جي دڙي جي مهر تي اُڪريل پسو پتيءَ جي چتر ۽ يورپ جي ڪئلٽڪ لوڪن جي سرسرنوس جي چتر ۾ هڪجهڙائي، اهڙي آڳاٽي بنيادي لاڳاپي ۽ ساڳئي بنياد مان اوسر جي ثابتي آهي.









    سنڌو تهذيب جي شهرن کي زوال اچڻ کان پوءِ اٽڪل 700 ورهيه (1500کان 800 ق.م) ڄڻ اوندهه جو دور هو، ان کان پوءِ سنڌو تهذيب جا نوان مرڪز جڙي پيا، ڄڻ اهي شهر وري زندهه ٿي ويا هئا ۽ سنڌ تي راڻي دهسلا (راڻي ڏهسري) ۽ سندس مڙس راجا جئدرٿ، جنهن سنڌ جي ٻن وڏن نسلي گروهن، جتن ۽ ميدن کي متحد ڪري پنهنجو راڄ قائم ڪيو. ڪتاب ’مهاڀارت‘ (1000 ق. م) ۾ ڄاڻايل آهي ته، ”سنڌو سؤوير (Indus Empire) جي لوڪن جي بادشاهه جئدرٿ کي، سؤوير جي ٻارهن شهزادن سان گڏ، جن جي هٿن ۾ جهنڊا آهن، دروپديءَ سان ڳالهائيندي ڏيکاريو ويو آهي.“(Roy, 1965: 560)
    هڪ سنڌي چوڻي آهي ته:
    ”ٻارهن ويٺا ٻاريءَ ۾، ارڙهن هئا اهِير.“
    چوڻيون تاريخ ته ناهن هونديون، پر انهن جو بنياد، پنهنجي ڌرتيءَ ۽ پنهنجي سماج جي اتهاس سان ئي جُڙيل هوندو آهي، جنهن ۾ ريتون رسمون، رهڻي ڪهڻي مطلب ته سڄي سماجي نفسيات پلٽيل هوندي آهي ۽ ان جي ڇنڊ ڇاڻ ۽ ان کي سمجهڻ لاءِ ڪنهن قومي سماج جي هر سطح جي اڀياس ۽ اتهاس کي نظر ۾ ضرور رکيو ويندو آهي؛ ان ڪري اها چوڻي سنڌ جي انهيءَ پراچين اتهاس جي بنياد تي ٻڌل ٿي ڏسجي.
    پراچين دؤر جي سنڌو سڀيتا جي هڪ ماهر ۽ سنڌ ودوان (Sindhiologist) ايس. آءِ. راءِ، هڪ ’سنڌو مهر‘ تي اُڪيريل سنڌو لکت جي ڀاڃ هن ريت ڪئي آهي:
    ”سؤوير، بادشاهن جو بادشاهه“ (Soviour, king of the kings) (Rao, 1991: 248 & Indus Seal No: 240) ان سنڌو مهر تي ٻه چورسا (Square) ڏنل آهن، جيڪي وري ٻارهن خانن ۾ ورڇيل آهن. ان جو مطلب ته سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي چئن وڏن صوبن مان، هر هڪ حصو انتظامي طرح سان ٽن حصن ۾ ورهايل هو، جنهن تي ٽن شهزادن جي حڪمراني هئي، جن وٽ پنهنجا نائب ۽ مددگار الڳ الڳ هئا. ان جو مطلب ته سنڌو سڀيتا پنهنجي ڦيٽاڙ واري دور (1500 ق. م) ۾ به پنهنجي اصلوڪي انتظامي حيثيت کي قائم رکندي آئي، لڳي ائين ٿو ته سنڌ جا مرڪزي واپاري شهر ته ختم ٿي ويا، پر اندروني انتظام سماج جي مختلف سطحن تي قائم رهيو، ۽ ملڪ اندر معاشي چرپر قائم رهندي آئي ۽ بهتر صورت ٿيڻ تي، پنهنجو حڪومتي سرشتو ۽ پنهنجا تاريخي واپاري ناتا بحال ڪرڻ جا جتن ڪندا رهيا.
    انڊيا جي قديم آثارن واري شعبي جي ماهرن، پرڏيهي ماهرن جي مدد ۽ سهڪار سان جهوناڳڙهه، گرنار، سومناٿ، گجرات جي ٽنهي ڀاڱن ۽ راجسٿان ۾ 250 کان مٿي سنڌو سڀيتا جا ماڳ (Indus sites) ڳولي لڌا آهن. جڏهن ته سمورن سنڌو- صوبن (رياستن) ۾ اهي قديم سنڌو ماڳ (Indus sites) 1500 کن ثابت آهن. سنڌو سماج جو ڪردار، مختلف دورن جي فرق سان ساڳيو ۽ ڪرشماتي ڪردار رهيو آهي.
    چوٿين صدي ق. م ۾ چندر گپت موريا، جنهن کي مسٽر ٽئمبي موهن جي دڙي ۽ هڙپائيءَ حڪمرانن جو پونئير قرار ڏنو آهي.“ (خان، 2007ع: 48) جڏهن ته هڪ ٻئي ليکڪ ڪرنل ٽاڊ ”وقائع راجسٿان“ ۾ سومرن کي چندر گپت موريا جا پونئير ڄاڻايو آهي. (خان، 2007ع: 48)، تن سنڌو سلطنت جي انهن قديم حدن کي قائم رکيو ۽ سموري سنڌو سماج کي مرڪزيت ڏئي سگهيا.
    سن 160 ق. م ۾ ”سنڌو سلطنت جي يوناني بادشاهن ۾ مئنيندراعظم شهزادي ائگاٿو ڪليئا پرڻجڻ کان پوءِ قديم سنڌ جو مالڪ بڻيو. هن جا سونا سڪا، جن تي هن ڌرم جو ڦيٿو يا ڪنول جو گل ڇاپيو ويو هو، سي عالمي تجارت جي ڪم آيا. سنڌ جي سوداگرن اهي سڪا انگلينڊ تائين به پهچايا، جيڪي ويجهڙائيءَ واري دور ۾ ويلس جي ڪنارن تان لڌا آهن“. (خان، 2007ع: 106). ان کان پوءِ، اتهاس ۾ راءِ گهراڻي جو ذڪر اچي ٿو. راءِ گهراڻي جي حڪومت سن 499 کان 642ع تائين قائم رهي ۽ برهمڻ حڪومت سن 642ع کان 712ع تائين رهي. ايتري ٿوري عرصي ۾ سڄي قديم سنڌو سلطنت ٻيهر مرڪزيت ته اختيار ڪري سگهي، پر ڀرپاسي جي نون اُڀري آيل سامراجن جي ڪري اهو ڪردار ادا نه ڪري سگهي، جيڪو پراچين دور جي واپارين جي ڪري ممڪن ٿيو هو.
    ”راجا چچ چاليهن سالن جي حڪومتي دور ۾ سنڌو سلطنت جا سڀئي علائقا هٿ ڪيا، باغي حاڪمن سان جنگيون ڪيون ۽ ملڪ کي وري نئين سر منظم ڪيو. سندس دور ۾ سنڌ جون حدون اتر ۾ ڪشمير تائين ۽ اولهه ۾ مڪران ۽ ڪيڪانان تائين وڌيل هيون، جنهن ۾ اسڪلنده، ملتان، سيوستان، برهمڻ آباد، ارمابيل، قندابيل ۽ ٻيا شهر اچي ٿي ويا.“ (پٺاڻ، 2010ع: 110) هو سنڌ جي سرحدن ۾ توسيع ڪري، سنڌ جي قديم رياستي صورتحال کي بحال ڪرڻ ۾ ڪامياب ويو.
    ”چچ سنڌ جو پهريون حاڪم آهي، جنهن سنڌ ۽ ڪشمير جي وچ ۾ سرحدون مقرر ڪيون، چچ نامي ۾ لکيل آهي ته: ”ڪشمير مان مراد آهي اُتر پنجاب، جنهن ۾ لاهور ۽ پنڊيءَ جا علائقا اچي وڃن ٿا.“ (پٺاڻ، 2010ع: 110) ان هوندي به هن جي سلطنت جي عدم مرڪزيت ڪن ڳالهين مان ظاهر ٿئي ٿي. جهڙوڪ: هن حجاج بن يوسف کي کُتو جواب ڏنو ته: ”سامونڊي قذاق (ڌاڙيل) سندس وس ۾ نه آهن.“ (شيخ، 2006ع: 20) هونئن ته ڊاڪٽر ممتاز پٺاڻ ۽ ٻين تاريخ لکندڙن عربن جي حملي جا ٻيا به ڪيترائي جواز ڄاڻايا آهن. ”مسلمانن جا سنڌ تي حملا 15 هه/ 636ع کان 94 هه / 712ع تائين اٽڪل 14 ليکجڻ ۾ آيا آهن. جن جو سڄو تفصيل سنڌ جي تاريخ ۾ موجود آهي“. (نظاماڻي، 2006ع؛ 88-97) راجا ڏاهر جي دور ۾ سنڌو رياست جي سامونڊي ڪنارن خاص طرح سان ڪڇ جا سنڌ سان تعلق رکندڙ ماڻهو ڇڙواڳ رهڻ پسند ڪندا هئا. ان جو هڪ سبب دنيا جون ٻيون قومون سمنڊ جي زندگيءَ ۾ اسري آيون هيون، جن ڪوشش ڪري سنڌ جي وڻج واپار جا رستا بند ڪري ڇڏيا هئا، هنن طاقتور قومن گهريو پئي ته سڀ سنڌي وڻجارا پنهنجو وکر (مصنوعات) سندن حوالي ڪن ۽ هو رڳو ٿوري نفعي تي راضي رهن. انهيءَ ڳالهه ڏکڻ سنڌ جي سمنڊ سان واسطو رکندڙ ماڻهن ۾ افراتفري ۽ بغاوت پيدا ڪئي ۽ ڪيترائي علائقا پنهنجي منهن خودمختيار هئا، خاص طرح سان ڪڇ وارو علائقو، جتي راءِ گهراڻي جي نُک مان سما راڄ وارا ’جاڙيجا‘ وڏي انگ ۾ آباد هئا ۽ انهن ڪڇ جي هڪ وڏي علائقي تي حڪومت قائم ڪري ورتي هئي. اهي جاڙيجا تمام اڙٻنگ ۽ ڏنگا ماڻهو رهيا آهن. هنن جي ناراض ٿيڻ ۽ بغاوت ڪرڻ ۽ ٻين ڏنگائين جو ذڪر لطيف سائين به ڪيو آهي ته، ”جاڙيجا اجايو ڪڇ جي راءِ سان ناراض ٿيا آهن ۽ هاڻ چوڏهن چارن (شاهراهن) وارو ڪڇ ڪيئن ماڻي سگهندا، جتي سندن راڄ رهن ٿا.“
    راءِ سين رُٺا جي، تن جاڙيجن جاڙ ڪي،
    ڪيئن ماڻيندا سي، چوڏهن چارو ڪَڇَڙو؟
    (آڏواڻي، 1993ع، 465)
    ٻي جڳهه تي لطيف سائينءَ چيو آهي ته:
    ”وَههَ ۾ واگهيرن جي، چارئي پهر چال“
    (سرائي، 1985ع، 53)
    اهي واگهيلا/ واگهيرا به ڪڇ جا ملاح هئا، جيڪي واپاري جهازن کي ڦُريندا هئا ۽ سنڌ واسين کي به نه بخشيندا هئا.
    ڪڇ، جيڪو پراچين دور ۾ سنڌو سلطنت جي ڏاکڻي رياست جو هڪ اهم علائقو هو. اڀياس مان اِهو پتو پوي ٿو ته، ’لوٿل‘ واري دؤر کان پوءِ به، جهازن ٺاهڻ جو هُنر ڪڇين وٽ گهڻو هو؛ جو هنن وٽ ٻيڙا ۽ جهاز ٺاهڻ وارو اِهو هنر ڪيتريون ئي صديون موجود رهيو. ان جا سبب هنن جي سمنڊ سان ويجهڙائپ ۽ انهن جي پراچين سمي جي علائقن سان گهرو تعلق رهيو آهي.
    ممڪن آهي ته ’ڪڇ‘ جا ملاح لوٿل جي اصلوڪن ’جهاز جوڙيندڙن‘ هنرمندن جي نسل مان هجن. بهرحال صدين کان ڪڇ جا ملاح، جهاز ران ۽ ڦورو تاريخ ۾ مشهور آهن، ”سن 1762ع ۾ جيڪو پهريون بحري جهاز ننڍي کنڊ مان انگلينڊ پهتو هو، سو ڪڇين ڪنهن به ٻاهرينءَ مدد کان سواءِ ٺاهيو هو“. (پنهور، 2004ع: 25)
    راءِ گهراڻي مان ئي ’سوم راءِ‘ جو اولاد سومرا قبيلي نالي سان 1010ع ۾ سنڌ جو حڪمران بڻيو، (راشدي، 1971ع: 624) بعد ۾ سندن سوٽ سما خاندان 1350ع ۾ سنڌ جو حڪمران ٿيو ۽ ٻنهي خاندانن 510 ورهيه (1010کان 1520ع) سنڌ تي حڪومت ڪئي. انهيءَ دور ۾ سنڌ ۾ وڏي صنعتي ترقي ٿي ۽ سنڌ جو وڻج واپار وارو تعلق وچ اوڀر سان ٻيهر قائم ٿي ويو. سن 1520ع ۾ سما راڄ جو انت آيو ۽ سنڌ تي چنگيزي نسل جي ارغون خاندان جي حڪومت قائم ٿي ويئي.
     سنڌ ۾ سومرن جي اقتدار ۾ اچڻ جو سال 1010ع ڄاڻائيندي، سيد سليمان ندوي پنهنجي اردو ٻوليءَ ۾ لکيل ڪتاب ’تاريخِ سنڌ‘ (5 آگسٽ 1947ع) ۾ تفصيلي بحث ڪيو آهي. حسام الدين راشدي ’تحفة الڪرام‘ (فارسي ڇاپو- آڪٽوبر 1971ع) ۽ ايم. ايڇ پنهور پنهنجي شاهڪار ڪتاب ‘Chronological Dictionary of Sind’ (15 August, 1983) ۾ به ساڳيو سال ڄاڻايو آهي، جڏهن ته سنڌ جي هر هڪ ادبي تاريخ ۾ اڪثر محققن سن 1050ع ڄاڻايو آهي، جنهن کي درست ڪرڻ گهرجي. (ح. ق)

    ”سما حڪومتي دؤر جي آخر ۾، يورپي ملڪن مان خاص طرح سان پرتگال/ پورچوگال سان سنڌ جو واپار شروع ٿيو، اهو واپار شروعات ۾ وچ اوڀر جي ملڪن جهڙوڪ: عراق وسيلي هو، پوءِ هنن سنڌ سان سڌو واپاري ناتو قائم رکيو. اوڀر يورپ جي واپارين پاران اصل سنڌ جي نرم چمڙي مان ٺهيل، رنگارنگي پٽ جي ڀرت سان ڀريل گهوڙن جا ’سنج‘ ۽ ڪئليڪو نالي نفيس ڪپڙي جي تمام گهڻي گهرج هئي. هتي رڳو ٺٽي ۾ نت نئين قسم جي ڪپڙي جي اُڻت 2000 آڏاڻن تي ٿيندي هئي. انهيءَ ڪپڙي ۽ سامان جي ايشيا ۽ پرتگال ۾ گهرج تمام گهڻي هئي.“ (Ghafoor, 2003: 18-19) لطيف سائينءَ سُر ڪاپائتيءَ ۾ سنڌ جي انهيءَ نفيس ڪپڙي ۽ ان جو ڌاڳو ٺاهيندڙ ڪاپائتين جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته:
    ”ململ منجهان ماءُ، جن سکيو تن سون ڪيو.“
    (آڏواڻي، 1993ع: 431)
    ڪَتي مٿي آئيون، ڪري تند تيار،
    اُٽلَ اوڏانهين ٿئي، جيڏانهن پرين پار،
    ڪاپائتيءَ قرار، منجهان پورهئي آئيو.
    (آڏواڻي، 1993ع: 432)
    پراچين دؤر کان لطيف جي دؤر تائين، ڪاسبي ماڻهن ۽ هنرمندن جو سنڌ ۾ هڪ وڏو جهان رهندو هو. وٽن ڪلا ۽ ڪلاونتيءَ جا انيڪ نمونا ۽ نوان ورن هئا. اهي هنرمند لوڪ، پراچين دؤر جي سنڌين جو اولاد هو ۽ آهي، جن عظيم الشان ’سنڌو سلطنت‘ قائم ڪري، دنيا جو پهريون واپاري سماج تخليق ڪيو. هو جاوي (انڊونيشيا) ۽ لنڪا (سريلنڪا) تائين ويندا هئا. سنڌباد سيلاني نالي سان سنڌو تهذيب جي جهازين جا قصا دنيا جي لوڪ ادب ۾ عام هئا، جن اوائلي دور ۾ ٻيڙا هاڪاري دنيا جي هڪ وڏي حصي سان وڻج واپار ۽ رابطو قائم ڪري، ٻين قومن تي پنهنجي تهذيب ۽ ترقيءَ جو وڏو اثر ڇڏيو.
    سمن جي دور تائين سنڌي وڻجارن جي ڀرپور معاشي هلچل سنڌ جي شهرن ۾ صاف نظر اچي ٿي. پر لطيف جي دور ۾ عالمي سطح تي يورپي قومن جي اڀري اچڻ جي ڪري صورتحال پونين پساهن ۾ نظر اچي ٿي. ٻيڙا ضعيف ٿي چڪا هئا، معلم (رهبر) اڳين ماڳن (Front Line) تي بيدار نه بيٺا هئا؛ ان ڪري بحري سفر کي يورپي قومن ۽ خود سامونڊي رنڊڪن مان تمام گهڻو خطرو هو. انهن ٻيڙن کي ڪڏهن ڪڏهن سامونڊي ٽاڪرائين (Oceanic Ridges) سان پڻ نقصان ٿيندو هو. لطيف سائينءَ اهڙي صورتحال ۾ ٻيڙن جي ڦاسجڻ بابت چيو آهي ته:
    ملاح معلم کي، اڀو ڪري سَڏُ،
    تري هيٺ ترازَ جي، ڪيو ڪڙڪو ڪَڏُ،
    هي مال پهچي مَڏُ، جو پاڻ پرائو چاڙهيو.
    (بلوچ، 2009ع: 101)
     لاڳيدار = سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙن کان ٽئڪس اوڳاڙيندڙ. (ح. ق)

    قدرتي رنڊڪن، طوفانن، اوتڙ ٿيڻ کان سواءِ پندرهين صديءَ ۾ سامونڊي راهداريءَ واري ڳري رقم، ”لاڳ“ ۽ ”سونگ“ نه ڏيڻ عيوض سمنڊ تي راڄ ڪندڙ، طاقتور ڌرين ۽ سامونڊي قذاقن پاران ٻيڙا روڪيا ويندا هئا، ان ڪري جيڪي ٻيڙا ’لاڳيدار‘ وڃڻ ڏيندا هئا، ان بابت لطيف سائين خوش ٿيندي چوي ٿو ته:
    گهر تنين جي کير، جن لاڳيدار لنگهائيا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 64)
    ته مُهري مَٿائي، تو سَڄيائي معاف ٿئي.
    (بلوچ، 2009ع: 113)
    وچينءَ جان ويهي، جَر پلوءَ پانيان،
    ”تڙ ٻيڙا! گهر سپرين!“ اَوسهه اي پيئي،
    جيئن وڻجارو سين وکرين، سَرها سڀيئي،
    حرمت ساڻ حبيب جي، سونگيا نه سيئي،
    پاڻهين اوءِ پيهي، کنڊ کيڙائو آئيا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 64)
    ننڍي کنڊ جي تاريخ ۾ هڪ ڀيرو ته شاهي خاندان جا ٻيڙا سونگيا ويا هئا، معنيٰ سونگ (Tax) نه ڏيڻ سبب روڪيا ويا هئا. اهو واقعو ٻئي ڪنهن سان نه، پر انڊيا جي سڀني کان طاقتور حڪمران اڪبراعظم جي پڦيءَ ۽ مشهور ڪتاب ’همايون نامه‘ (فارسي) جي مصنفه گل بدن بيگم سان ٿيو هو. ”جڏهن هوءَ ٻين بيگمات، گل ازر بيگم ۽ سليمه سلطان بيگم (اڪبر جي گهر واريءَ) سان گڏ سورت بندر (سورٺ بندر) تي پهتيون ته پورچوگيزين کين حج تي وڃڻ کان روڪيو ۽ ’لاڳ‘ (Tax) جي ڳري رقم جي گهر ڪئي وئي ۽ اٽڪل ست مهينا يا هڪ سال تائين راهداري (سونگ) نه ڏيڻ سبب اهي شاهي بيگمات گجرات ۾ رهي پيون. ان ريت 17 آڪٽوبر 1576ع تي حج جي سعادت لاءِ روانيون ٿيون، ان عرصي ۾ سڄي ننڍي کنڊ ۾ اهو افواهه پکڙجي ويو ته حاجين جي ٻيڙي کي يورپين روڪي ڇڏيو آهي. جڏهن ته اهو مسئلو رڳو راهداريءَ جو هو. واپس ورندي انهيءَ ٻيڙي کي عدن وٽ حادثو پيش آيو ۽ ٻيڙو جابلو ٽڪرين سان ٽڪرائجي ٽٽي ويو، ان سبب وڌيڪ عرصو کين عدن جي بندر تي رهڻو پئجي ويو. 1582ع ۾ شاهي خاندان جي بيگمات جو فتح پور سڪري پهچڻ ممڪن ٿيو.“ (Begum, 1947: 71-75)، اهو مسئلو ڪڇ جي راءِ جي مدد سان حل ٿيو هو. اهو سڀ ان ڪري ٿيو، جو ان دور ۾ هرمز کاريءَ(Ourmes Strait) تي پورچوگيزين جو قبضو پختو هو، جن سنڌ جو واپار وچ اوڀر سان ٿيڻ واري ڪم کي رنڊائي ڇڏيو هو. هنن جي گهر (Demand) هئي ته سنڌ جا واپاري سندن تيار ٿيل مال سندن حوالي ڪن ته جيئن هو يورپ کڻي وڃي وڪرو ڪندا.
     لاڳيدار = سامونڊي جهازن ۽ ٻيڙن کان ٽئڪس اوڳاڙيندڙ. (ح. ق)
     مُهري ۽ مَٿ = ان دؤر ۾ سمنڊ جا ٻه جدا ٽئڪس هئا، جن مان مَٿائي جرمانو يا وڌيڪ لاڳ يا سونگ آهي. (ح. ق)

    لطيف سائينءَ جي دؤر کان وٺي انگريز دؤر تائين، اهو سامونڊي رشتو ۽ ناتو قائم رهيو. هن پنهنجي دؤر ۾، سنڌو سمنڊ ڪناري وڻجارن کي پرڏيهه کان ايندي ۽ ويندي ڏٺو هو. ۽ پڻ وڻجارن جي زالن کي سندن ورن جي پرديس جي بندرن تان واپس اچڻ تي خوش ٿيندي ڏٺو ته هُن، انهن جي اهڙن جذبن کي هِن ريت بيان ڪيو:
    ماءِ ولاتي موٽئا، تڙ ٿا تنوارين،
    وايون وڻجارن جيون، جيءَ کي جيارين،
    کليو کيڪارين، جن سيڻ سلامت آئيا.
    (بلوچ، 2009ع: 111)
    اهي وڻجاريون، سمنڊ جي سيوا ڪنديون هيون، باسون باسينديون هيون:
    ”سي پوڄارا پُر ٿيا، سمنڊ سيويو جن“
    (آڏواڻي، 1993ع: 52)
    سمنڊ هزارين ورهين کان، ڏکڻ سنڌ جي عام پورهيت ۽ واپاري لوڪن جي زندگيءَ جو اڻٽٽ حصو رهيو آهي. سمنڊ سنڌ واسين لاءِ، قدرت طرفان هڪ مقدس سوکڙيءَ جي حيثيت ۾ رهيو آهي. سمنڊ جي ”سيوا“ خدمت، يا عبادت، قديم سنڌي سماج ۾ عام رهي آهي، سمنڊ کي آکا ڏيڻ، جر تي ڏيئا تارڻ، جر کي جاٽون ڏيڻ وغيره اهي سموريون ڳالهيون ساک ڏين ٿيون ته ان دور ۾ سمنڊ، سنڌ واسين لاءِ سڀ ڪجهه هو. هو شاهه به هو، ته سلطان به هو، ڇو ته سمنڊ تي وڏن راڄن جو گذران هو، بلڪل ائين جيئن سر ڪاموڏ ۾ لطيف سائينءَ ڍنڍن ۽ ڍورن تي سنڌ جي سوين خاندانن جي گذر سفر جو ذڪر ڪندي چيو آهي ته:
    پن، پٻڻ، ڪُمَ، ڪوڻيون، مٿي جر جرڪن،
    اچي رهيا ريلَ ۾، ڪارڻ ڪالوڙن،
    سهسين راڄ سيد چئي، پاسي تن پرن،
    مڙي ملاحن، رات تماچي رانئيو.
    (ڏيپلائي، 1960ع: 622)
    سمنڊ آڳاٽن ۽ اڄ جي سنڌين لاءِ، شاهه، سلطان ۽ حاڪم جو درجو رکي ٿو. سنڌ جي اهميت اڳ ۽ هاڻي سمنڊ جي ڪري آهي، ان کان سواءِ هن لوڪ جو جياپو ممڪن ڪونهي، ان ڪري ئي لطيف چيو آهي ته:
    ”وڻجارا ويٺي، تو نه سرندي شاهه ري.“
    (آڏواڻي، 1993ع: 58)
    انهيءَ عظيم سمنڊ کي ’آکا‘ ۽ ’ڀيٽا‘ ڏيڻ پراچين ۽ اڄ جي سنڌ جو عام دستور رهيو آهي. لطيف چوي ٿو ته:
    جا جر جاٽون نه ڏي، ڏيئا نه موهي،
    سَڌون ڪوهه ڪري، سا پنهنجي ڪانڌ جون.
    (آڏواڻي، 1993ع: 74)
    جر ٿر ڏيا ڏي، وڻ ٽڻ ٻڌي وانئٽيون،
    الا ڪانڌ اچي، آسائتي آهيان!
    (آڏواڻي، 1993ع: 74)
    اُڀيون تڙ پوڄين، وَهون وڻجارن جيون،
    آڻيو آکا ڏين، کٿوري، سمونڊ کي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 73)
    جنين ڪارڻ مون، تڙ پوڄارا پوڄيا،
    پُنيمُ اميدون، سيئي سڄڻ آئيا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 73)
    پراچين وقت کان، ڏيئا ٻاري لهرن تي ڇڏڻ، سمونڊ سلطان جي ڪناري تي وڃي باسون باسڻ جهڙيون رسمون شامل رهيون آهن. لڳي ايئن ٿو آڳاٽي سمي جي ”سمنڊ ديوتا“ وقت گذرڻ سان گڏ خضر پير جي صورت ورتي هجي، جنهن جي علامت ”اُڏيرو لال“ آهي. بهرحال جتي زندگي هوندي، اتي سهنج ۽ اهنج ٻئي گڏوگڏ هوندا ۽ ”اهنج“ کي ڏور ڪرڻ لاءِ انسان کي جيڪا به سمجهه ۽ صلاح پنهنجي سماج کان ملندي، هو ان تي عمل ڪندو. وهم، وسوسا، ڀرم ۽ سؤنسا ان ريت جنم وٺن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن ماٺار ورتل سماج ۾ صدين تائين انسانن سان گڏ سفر ڪن ٿا ۽ تاريخ جي ڪنهن موڙ تي ارتقا (Evolution) يا ڪنهن وڏيءَ بنيادي تبديليءَ/ ڇال (Revolation) اچڻ سبب انهن جو انت اچي وڃي ٿو يا اهي سُسي ۽ مسجي ڪنهن عام ريت يا رسم جي صورت ۾ پنهنجي سماج جي ڪنهن حصي ۾ باقي رهن ٿا. سمنڊ هڪ دائمي وجود رکندڙ آهي، جڏهن ته درياههَ پنهنجا وهڪرا ڦيرائيندا رهيا آهن، هڪ سنڌي محقق موجب: ”درياهي چور لڪن، ندين ۽ ان جي شاخن کي سوگهو ڪري رکن ٿا ۽ اتي دائمي وسنديون آباد ٿيڻ لڳن ٿيون، سوڪهڙيل ايراضين (Arid Zones) ۾ پاڻيءَ جي دائمي موجودگيءَ واري جڳهه تي ’پاڻي پوڄا‘ جا مرڪز اُسرڻ لڳن ٿا، جيڪي ’پوتر جل اَسٿان‘ ڪوٺجن ٿا. رڳو سنڌ ۾ اٺهٺ اهم جل ماڳن مان ڇٽيهه جڳهن تي ’جل پوڄا‘ ٿيندي رهي آهي.“ (پنهور: 2010ع: 38-42) لطيف سائينءَ جي زماني تائين سنڌ جي سامونڊي سماج واري جيون گهاريندڙن ۾ جل پوجا جون اهي ريتون ۽ رسمون موجود رهيون آهن.
    سنڌ جي سماجي ۽ سياسي تاريخ جو اڀياس ڏاڍو دلچسب آهي. اسان جي تاريخ جا ڪيترائي رخ اڃا لڪل آهن، جن تان نقاب ضرور کڄندو.
    ايڇ ٽي. لئمبرڪ جو ڪتاب ”سنڌ- مسلمانن جي فتح کان اڳ“ جو انگريزي نسخو 1973ع ۾ سنڌي ادبي بورڊ کي مليو، اُن وقت تائين سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي سمورن قديم ماڳن مان رڳو 80 ماڳن جون کوٽايون ٿيون هيون، ان ڪري نه ته سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي مڪمل شڪل صورت واضح ٿي سگهي هئي، نڪو ئي سنڌو لوڪن، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي، جنهن ۾ زراعت، واپار، سائنسي ترقيءَ ۾ سول انجنيئرنگ، ڊيگهه ۽ ماپ تور جو طريقو (Length & Weight Measurement)، ڌات سازي (Metrology) علم نجوم ۽ حساب ڪتاب (Astrology and Mathematics)، ڌات سازي ۽ ڪيميا گري (Metallurgy and Chemistry) وغيره ۾ جيڪا ڪاميابي حاصل ڪئي، تنهن بابت ڄاڻ واري کاڻ جي صورت اڃا مڪمل واضح ڪانه ٿيل هئي. سنڌ ۾ مڻياسازيءَ واري صنعت (Bead Industry) ۽ سنک سازيءَ (Shell Industry) واري ڪم جي به مڪمل صورت واضح ڪو نه ٿي سگهي هئي. نه ته ايڇ. ٽي. لئمبرڪ جهڙو محقق سنڌو سڀيتا تي وڏي واڪي گهڻو بهتر لکي سگهي ها.
    سنڌو سلطنت جيڪا پنهنجي طاقت (وسعت ۽ واپار) جي چوٽيءَ واري نُڪتي تي 2150 ق.م ڌاري پهتل هئي ۽ سال 1750 ق. م کان انهيءَ نُڪتي تان هيٺ لهڻ شروع ٿي وئي، پر ان جي مڪمل زوال اچڻ ۾ پنج سؤ سال لڳي ويا هوندا. ان هوندي به ٻهراڙيون ڀرپور نموني، چانڊاڻن ۽ مانڊاڻن سان جرڪنديون رهيون ۽ سنڌو سڀيتا جي لوڪن، پوئين مرحلي (Post Urban Phase) ۾ سوراشٽر، دوارڪا، رنگ پور ۽ راجسٿان کان به اڳتي وڌي ڪرناٽڪ ۽ چنديري وارو علائقو آباد ڪيو، جو ڏکڻ انڊيا جو صفا اولاهون ۽ اوڀاريون علائقو آهي.
    ”سنڌ جي قديم آثارن جي کوٽاين جي سڄي مواد کي پڙهڻ سان ڪيتريون ئي مُنجهيل ڳالهيون چٽيءَ ريت سامهون اچن ٿيون. ان ڏس ۾ دنيا جي هڪ وڏي سنڌو ڄاڻڪ (Sindhiologist) ۽ سنڌو سلطنت (Indus Empire) جي قديم آثارن جي ماهر، پنهنجي ڪتاب، ’سنڌو سڀيتا جا سوراشٽر وارا ماڳ‘ (Indus Civilization in Saurashtra) ۾ تاريخ جي قديم اهڃاڻ مان اُبتا پيرا کڻندي، ڪيتريون ئي ڳالهيون بيان ڪيون، جن ۾ هڪ ڳالهه اها ڪئي آهي ته ”سنڌ جي پٿر جو نئون دور، آهيڙي ۽ ڏوٿي دور (شڪاري دور) ۾ مالوند ماڻهن جي معاشي هلچل کان وٺي سنڌو سلطنت جي شهرن جي قائم ٿيڻ جو هڪ جائزو وٺندي، ڪڇ جهوناڳڙهه ۽ گجرات جي ماڳن ۽ اتي لوٿل نالي صنعتي شهر مان وچ اوڀر سان واپار جو جائزو ورتو آهي.“ (Possehl, 1980: 20-60)
    ان سڄي اپٽار مان پراچين سنڌ جي سامونڊي رستي، معاشي هلچل جي مختصر خاڪي (Outline) کي پيش ڪرڻو آهي ته سنڌ ورڪي واپاري سوين واڻ (ٻيڙا) کڻي وچ اوڀر ورندي، يورپ سان واپار ڪرڻ لاءِ ويندا هئا. ’سرواڻ‘ لفظ به وڏي ٻيڙي/ واڻ جي مهندار ٻيڙي (سر = اڳيون + واڻ = واپاري ٻيڙو) کي چيو ويندو هو، اڄ اهو لفظ سياسي اڳواڻ جي معنيٰ ۾ ڪتب اچي ٿو.
    سيوا ڪر سمونڊ جي، جت اگُوچَرُ آهي،
    لکين ’واڻ‘ لطيف چئي، ٿو نيڍو نمائي.
    (بلوچ، 2009ع: 113)
    لطيف سائينءَ کان ٻه صديون اڳ سمن جي آخري دور ۾ يورپي قومن آفريقا جو ڦيرو ڏئي سنڌ ۽ ڏکڻ انڊيا جا گهاٽ ۽ بندر ڳولي لڌا هئا، انهن ۾ پورچوگيزي وڌيڪ اڳرا هئا. هنن هرمز کاريءَ (Urmes Strait) تي قبضي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. سن 1505ع ۾ ترڪيءَ جي حڪمران سليمان عاليشان جي حڪم تي سندس مصر ۾ اسڪندريه بندرگاهه تي بيٺل آڙماڙ (بحري فوج)، گجرات جي حڪمران محمود شاهه ٻهڳڻي (بيگڙي)* (1458-1511ع) ۽ سنڌ جي ڪچي بحري سپاهين گڏجي ممبئيءَ ويجهو ’چال‘ واري مقام تي يورپي قومن جي اثر کان انڊين مهاساگر کي صاف رکڻ لاءِ ”فرئنسڪو آلميڊا“ (Francisco Almeida) جي آڙماڙ (بحري فوج) تي حملو ڪيو، جنهن ۾ مسلمانن جي گڏيل بحري فوج ڪاميابي ماڻي. ٻن سالن کانپوءِ ”فرئنسڪو آلميڊا“ وڏي تياريءَ کان پوءِ جهوناڳڙهه جي ڪناري ڊيو (Due) وٽ بيٺل مسلمانن جي سامونڊي فوج تي حملو ڪري، ’آڙماڙ‘ کي تباهه ڪري ڇڏيو. سن 1508ع ۾ ’فرئنسسڪو آلميڊا‘ جي جڳهه ’آلفانسو آلبوڪرڪ‘ (Alphanso Albuquerque) کي انڊيا جو واپاري عيوضي مقرر ڪيو، جنهن ڏکڻ هندستان جي اهم علائقي ’گوئا‘ (Goa)، ’ڊيو‘ (Due) ۽ ’ڊمن‘ (Daman) سوڌو ڪيترن علائقن تي قبضو ڪرڻ کان پوءِ سن 1513ع ۾ هرمز کاريءَ تي قبضو ڪري ورتو. ان ريت سنڌ جو واپار ڦورو يورپي ڀلاوڻن (Middle Men) جي رحم ڪرم تي اچي بيٺو. سن 1511ع ۾ محمود شاهه ٻهڳڻو (بيگڙو) ۽ سال 1512ع ۾ ڄام نظام الدين سمو وفات ڪري ويا.
    * محمود شاهه بيگڙو، سنڌ جي سما گهراڻي جي حاڪم، ڄام تغلق عرف ڄام جوڻي جو ڏهٽو هو، هن جي ماءُ جو نالو بيبي مغلي هو، جنهن مٿس ڪوڏاڻو نانءُ ٻهڳڻو رکيو هو، جيڪو گجراتيءَ ۾ ڦري بيگڙو ٿي پيو. (ح. ق)

    سال 1520ع ۾ سما حڪومت، حڪمران خاندان جي اندروني اختلافن ۽ وچ ايشيا ۾ موجود سياسي مهم جوئيءَ واري مانڌاڻ سبب ختم ٿي وئي ۽ ارغون حڪومتي دور شروع ٿيو، جيڪو 1556ع تائين هليو. شاهه حسن ارغون لاولد مري ويو. سکر تي ارغونن جي ٿڃ شريڪ عزيز، سلطان محمود ڪوڪلتاش جي حڪومت قائم ٿي، جنهن سان مقابلو ڪرڻ ۽ سکر جي حڪومت هٿ ڪرڻ لاءِ ”ميرزا عيسيٰ ترخان ’اول‘ پيڊرو بئرٽو (Pedro Barreto) جي سامونڊي ڦورن جي دستي کي گهرايو. ان وچ ۾ سلطان محمود ۽ ميرزا عيسيٰ ترخان جي وچ ۾ ٺاهه ٿي ويو. ان تي ”پيڊرو بئرٽو“ فوجي خرچ گهريو ۽ خرچ ملڻ ۾ دير ٿيڻ تي ايڪويهه ٻيڙن ۾ سوار 700 پرتگالي ڦورو ٺٽي شهر ۾ ڪاهي پيا. 20 لکن پائونڊن (2 Million Pounds) جو سون ۽ ٻي دولت کي لٽيو ويو ۽ 8000 معصوم شهري قتل ڪيا ويا، جڏهن ته هڪ به پورچوگيزي نه ماريو ويو. اها ايشيائي ملڪن مان پورچوگيزين جي وڏي ۾ وڏي ڦرلٽ هئي.“ (Danvers, 1996: 507-508)
    لطيف سائينءَ ٺٽي واسين جي ان عام ڪوس کان ٺيڪ 132 ورهيه پوءِ جنم ورتو. ان وقت هرمز کاري سوڌو ڏکڻ هندستان جي ڪيترن ئي علائقن تي پورچوگيزين جو مڪمل قبضو هو. يورپي قومن مان رڳو پرتگالي ئي ڏکڻ انڊيا جي سامونڊي علائقن تي قبضا ڪري رهيا هئا، پر لطيف سائينءَ جي سياسي نفسيات (Political Psychology) اعليٰ پد تي پهتل هئي، جو هُو انگريزن جي لڪل ۽ اصل ڳجهن ارادن جي پرک ڪندي، صاف چيو آهي ته:
    معلم سکاڻيءَ سين، اڀو ڪري ڳال،
    وَهه ۾ واگهيرن جي، چارئي پهر چال،
    اوري ٿو ”انگريچ“ وڙهي، پري پورچ پال،
    سو مس پهچي مال، جو پاڻ پراڻو چاڙهيو
    (سرائي، 1985ع: 53)
    ان جو مطلب ته لطيف سائينءَ کي انگريزن ۽ پرتگالين جي الڳ الڳ ملڪن جي رهواسي هئڻ جي ڄاڻ هئي ۽ هو انگريزن جي سياسي عزائم کان پڻ چڱيءَ ريت واقف هو ۽ کين سڀني يورپي قومن کان وڌيڪ خطرناڪ سمجهي رهيو هو، جيڪي اورتي وڙهندا پئي آيا. ان لاءِ هو چوي ٿو ته:
    معلم سَکاڻيءَ کي، سڏي اُڀو چوءِ،
    ته ڇٻاهين ڇني، هنجين حال نه ڪوءِ،
    ٺاهه ٺنڀن ڇڏيو، کيرو ٿيو کوءِ،
    آيو انگڙياروءِ، ناکو لڪڻ جي ڪري.
    (سرائي، 1985ع: 53)
    انگڙيا روءِ (چڍي پائڻ وارو = يورپي ماڻهو، انگريز) اچي پهتو آهي، پنهنجي ٻيڙي جو حال خراب آهي، اُهو ڪمزور ٿي چڪو آهي. ان دور تائين سنڌ جي جهازي صنعت ڪمزور ٿي چڪي هئي ۽ لطيف چوي ٿو ته:
    معلم سکاڻيءَ کي، اُڀو سڏ ڪري،
    جاڳو يارا جَهجَهه ۾، آيو پير ڀري،
    سو مال مسَ وري، جو پاڻ پرائو چاڙهيو.
    (سرائي، 1985ع: 53)
    لطيف سائين چوي ٿو ته: ”غفلت نه ڪر، ويسرو نه ٿي، پنهنجي جُنگ جهاز کي مضبوط بڻاءِ.“ ۽ ’لاڳ‘ ۽ ’سونگ‘ وارن وٽان لنگهي اچڻ وارن کي مبارڪ ڏيندي، انهن جي گهر ’کير هئڻ‘ (خوشخبري) جي نويد ڏئي ٿو ته:
    تون ويسرو وير! ساٿين سنڀت پنڌ جي،
    جوڙي جنگ جهاز کي، ڪوڏ هَڻائج ڪيرَ،
    وهَي وڻجارن جي، بندر ڏانهن بَهيرَ،
    گهر تنين جي کيرَ، جن لاڳيدار لنگهائيا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 64)
    لطيف سائين، انهيءَ دؤر ۾ معلمن ۽ رهبرن کي پنهنجي جڳهه تي ڪونه ڏٺو ٿي، ان ڪري ملاحن کي خبردار ڪندي چوي ٿو ته: ”چور فرنگي اچي تنهنجي ٻيڙي کي چوڦير ڦريا آهن!“
    دُنگي وچ دريا، ڪي ٻڏي، ڪي اُپڙي،
    هو جي واڍي واڻيا، سي سونهڻ سڀ سڙيا،
    معلم ماڳ نه اڳئين، ’فلنگي‘ منجهه ڦريا،
    ملاح! تنهنجي مَڪَڙيءَ، اچي چور چڙهيا،
    جتي ڍينگ ڍريا، تتي تاري تهجي!
    (آڏواڻي، 1993ع: 57)
    هو بندرن تي خوف جي صورت ۾ ٻيڙياتن کي نه سمهڻ، جاڳڻ ۽ خبردار رهڻ جي تاڪيد ڪندي چوي ٿو ته ايڏي تڪليف ڏسڻ بعد ناکئن کي ننڊ نه ڪرڻ گهرجي:
    بندر جان ڀئي، ته سُکاڻيا! مَ سمهو،
    ڪپر ٿو ڪُن ڪري، جيئن ماٽي منجهه مهي،
    ايڏو سُور سهي، ننڊ نه ڪجي ناکئا!
    (آڏواڻي، 1993ع: 57)
    لطيف سائين، ان دؤر ۾، سامونڊي سفر ۽ واپار جي ڏکوئيندڙ حالت ڏسي چوي ٿو ته: ”ڪنهن به ڪناري تي امن امان نٿو سُجهيم. اهڙيءَ صورت ۾، رب جي رحمت ئي اهڙو ٻيٽاڙو آهي، جتي هو پاڻ کي ذاتي گهر جيان محفوظ سمجهي ٿو.“
    ڪنڌيءَ ساريان ڪانَ، امن! امان!
    يا اِلاهي! ٻاجهه ٻيلاٽي ڀانئيان.
    (آڏواڻي، 1993ع: 54)
    هر شاعر جي، شاعريءَ جو محرڪ، ان جو پنهنجو سماج، ان جون داخلي ۽ خارجي معروضي حالتون هونديون آهن، جن جي آڌار تي، هو پنهنجو شعر پيش ڪري ٿو. لطيف سائين سنڌ جي سامونڊي زندگيءَ جي ڏولائي واري دؤر جو اکين ڏٺو شاهد هو، ان ڪري هو اُن ٻيڙي لاءِ دعاگو آهي، جيڪو سندس ملڪ، مال متاع ۽ سڀڪجهه آهي. انهيءَ اهڃاڻي شاعريءَ ۾ هو پنهنجي وطن، پنهنجي سنڌ لاءِ نه رڳو دعاڳو آهي، پر پنهنجي ڏاهپ ۽ سياڻپ سان ڀرپور شاعريءَ ۾ خبردار ۽ هوشيار رهڻ لاءِ به چوي ٿو. هن جو ساڻيھه ۽ هن جي سنڌ، جيڪا ارغون، ترخان ۽ مغل دور ۾ ساندهه ٻه سو پندرهن ورهين جي (1520- 1736ع) ڦرلٽ کان پوءِ ”غاريبو غوراب“ (مسڪينن جو ٻيڙو) ٿي پئي هئي، جنهن کي چوطرف کان لهرون اچي لڳن ٿيون، جنهن ۾ وکر ڍيرون ڍير پيل آهي، پر اهي جهاز، ضعيف ۽ ڪمزور ٿي پيا آهن، انهن جا ناکئا، نگهبان ، ايڏا برجستا ۽ هوشيار ڪونه رهيا آهن، ان ڪري لطيف سائينءَ جي سُر سامونڊي ۽ سُر سريراڳ جي هر بيت جي سٽ سٽ ۾ خير جون تمنائون ۽ دعائون ئي دعائون آهن. جيئن لطيف چوي ٿو ته:
    لُڙ، لهريون، لَسَ، ليٽ، جتي انت نه آب جو،
    الله اُت مَ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ،
    جوکو ٿئي مَ جهاز کي، ڦر هي اچي مَ ڦيٽ،
    لڳي ڪا مَ لپيٽ، هِن غاريبي غوراب کي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 50)
    کوها ڪالهه کڻي، اُن وڌا اتر آسري،
    الا! جهَري مَ ان جي، اولي جي اَڻي،
    وڻجارن وَڻي، وکر وڌو ٻيڙئين.
    (آڏواڻي، 1993ع: 56)
    سڙهه ٿي سبيائون، بندَرَ جَن تڙن تي،
    سِڙهه سبي ساڄا ڪري، کُوها کنيائون،
    بيرقون بحرن ۾، ڇوڙي ڇڏيائون،
    لهريون لنگهيائون، لطف ساڻ لطيف چئي.
    (آڏواڻي، 1993ع: 73)
    اچي سو ڏٺوءِ، جو ڪَپَرُ سوءِ ڪنَن سين،
    سُتي لوڪ، لطيف چئي، ياد نه ذرو ڪيوءِ،
    غافِل ٿي غوراب کي، اوڙهه تي آندوءِ،
    سو ڇِتر ڇوهي کان رکين، جو پيو پراڻو پوءِ،
    جهاز ضعيفن جو، پاڻيءَ ۾ پرتوِءِ،
    سَيد! ساٿ سندوءِ، پُربندر پهچائين!
    (آڏواڻي، 1993ع: 57)
    اهڙيءَ صورتحال ۾ لطيف پنهنجي سڄي شاعريءَ جي سمورن سُرن ۾، وڌ کان وڌ دعائون، انهن ماڻهن، انهن ٻيڙن، انهن وڻجارن لاءِ گهريون آهن ته اهي امن سان صحيح سلامت واپس پنهنجي بندرگاهن تي پنهنجي ملڪ رسن ۽ پهچي وڃن. ان لاءِ هو چوي ٿو ته:
    سڙهه سنوان، لاڄو نوان، مٿن مهاڻا مل،
    جي اچن آب اُڇل، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين،.
    (بلوچ، 2009ع: 101)
    ثابت لنگهيا سير، لهرين لوڏيا ڪينڪي،
    وڃي پهتا پار کي، نرتؤن منجهان نير،
    ماءُ پهتا مير، ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين.
    (سرائي، 1987ع: 40)
    اهڙيءَ ريت لطيف وٽ هن ٻيڙي جي سلامتيءَ لاءِ سوين تمنائون ۽ هزارين دعائون آهن:
     الله ات مَ اولئين، ٻيڙا مٿي ٻيٽ
     حاصل ڪرئين حاج، واحد وڻجارن جي،
     جي اچڻ سان اُڪير، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين.
     الا! جهري مَ اُن جي، اولي جي اڻي،
     حرمت ساڻ حبيب جي، سونگيا نه سيئي،
     ماءِ! پهتا مير، ٻار لنگهيائون ٻاجهه سين
     جي ڇوهي ڇوڙيائون، سي ٻيڙا رکين ٻاجهه سين!
     ثابت لنگهيا سير، لهرين لوڏيا ڪين ڪي.
     ترازو تاري، سُتڙ سڀيئي ڪري.
     اي سائين جو سَببُ، جئن ٻڏا اُڪاري ٻار مان،
     تنهن واحد کي واهه، جو سُتَڙ سڀيئي ڪري،
     سٻاجهو ستار، سُتڙ سڀيئي ڪري.
     ستڙ سوٺيائون، اَوَتڙ ڪنهن نه اوليا.
     اُن کي لالن لنگهايو، ساندارو سمونڊ جو.
    (آڏواڻي، 1993ع: 49-56)
     پُربندر: پورب بندر، هي اوڀر جو هڪ وڏو بندر هو، جيڪو پراچين دور جي ڏاکڻين سنڌ جو هڪ اهم بندر رهيو آهي، اهو هاڻي گجرات (انڊيا) ۾ آهي. (ح. ق)

    سڄي عالم جي سُڪر ۽ سڻائي لاءِ دعائون گهرندڙ، لطيف سائين 20 ڊسمبر 1752ع ۾ وصال ڪيو. لطيف سائينءَ جي وفات کان پنج سال پوءِ 1757ع ۾، انگريزن مير جعفر جي مدد سان بنگال تي قبضو ڪري ورتو ۽ لطيف جي لاڏاڻي کان اٽڪل 90 ورهيه پوءِ 24 مارچ 1843ع تي انگريز وڏي چالبازيءَ سان سنڌ تي قبضو ڪرڻ ۾ ڪامياب ويا ۽ هڪ سؤ چئن ورهين کان پوءِ، سن 1857ع ۾ هڪ وڏي ويڙهاند ۽ قتل عام کان پوءِ دهليءَ جي تخت تي قبضو ڪيو. ان ريت هڪ صديءَ کان به گهڻو پهرين، انگريزن جي خطرناڪ ارادن کان ننڍي کنڊ جي رهواسين سوڌو، سنڌ وارن کي باخبر رکڻ وارو اسان جو رهبر ۽ عظيم اڪابر شاهه عبداللطيف ئي هو، جنهن جي سياسي بصيرت هڪ صديءَ کان به اڳتي ڏسي رهي هئي. ان ريت لطيف سائين پراچين اتهاس واري سنڌ ۽ نئين دور واري سنڌ جو هڪ مضبوط فڪري تسلسل آهي، جنهن کي نظر اندز ڪرڻ تاريخ جي سبق کي نظرانداز ڪرڻ ٿيندو. هن صاف چيو ته اوهان جو نظام پراڻو ٿي چڪو آهي، هر شيءِ اوهان جي هٿ مان نڪرندي پئي وڃي، ان ڪري هن چٽن اکرن ۾ پنهنجي آيتن (منزل جي نشانن) جهڙي شاعريءَ ۾ چيو آهي ته:
    تَـــري تُـــن پـــياس، پـــاســنـئون پــاڻي،
    کوهو جِهرجهنو ٿيو، لاڄو سڀ لڙياس،
    جيلان سَڌُر سکاڻياس، وهي تي وَهَه سامهون
    (آڏواڻي، 1993ع: 56)
    جهونا ٿيا جهاج، سٽ نه جهلن سڙهه جي،
    تڏهن تون محتاج، جڏهن ٿيا ٻيڙا وس ٻين جي.
    (ڏيپلائي،1935ع:161)
    هن وڌيڪ چيو ته سڀاڻي لاءِ غور ۽ فڪر ڪري ڪا مضبوط رٿا بندي ڪريو:
    ٻيڙي پراڻي وَکَرُ پاٰءِ مَ وِترو،
    تري ۾ تُن پئا، پاسنئون پاڻي،
    هيءَ هَڏِ وهاڻي، ڪَڙهه ڪَالهُوڻي ڏينهن کي.
    (بلوچ، 2009ع: 120)
    ”تنهنجي ٻيڙي پراڻي آهي، هن ۾ گهڻي سامان کڻڻ جي گنجائش ناهي، تري ۾ سوراخ پئجي ويا آهن ۽ پاڻي اندر هليو ٿو اچي، اڄوڪو ڏينهن ته جيئن تيئن گذري ويو، هاڻ سڀاڻي جي ڪا ڳڻتي ڪر، ڪو غور ويچار ڪري وٺ!“
    سڀاڻي، جيڪو اڃا اوجهڙ ۾ اوليل آهي، جنهن کي اوجهڙ مان ڪڍي نئين سج جي روشنيءَ ۾ آڻڻ لاءِ ناکئا نگهبان ۽ وڏا معلم گس ۾ آهن، ڇو ته تاريخ جون محرڪ قوتون ڪنهن به پل ماٺ ڪري نه ويهنديون آهن ۽ روز ڪائنات ۾ نوان سج اُڀارينديون رهنديون آهن. اِهو ئي ساڻيهه ۽ ساڻيهه واسين جي ايندڙ نسلن جو آئيندو آهي. لطيف چوي ٿو ته: ”انهن جي سائو لوڪن جي اچڻ جي آجيان ۾، تڙ تڙ جهونگارڻ لڳن ٿا، ۽ انهن وڻجارن ۽ سائوندن جا ٻول ۽ ڳالهيون جڏا جيءَ جياريو ڇڏين“.
    تڙين تنوارين، ماءِ سامونڊي آئيا،
    مون کي جيارين، وايون وڻجارن جون.
    (آڏواڻي، 1993ع، 72)
    هو وڌيڪ چوي ٿو ته وڻجارا (ڌاريچا) اچي پهتا آهن، چئني پاسن کان انهن جا جهنڊا ۽ جهنڊيون لهرائين ۽ چمڪن پيا. هو عجب سينگار ڪري آيا آهن. ماڻهو ته ڇڏيو، پکي به انهن جي اچڻ جو ذڪر ڪري رهيا آهن.
    چمڪيون چوڌار، ڌڄون، ڌاڙيچن جون،
    ماءُ! سامونڊي آئيا، سهسين ڪري سينگار،
    اُنين جي پچار، ڪالهونڪر ڪانگ ڪري.
    (آڏواڻي، 1993ع: 70)
    لطيف سائين، انهن سڄڻن جي اچڻ سان سڀ ڏک لهي وڃڻ جو پيغام ڏئي ٿو ته:
    هي ته سڄڻ سي ئي، جي مون ڪوڏَ نهاريا،
    ايندم جان پيهي، سڀ لاهيندم ڏکڙا.
    (آڏواڻي، 1993ع: 70)

    ببليوگرافي:
    1) آڏواڻي، ڪلياڻ، 1993ع: ”شاهه جو رسالو“ روشني پبليڪيشن، ڪنڊيارو.
    2) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، 2009ع: ”شاهه جو رسالو“، ڪلچر ڊپارٽمينٽ، گورنمينٽ آف سنڌ، ڪراچي.
    3) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، 1966ع: ”چچ نامو“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    4) بلوچ، ڊاڪٽر نبي بخش خان، 1963ع، ”ميئن شاهه عنايت جو ڪلام“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    5) پٺاڻ، ڊاڪٽر ممتاز، 2009ع: ”تاريخ سنڌ- عرب دور“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    6) پٺاڻ، ڊاڪٽر ممتاز، سيپٽمبر 1971ع: ”سنڌ ۾ جهازرانيءَ جو دور“، مقالو: رسالو، ”نئين زندگي“، حڪومت سنڌ، ڪراچي.
    7) پنهور، ايم. ايڇ، سنڌيڪار: ٻرڙو، ڊاڪٽر محبت، 2010ع: ”آڳاٽي سنڌ ۽ سنڌي ٻولي“ ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي، قنبر.
    8) خان، پروفيسر محرم، 2007ع: ”سنڌ- سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري“ (آڳاٽو دور) مقالو: ”پراڪرتي شاعري ۽ قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    9) خان، پروفيسر محرم، 2007ع: ”سنڌ- سنڌي ٻولي، سنڌي شاعري“ (آڳاٽو دور) مقالو: ”پراڪرتي شاعري ۽ قديم سنڌ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    10) ڏيپلائي، محمد عثمان، 1960ع: ”شاهه جو رسالو“ (پاڪيٽ سائيز)، شايع ڪندڙ، شيخ غلام علي اينڊ سنز، تاجران ڪتب، حيدرآباد، سنڌ.
    11) سرائي، امداد علي، 1985ع: ”املهه اڻ توريا“ شاهه عبداللطيف ڪلچرل سوسائٽي، ڪراچي.
    12) سرائي، امداد علي، 1987ع: ”قدم ڪاپڙين جا“ (سفرنامو)، ڪاڇيلو ننگر، س. ل، حيدرآباد، سنڌ.
    13) قانع، ٺٽوي مير علي شير، محقق: راشدي حسام الدين، آڪٽوبر 1971ع،
    ”تحفة الڪرام“ (فارسي)، سنڌي ادبي بورڊ، امين منزل حيدرآباد، سنڌ.
    14) ايم، ايڇ. پنهور، سنڌيڪار: لاکو، ڊاڪٽر غلام محمد، 2004ع: ”مطالعو سنڌ جو“، مقالو: ”سنڌ ۽ ڪڇ جا لاڳاپا“، سنڌ تحقيقي بورڊ، حيدرآباد.
    15) شيخ، محمد سومار، 2006ع: ”ڪڇ جو رڻ“، سنڌي ادبي بورڊ، ڄام شورو.
    16) نظاماڻي، مولوي نور محمد، 2006ع؛ ”تاريخِ سنڌ“ مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در، شڪارپور.
    17) قاسمي، غلام مصطفيٰ، 1999ع؛ ”شاهه جو رسالو“ (ٻيو ڇاپو) مهراڻ اڪيڊمي، واڳڻو در، شڪارپور.
    18) بيگم، گلبدن، 1979ع: ”همايون نامه“ (اردو: اشاعت دوم)، سنگ ميل پبليڪيشنس، چوڪ اردو بازار، لاهور.
    19) Aoumiel, 1994, “Dancing Shadows”, (The Roots of Western Religious Beliefs), published by: Llewellyn publication, St, Paul, Minnesota, 55166-0383, U.S.A.
    20) Balouch, Dr. N. A, 2004: “Sindh Studies Cultural”, Pakistan Studies Center, Sindh University, Jamshoro.
    21) Begum, Gulbadan, 1947, “Humayoon Nama”, edited by Annette S. Beveridge, Calcutta University, India.
    22) Colin Renfrew, 1969: “Trade and Culture Process in European History”, Current Anthropology, London.
    23) F.C Danvers, 1966: “The Portuguese in India” London.
    24) Ghafoor, M, A, 2003: “The Calligrapher of Thatta”, Karachi University.
    25) Lawrence & Leshink, 1968: “Pre- Historic Exploration in North Gujrat and Parts of Rajasthan- East and West”, Delhi.
    26) Possehl, Gregory. L., 1979: “Ancient Cities of the Indus”, India, Haryana.
    27) Possehl, Gregory L., 1980, “Indus Civilization in SAURASHTRA”, Indian Archaelogical Society, India, Dehli.
    28) Possehl, Gregory L., 1996: “INDUS AGE, The Writing System” (4 Vol), The University of Pennsylvania Museum, Philadelphia, Oxford & IBH Publicity co. pvt. Ltd, Calcutta, New Delhi.
    29) Rao, S. R., 1991: “Dawn and Devolution of the Indus Civilization”, India.
    30) Roy, P. C (Translator in English Prose), 1950: “MAHABHARTA”, Volume I-II, Oriental Publishing Company, Calcutta, India.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ شناسي جو هڪ تاريخي علمي ۽ ڪلاسيڪل سبق

    سائين محترم نور علي پاشا صاحب، لک لائق جو اوهان محترم حفيظ قريشي صاحب جو ڄاڻ سان ڀريل ۽ لطيف سرڪار جي بيتن سان سنواريل انتهائي ڪارائتو سنڌ جي تاريخ سان لاڳاپيل مقالو ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔

    مقالو جيئن ته معلومات سان ڀريل آهي ۽ دلسچپ پڻ ان ڪري انکي هڪ ساهي نه پر لائي لائي پڙهيو ته جيئن ان مضمون جي هر لفظ جو ست وٺي سگهجي۔ انڪري هن مقالي جي ڇوٿائي ته پڙهي ورتي آهي باقي به هڪ ٻه ٻيون قسطون ڪري پڙهي وٺبو ۔۔۔

    سنڌ جي تاريخ سان چاهه رکندڙ دوستن ۽ سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي عرض آهي ته هي مقالو پاڻ به پڙهن ۽ پنهنجي اوڙي پاڙي، مائٽ مٽ ۽ دوستن کي پڻ پڙهائن ته جيئن سنڌي ماڻهون پنهنجي سنڌ ديس جي تاريخ مان ڀليءَ ڀت واقف ٿي سگهن ۔۔۔

    هڪ دفعو ٻيهار ۔۔۔۔ ٿورا ناهن ٿوار مونتي ماروئڙن جا ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ شناسي جو هڪ تاريخي علمي ۽ ڪلاسيڪل سبق

    سائين پاشا صاحب مهربانيون

    سمورو ليک تحقيقي هجڻ سان گڏ گهڻو معلوماتي ۽ دلچسپ پڻ آهي۔ سنڌ جي تاريخ کي لطيف سائين جي بيتن سان گڏ بيان ڪيو ويو آهي ۽ سنڌ جي تاريخ جا مختلف دور بيان ڪيل آهن۔ سنڌو سڀيتا جي ترقي کان وٺي ان دوسر جي سماجي ۽ اقتصادي طور مضبوطي پڻ واضح ٿئي ٿي۔

    هيڏي سهڻي ۽ تحقيقي مضمون لکڻ تي محترم حفيظ قريشي کي واڌايون۔ اوهان جا به ٿورا جو اوهان هيڏو سٺو ليک ونڊ ڪيو آهي۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. رسول بخش دائودپوٽه

    رسول بخش دائودپوٽه
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 مارچ 2011
    تحريرون:
    1,691
    ورتل پسنديدگيون:
    2,296
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ڌنڌو:
    job
    ماڳ:
    karachi
    جواب: سنڌ شناسي جو هڪ تاريخي علمي ۽ ڪلاسيڪل سبق

    ڌاڍو پيارو وڻندڙ قيمتي دل ۽ دماغ ۾ سانڍڻ جهڙِي معلومات جو اهڃاڻ جس هجي سنڌسلامت وارن کي۔۔۔۔
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: سنڌ شناسي جو هڪ تاريخي علمي ۽ ڪلاسيڪل سبق

    ادا تمام پيارو ونڊ آهي ۔
     
  6. عبدالڪريم چانڊيو

    عبدالڪريم چانڊيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 فيبروري 2011
    تحريرون:
    482
    ورتل پسنديدگيون:
    848
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    وڪالت
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ شناسي جو هڪ تاريخي علمي ۽ ڪلاسيڪل سبق

    ادا سائين ! هن معلوماتي مقالي جي لکڻ، پڙهڻ۽ونڊ ڪرڻ لاءِ سڀني دوستن کي مبارڪون۔
    تاريخي طور تي جن به قومن جو سمنڊ تي قبضو هوندو آهي ،اهيئي دنيا تي حڪمراني ڪندا آهن۔ ڪنهن وقت ۾ سنڌي قوم جو سمنڊ تي قبضو هيو ته سڄي دنيا سان هن جو واپار ۽ ونهوار هلندڙ هيو، اڄ اسان پنهنجي سرحدن جي حفاظت وڃائي غلام ٿي ويا آهيون۔
     
  7. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻو ۽ معلوماتي ليک ، وڏي محنت سان سهيڙيو ويو آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو