سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

'مختلف موضوع' فورم ۾ افتخار علي چوهاڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 جون 2011۔

  1. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
    sindh salamat.com

    تحرير ؛ افتخار علي چوهاڻ


    الحمدلله! اسان جا سنڌي نوجوانن جا جذبا ۽ ڪردار اڄ ڪنهن باشعور علم دوست يا قلم دوست کان لڪيل نه آهن .ڪو زمانو هو جو اسان جا سنڌي سٻاجهڙا پنهنجي سادگي ڪري پنهنجن گهرن تائين محدود هوندا هئا . اڄ اهي ساڳيا ئي سنڌي نوجوان هر ميدان ۾ اڳڀرا نظر اچي رهيا آهن ، اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي يا پرنٽ ميڊيا سنڌي نوجوان آوهان کي ضرور نظر ايندا .
    پرنٽ ميڊيا جي حوالي سان اسان سنڌي اديبن ، دانشورن ۽ ليکڪن جون ڪيتريون ئي لکڻيون لکجي چڪيون آهن جيڪي قوم جي نمائندگي ، ٻولي جي نمائندگي ۽ هر قسم جي فني ۽ دلچسپ تاريخي مواد تي مشتمل آهن ، جنهن جو ثبوت اوهان کي ڪيتريون اخبارن ، هفت روزه اخبارن ، رسالن ۽ ڪتابي صورت ۾ ملندو.
    اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي سان به الحمدلله! ڪم شروع ٿي چڪو آهي ، سنڌي هاڻ انٽرنيٽ جي ضرورت بڻجي چڪي آهي اڄ مان هن سلسلي ۾ جڙندڙ پهرين فورم سنڌي ويب سائيٽ بابت ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جو نالو ” سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ آهي .

    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڇا آهي؟ سنڌي ٻولي کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جي عزم جو نالو آهي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ، سنڌي دوستن ۽ ڀائرن (جيڪي پاڻ ۾ بنا فرق ۽ ويڇا گڏ ٿين ٿا )کي هڪ پليٽ فارم گڏ ڪرڻ جو نالو آهي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام .

    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۾ شموليت ۽ ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪا فيس نه آهي هي بلڪل مفت ويب سائيٽ آهي. هن جو مقصد هي آهي ته اسين سڀئي گڏجي سڏجي ڪم ڪريون ۽ هڪ معيار قائم ڪريون ، هن مقصد ۾ اسين ڪيترا ڪامياب ٿيا آهيون هن جو فيصلو هر هڪ ڏسندڙ آساني سان ڪري سگهي ٿو ته هن ٿوري وقت ۾ ڪيترو ضخيم مواد گڏ ٿيو آهي ۽ آئي ڏينهن نوان نوان ميمبر ۽ ڏسندڙ هن سائيٽ کي جوائن ڪن پيا .

    سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جنهن جو بنياد هر دلعزيز ۽ لفظن جو جادوگر سائين مانوارا عبدالرشيد سمون جن وڌي ۽ هن طرح سان15 اپريل 2009 ۾ هن فورم جو جنم ٿيو هن سال سنڌ سلامت کي نئي ۽ ليٽسٽ ورجن (وي بليٽن 4.0.0 ورجن) ۾ آندو ويو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ سلامت وقت جي رفتار سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلڻ جي قابل آهي .

    هن سائيٽ ۾ مختلف قسم جي لکڻيون ونڊ ڪري سگهجن ٿيون ، انهن حوالي سان به نهايت ئي اهم ۽ ضخيم مواد سهيرجي ويو آهي، هوند ان سڄي مواد کي پرنٽ آئوٽ ڪجي ته مختلف موضوعن جا ڪيترائي ڪتاب ٺهي پون .

    ان کان سواءِ هر لکڻين تي پڙهندڙن جون ساراه ، تنقيدون ۽ رايا به بي شمار آهن . بهرحال هي هڪ سٺو قدم آهي، آئون سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي مبارڪ باد ڏيان ٿو جو هڪ وقتائتو ۽ ڪارائتو قدم کنيون اٿن، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي .

    سنڌ سلامت جا ماشاء الله! هن وقت موضوع؛ 12,305 تحريرون 77,992 رڪن 1,746 فعال رڪن 206 آهن جيڪو هڪ رڪارڊ آهي .

    سنڌ سلامت طرفان ٻن سالن کان تعارفي ڪيلينڊر پڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي پيو جنهن ۾ سنڌي شخصيتن جي جنم ۽ وفات تي مشتمل معلومات ڏنل آهي هن کان سواءَ سال 2010 جو ڪلينڊر منهنجي نظر مان پڻ گذريو آهي جنهن ۾ سنڌسلامت بابت شعر ڏنل آهي جيڪو مونکي ڏاڍو پسند آيو ، دوستن لاءِ هٿ ونڊ ڪجي ٿو .

    الله جو ڪلام هجي ، يا پياري رسول جو قول،
    امن عالم هجي ، يا ٻيا سهڻا ٻول ،
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.

    نوان علم هجن يا سکيا جا ميدان هجن،
    صلاح مشورا هجن يا شڪايتون هجن ،
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.

    اڄ جون خبرون هجن ، يا هجن حالات حاضره ،
    مسڪراهٽون هجن ، يا هجن دوستن جا تبصره ،
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.

    سنڌ جا ماڳ مقام . يا هجن وسنديون ،
    تاريخي شهر هجن ، يا هجن سنڌ سرتيون ،
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.

    ڪهاڻيون ، پهاڪا ، شخصيتون يا هجن مقالا
    موضوع مختلف يا صحت ۽ تعليم جا مسئلا ،
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.

    سکو ويب سائيٽ ، يا ڊائون لوڊ ڪريو وڊيوز ،
    الف_ب هجي يا هجن آءِ ٽي جون نيوز ،
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.


    تصويرون هجن يا ڪي يادگار فلمون هجن ،
    سنڌ سلامت جون ٺاهيل مزيدار وڊيوز هجن ،
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.


    لطيف جون وايون هجن يا سچل جو ڪلام هجي ،
    جمن جو آواز هجي يا عابده جو راڳ هجي ،
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.

    اوهان جا مونجهارا هجن يا هجن ڪي سوال ،
    دل جون ڳالهيون هجن ، يا هجن زماني جا احوال
    اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.


    سنڌ سلامت انتظاميه؛

    هن فورم جو منتظم اعلى ۽ باني سائين عبدالرشيد سمون صاحب( ڪراچي ، سيتا روڊ) ۽ سرپرست اعلى سائين نثار احمد ناز ( ٽنڊو محمد خان) آهن
    انتظاميه جو ذميوار؛ ظفر علي (علي علي) نثار ابڙو ( مڪو پاڪ) سليمان وساڻ(ڪراچي) مولوي رحيم بخش ( مورو) عبدالوحيد ڦلپوٽو ( شڪار پور) عبدالوهاب قمبراڻي (اسلام آباد) عامر ضياء چارڻ (دادو) اسد علي ميرجت(ڄامشورو) آهن.


    سنڌم سلامت تي هيڪرن جو حملو ؛

    ڪجه ڏينهن اڳ نهايت هاڃيڪار سانحو ٿيو جو ڪن عرب هيڪرن کان اسان جي ” سنڌ سلامت“ کي تباه ڪرڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي وئي جنهن جي ڪري سنڌ سلامت ۾ شامل امله مواد اڏوهي وانگر کائيندو پئي ويو پر اسان جي سنڌ سلامت جي وس وارن ستت ئي الرٽ ٿي پنهنجي هن پياري فورم کي بچائي ورتو ۽ اهڙو مٿس دفائي ۽ حفاظتي ڪوٽ ڏنو جو انشاء الله! هائي هيڪرن جي بري نظرن کان محفوظ رهندو ، شل رب ڌڻي اسان جي فورم کي هر قسم جي بري نظرن کان محفوظ رکي ۽ هن کي ڪارائتي ۽ فائيديمند بڻائي
    ( آمين)

    ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    ماشاالله توهان جا جذبات سنڌ سلامت لاء تعريف جي قابل آهن۔۔۔۔۔ مٿين تحرير جيڪڏهن ڪنهن اخبار جي زينت بڻجي ته وڌيڪ ڀلو۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    الله تعالي توهان جي خيالن کي وڌيڪ مضبوط ڪري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔ آمين
     
  3. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com


    جي ادا عرس پريا صاحب ضرور هي ليک اخبار ۾ ڏبو !

    اوهان دوستن جون دعائون اسان لا ڪنهن سرمائي کان گهٽ نه آهن ۔ سدائين گڏ
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    اڄ اسانجي دوست سليمان پڻ اهڙي ئي قسم جو ليک ونڊ ڪيو هو جنهن ۾ سنڌ سلامت جي تعريف ۽ انگ اکر پڻ هئا ۔۔۔ اڄ اسانجي دوست محترم چوهاڻ صاحب پڻ سنڌ سلام جو تعريفي پيغام لکيو آهي ۔۔۔ ماشاء الله ۔۔۔

    ان مان ثابت ٿئي ٿو ته جنهن سوچ سان اسين سنڌ سلامت جي آبياري شروع ڪئي هئي ان ننڍڙي ٻوٽي مان هاڻ ڦلدار وڻ ٿيڻ لڳو آهي ۔۔۔ سنڌ سلامت تي آ ڇا لکان؟، ها آ اوهان دوستن تي ڪجهه لکي سگهان ٿو ته اصل ۾ ڪو ادارو ڪجهه به ناهي هوندو سوا ان جي رڪن دوستن جي ۔۔۔ اوهان دوستن جون اڻ ٿڪ محنتون آهن ۽ وقت جي قرباني آهي جنهن سبب اڄ اسين پيار ۽ پاٻوهه مان نياز ۽ نوڙت سان سنڌ سلامت کي سنڌ جي انٽرنيٽ جي دنيا جي سهڻي ۽ وڏي اوطاق جو لقب ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿيا آهيون ۔۔۔

    اهي سڀ تعريفون اوهان دوستن جون آهن ۔۔۔ اوهانجي محنت جون آهن ۽ اوهانجي پيار ۽ پاٻوهه جون آهن ۔۔۔

    سنڌ هميشه سائي ۽ ستابي رهندي جنهن ۾ سنڌ جا سڄڻ دوست موجود هوندا ۔۔۔ اوهان دوستن سبب سنڌ سلامت به سلامت رهندي ۔۔۔ اوهان سڀني دوستن کي واڌايون هجن ۔۔۔

    محبت پائي من ۾ رنڊا روڙيا جن،
    تن جو صرافن اڻ توريو ئي اگهايو۔
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    محترم دوست افتخار چوهاڻ اوهان جون مهربانيون

    سنڌ سلامت بابت اوهان جي پياري تحرير پڙهڻ لاء ملي لک قرب۔ سچ ته ون لکڻ ۽ ڪمپيوٽر بابت گهڻي ڄاڻ سنڌ سلامت جي دوستن وٽان ئي سکيو آهيان ۽ دوستن جو پيار به اڻ ميو هوندو آهي۔ سنڌ سلامت صرف نيٽ جي دنيا تائين محدود ناهي پر دوستن جي پاڻ ۾ سماجي دوستي، ڀائپي به پنهنجو مٽ پاڻ آهي۔

    سنڌ سلامت انٽر نيٽ جي دنيا ۾ مڪمل سنڌي ٻولي ۾ سٺي ڄاڻ سان گڏ پنهنجا خيال ونڊ ڪرڻ جو سڀ کان آسان ذريعو آهي۔

    اوهان بهترين ليک لکيو آهي۔
     
  6. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    مبارڪون، مبارڪون، مبارڪون۔
    سڀ سنڌين کي مبارڪون، جن اهڙي محفل مچائي دنيا جي سڀ سنڌين کي هڪ پليٽ فارم تي گڏ ڪيو آهي۔
    ادا افتخار چوهاڻ صاحب اوهان لک کيرون لهڻا جو پنهنجي هن پياري محبتي اڱڻ لاءِ اوهان جي دل منجهان هي پيارا تعريفي گلڦلن جهڙا الفاظ پڙهي دل باغ و بهار ٿي پئي آهي۔
    مان سنڌ سلامت جي سڀني دوستن کي مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿو، جو اڄ ادا افتخار چوهاڻ جو هي موضوع پڙهي منهنجي دل چوي پئي ته سنڌ سلامت هڪ باقاعده اداري طور اڀري رهيو آهي، جيڪو پنهنجي سنڌين لاءِ ان شاءَ الله تعالي هن ڏکئي طور ۾ شمع جيان رستا روشن ڪري رهنمائي ڪندو، ۽ اسين ان شاءَ الله ڪاميابي جون منزلون ماڻيندا سين۔
    لک ٿورا ادا افتخار جو اوهين ايڏي محنت ڪري انگ اکرن سان گڏ هن پياري اڱڻ جو تعارف پيش ڪيو آهي، مونکي اميد آهي ته اوهان جي سائين سليم الله ڇوهاڻ صاحب جن جي حوالي سان ڏنل اخبار ۾ موضوع جيان هي موضوع به جلد از جلد اخبارن جي زينت بڻجندو۔
    ٿورا۔۔۔۔
     
  7. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    ادا افتخار پيارا توهان جي مهرباني جو اوهان وقت سر نوان موضوع موڪلي اسان جي معلومات ۾ اضافو ڪندا رهندا آهيو اڄ هي تحرير پڻ اوهان جي سنڌ سلامت سان محبت جو ثبوت پيش ڪري رهي آهي ڪافي دوست جيڪي هن فورم جي سونهن آهن نالا ڪيترا لکجن متان ڪو رهجي وڃي انڪري هر دوست قابل احترام آهي ليڪن ڪجهه دوست وڌيڪ جفا ڪش آهن جيڪي هن خالص سنڌي فورم کي سنڌيت جي خدمت کي مد نظر رکندي ٽائيم ڏين ٿا جن ۾ اوهان به سر فهرست آهيو الله تعالى انهن سڀني دوستن کي اوهان کي شاد و آباد رکي جو هي قوم جي خدمت آهي ۽ قوم جي خدمت ۾ ئي سيادت جي سعادت آهي۔سيد القوم خادمهم۔ الله تعالى اسان مسلمانن کي خصوصا سنڌين کي محبت ۽ اخوت سان رهڻ نصيب ڪري هر ارضي سماوي مصيبت کان امن ۾ رکي۔آمين۔
     
  8. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    جي سائين محترم نثار ابڙو صاحب بلڪل مون سائين سليمان وساڻ جو موڪليل مضمون پڙهيو آهي ، ماشاء الله تمام بهترين پيرائي ۾ ڄوڙيو اٿس، منهنجي مضمون کي هن سلسلي جي ڪڙي سمجهيو وڃي ، ڇو ته جيڪو ڪجه اسين لکيون ٿا هن ۾ سينئيرن جي محنت لڪيل آهي يا ته اسين نه هن جي قابل آهيون نه ئي اسان جون تحريرون !!!
    دعا آهي ته الله تعالى سڀنن کي گڏ ڪم ڪرڻ ۽ لکڻ ۽ پاڻ ۾ سچائي جي جذبي سان ڪم ڪرڻ جي توفيق عطا ڪري ،
    ڪاميابي لاءِ اهو نهايت ضروري آهي ته ڪم کي سچائي سان ڪجي جنهن جي محنت آهي هن جو صلو ملڻ گهرجي ، جيڪر اسين ٻين جي حقن تي ڌاڙو هڻنداسين ته عارضي مسرت ۽ خوشي ته حاصل ٿيندي پر اها دائمي ۽ ديرپا نه هوندي آهي ، هنئي سچائي کي هر ميدان ۾ آڻڻو پوندو نه ته ناڪامي آخر ۾ اسان جو مقدر بڻجندي ،
    رب ڌڻي کان دعا آهي ته اسان جي ڪوتاهين کان در گذر فرمائي ۽ نيڪ نيتي ۽ سچائي سان ڪم ڪرڻ جو جذبو اڄاگر ڪري ، آمين
     
  9. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    ادا سليمان وساڻ صاحب اوهان جي وڏي مهرباني!
    بلڪل هن فورم جو اهو ڪمال آهي جو هن دوست پيدا ڪرڻ لاءِ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ۔ يا ته اسان جو پاڻ ۾ گڏجڻ ناممڪن هو ، اسان کي پنهنجي هن سنڌي فورم تي فخر آهي ، جنهن ڪري ٽٽل ڦٽل به اکر لکيا سين نه ته ڪٿي اسان جا اکر ۽ ڪٿي هي محبتي فورم ،
    الله تعالى کان دعا آحي ته اهي دوستيون قائم هجن ، اوهان جو مضمون ڏاڍو پسند آهي ، اسان جي اها حقير ڪوشش هن سلسلي جي ڪڙي سمجهي وڃي ، جنهنجي ابتدا اوهان ڪئي آهي ۔ مهرباني
     
  10. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    سائين سائين اوهان جون مبارڪون اکين تي ، محترم مانوارا هن مبارڪن ۾ اوهين سڀئي دوست پڻ شامل آهيو ۔ اوهان جو انداز تحرير صفا نئي انداز ۾ پيش ڪرڻ تي دل باغ باغ ٿي ، انشاء الله مضمون کي جلد ڪنهن اخبار جي زينت بڻائبي ۔ اوهان دوستن جو مسلسل تعاون سان انشاء الله ڪم کي اڃان اڳتي وٺي وڃبو ۔ ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي ، مهربانيون
     
  11. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    سائين محترم رحيم بخش صاحب اوهان جا ڪامينٽس پڙهي الله تعالى ڄاڻي ٿو مونکي ائين لڳي ٿو ته ڄڻ محنتون سڄايون ٿي ويون هجن ، جئين ته مان ڪو ڀلوڙ ليکڪ يا اديب نه آهيان پر بحيثيت مسلمان جي مون پاڻ تي اهو فرض سمجهي اصلاحي پهلو کي کڻي پنهنجن سنڌي ڀائرن لاءِ ڪجه لکڻ جو سعيو ڪيو آهي، جنهن ڪري ٿورو يا گهڻو فورم تي ضرور لکندو آهيان ، توڻي جو رسالن ۾ به لکندڙ آهيان ، پر فورم تي لکڻ سان ائين محسوس ٿيندو آهي ته منهنجي پيغام يا ليک تي دوستن جي نظر گذري آهي بس اهو سمجهي يقين ٿي ويندو آهي ته پيغام اڳتي پهچي ويو آهي ۽ ائين رسالن ۾ احساس گهٽ هوندو آهي ،
    الله تعالى دوستن جا اهي ميلا سدائين قائم دائم رکي ، هن عاجز کي پنهنجن دعائن ۾ ضرور ياد رکندا ، ائون اوهان جو ٿورائتو رهندس ، مهربانيون،
    ٿورا نه ٿورا مون تي ماروئڙن جا ۔
     
  12. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    اڄ پاڪ سنڌ (سکر) ۾ اهو مضمون پڻ ڇپيو هو ، جنهن کي دوستن سان هٿ ونڊ ڪريان پيو۔
    [​IMG]
     
  13. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    واه سائين واه يعني ته پنهنجي محنت جو پروف به سنگت سامهون آهي بيشڪ سنڌ سلامت جا دوست هڏڏوکي جفا ڪش بي لوث محنت ڪرڻ وارا آهن اوهان کي جس هجي جو اوهان پنهنجي فورم جي پس غائبانه به تشهير ڪري رهيا آهيو ان بي لوث محنت جو صلو رب ڪريم توهان کي عطا فرمائيندو. آمين.
     
  14. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    محترم سائين افتخار علي چوھاڻ صاحب.....تمام بهترين ۽ تفصيل سان اوهان سنڌسلامت تي ليک لکيو آهي..مان ته چوندس ته اوهان جو ليک هر سنڌي پيپر ۾ ڏيجي...جيئن نيٽ کان پري رهندڙ سنڌين کي به سنڌسلامت جي باري ۾ خبر پئي.
    سنڌسلامت جي باري ۾ ڇا لکي ڇا لکجي.....بس سنڌسلامت سان ۽ سنڌسلامت جي دوستن سان خون کان به گهاٽا رشته آهن...سنڌسلامت نالو ئي ڪافي آهي............مهرباني.
     
  15. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    روزنامه پاڪ سنڌ ۔۔۔ سکر ۾ سنڌ سلامت تي لکيل هي مضمون، پيش ڪري سائين محترم چوهاڻ صاحب سنڌ سلامت جي دوستن تي لک لائق ڪيا آهن ۔۔۔ سنڌ سلامت انٽرنيٽ جي دنيا ۾ سنڌي زبان جي اها صاف سٿري اوطاق آهي جنهن ۾ اخلاق، ادب ۽ احترام جا پهلو واضح آهن، ڪو به اهڙو ليک جيڪو سنڌ ۽ سنڌيت جي منافي يا وري اخلاقي قدرن کان ڪريل هجي ٿو انکي هن اوطاق تي ڪا جڳهه نه ملڻ مان ثابت ٿئي ٿو هن اوطاق جا دوست ڪيترا سهڻا ۽ اخلاق پرور آهن ۔۔۔

    اوهان دوستن جي دوستي کي نظر نه لڳي ۽ سنڌي اتحاد ۽ علم جا جهنڊا ڦڙڪن ته اسانجون اکيون ٿڌيون ٿين ۔۔۔

    رب العالمين سنڌين جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
     
  16. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,941
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    ادا افتخار چوهاڻ صاحب لک ٿورا

    اوهان سنڌ سلامت بابت هڪ مفصل ۽ جامع ليک لکي نه صرف دوستن سان ونڊ ڪيو آهي پر اهو ساڳيو ليک اخبار ۾ پڻ لکيو آهي جنهن سان ڪافي دوست سنڌ سلامت ۽ سنڌ سلامت جي ڪاوشن بابت ڄاڻ حاصل ڪندا۔

    اميد ته اوهان پاران لکڻ جو هي سلسلو جاري رهندو ۔۔۔۔۔۔
     
  17. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com


    ادا رحيم بخش محبت جو ثبوت پيش هتي ڪبو آهي جتي محبت جو قدر نه هجي ، باقي سنڌ سلامت جي دوستن جي ڇا ڳالھ ڪجي بلڪه جيتري واکاڻ ڪجي گهٽ آهي ، حقيقت اها آهي ته محبت اگر سچي هجي ته ثبوت ڏيڻ ۽ وٺڻ جي ڳالھ ئي اڄائي آهي ، باقي اوهان واري ڳالھ اچي ٿي ته الله تعالا ئي هر شئي جو صلو ڏيندو آهي بس وٺجي هن ڳالھ کي ، آئون نهايت ٿورايتو آهيان جو اوهان قيمتي وقت ڪڍي اسان لا ٻه اکر لکيو ٿا ، اهڙي موٽ جي اميد رهندي ، مهرباني! الله تعالا اوهان کي پنهنجي امان ۾ رکي ڪو ڪوسو نه لڳي ، دعائن ۾ ياد رکندا !!!!


    .....................................

    سائين سهڻا محفل جا مور اوهان اڄ ڪلھ فورم کان دور ٿا رهو ڇو ڪا ناراضگيون آهن ڇا ، دوست اوهان جي ڳالھ برابر وزن دار آهي واقعي هي ليک کي هر اخبار ۾ اچڻ گهرجي دوست مون اي ميل ته ڪافي اخبارن کي ڪيو هو پر هتي شفارش جو جهان پيو هلي ۽ فقير جي ايتري پهڇ ڪونهي نه ته اوهان جي خواهشن جي ضرور تڪميل ڪريان ها ، مهرباني ادا اوهان جي!!!
     
  18. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    ادا لک لائڪ توهان جو سنڌ سلامت لاء ونڊ ڪيل هڪ بهترين مضمون ڏسي تما گهڻي خوشي ٿي۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ توهان جون ڪاوشون سنڌء سنڌيت لاء تعريف جي لائق آهن۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

     
  19. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام sindh salamat.com

    ادا نثار ابڙو صاحب ، سليمان وساڻ صاحب ۽ محترم عرس پريا صاحب اوهان سڀنن جي وڏي مهرباني ،
    لاٽ ٻرندي رهي ساٿ هلندو رهي ، سدائين گڏ
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو