افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام
sindh salamat.com
sindh salamat.com
تحرير ؛ افتخار علي چوهاڻ
الحمدلله! اسان جا سنڌي نوجوانن جا جذبا ۽ ڪردار اڄ ڪنهن باشعور علم دوست يا قلم دوست کان لڪيل نه آهن .ڪو زمانو هو جو اسان جا سنڌي سٻاجهڙا پنهنجي سادگي ڪري پنهنجن گهرن تائين محدود هوندا هئا . اڄ اهي ساڳيا ئي سنڌي نوجوان هر ميدان ۾ اڳڀرا نظر اچي رهيا آهن ، اليڪٽرانڪ ميڊيا هجي يا پرنٽ ميڊيا سنڌي نوجوان آوهان کي ضرور نظر ايندا .
پرنٽ ميڊيا جي حوالي سان اسان سنڌي اديبن ، دانشورن ۽ ليکڪن جون ڪيتريون ئي لکڻيون لکجي چڪيون آهن جيڪي قوم جي نمائندگي ، ٻولي جي نمائندگي ۽ هر قسم جي فني ۽ دلچسپ تاريخي مواد تي مشتمل آهن ، جنهن جو ثبوت اوهان کي ڪيتريون اخبارن ، هفت روزه اخبارن ، رسالن ۽ ڪتابي صورت ۾ ملندو.
اليڪٽرانڪ ميڊيا جي حوالي سان به الحمدلله! ڪم شروع ٿي چڪو آهي ، سنڌي هاڻ انٽرنيٽ جي ضرورت بڻجي چڪي آهي اڄ مان هن سلسلي ۾ جڙندڙ پهرين فورم سنڌي ويب سائيٽ بابت ذڪر ڪرڻ چاهيندس جنهن جو نالو ” سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام“ آهي .
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ڇا آهي؟ سنڌي ٻولي کي پوري دنيا ۾ متعارف ڪرائڻ جي عزم جو نالو آهي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ، سنڌي دوستن ۽ ڀائرن (جيڪي پاڻ ۾ بنا فرق ۽ ويڇا گڏ ٿين ٿا )کي هڪ پليٽ فارم گڏ ڪرڻ جو نالو آهي سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام .
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام ۾ شموليت ۽ ميمبر ٿيڻ لاءِ ڪا فيس نه آهي هي بلڪل مفت ويب سائيٽ آهي. هن جو مقصد هي آهي ته اسين سڀئي گڏجي سڏجي ڪم ڪريون ۽ هڪ معيار قائم ڪريون ، هن مقصد ۾ اسين ڪيترا ڪامياب ٿيا آهيون هن جو فيصلو هر هڪ ڏسندڙ آساني سان ڪري سگهي ٿو ته هن ٿوري وقت ۾ ڪيترو ضخيم مواد گڏ ٿيو آهي ۽ آئي ڏينهن نوان نوان ميمبر ۽ ڏسندڙ هن سائيٽ کي جوائن ڪن پيا .
سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام جنهن جو بنياد هر دلعزيز ۽ لفظن جو جادوگر سائين مانوارا عبدالرشيد سمون جن وڌي ۽ هن طرح سان15 اپريل 2009 ۾ هن فورم جو جنم ٿيو هن سال سنڌ سلامت کي نئي ۽ ليٽسٽ ورجن (وي بليٽن 4.0.0 ورجن) ۾ آندو ويو آهي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته سنڌ سلامت وقت جي رفتار سان ڪلهي ۾ ڪلهو ملائي هلڻ جي قابل آهي .
هن سائيٽ ۾ مختلف قسم جي لکڻيون ونڊ ڪري سگهجن ٿيون ، انهن حوالي سان به نهايت ئي اهم ۽ ضخيم مواد سهيرجي ويو آهي، هوند ان سڄي مواد کي پرنٽ آئوٽ ڪجي ته مختلف موضوعن جا ڪيترائي ڪتاب ٺهي پون .
ان کان سواءِ هر لکڻين تي پڙهندڙن جون ساراه ، تنقيدون ۽ رايا به بي شمار آهن . بهرحال هي هڪ سٺو قدم آهي، آئون سنڌ سلامت جي سڄي سٿ کي مبارڪ باد ڏيان ٿو جو هڪ وقتائتو ۽ ڪارائتو قدم کنيون اٿن، جنهن جي جيتري تعريف ڪجي گهٽ آهي .
سنڌ سلامت جا ماشاء الله! هن وقت موضوع؛ 12,305 تحريرون 77,992 رڪن 1,746 فعال رڪن 206 آهن جيڪو هڪ رڪارڊ آهي .
سنڌ سلامت طرفان ٻن سالن کان تعارفي ڪيلينڊر پڻ ڇپرائي پڌرو ڪيو وڃي پيو جنهن ۾ سنڌي شخصيتن جي جنم ۽ وفات تي مشتمل معلومات ڏنل آهي هن کان سواءَ سال 2010 جو ڪلينڊر منهنجي نظر مان پڻ گذريو آهي جنهن ۾ سنڌسلامت بابت شعر ڏنل آهي جيڪو مونکي ڏاڍو پسند آيو ، دوستن لاءِ هٿ ونڊ ڪجي ٿو .
الله جو ڪلام هجي ، يا پياري رسول جو قول،
امن عالم هجي ، يا ٻيا سهڻا ٻول ،
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
نوان علم هجن يا سکيا جا ميدان هجن،
صلاح مشورا هجن يا شڪايتون هجن ،
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
اڄ جون خبرون هجن ، يا هجن حالات حاضره ،
مسڪراهٽون هجن ، يا هجن دوستن جا تبصره ،
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
سنڌ جا ماڳ مقام . يا هجن وسنديون ،
تاريخي شهر هجن ، يا هجن سنڌ سرتيون ،
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
ڪهاڻيون ، پهاڪا ، شخصيتون يا هجن مقالا
موضوع مختلف يا صحت ۽ تعليم جا مسئلا ،
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
سکو ويب سائيٽ ، يا ڊائون لوڊ ڪريو وڊيوز ،
الف_ب هجي يا هجن آءِ ٽي جون نيوز ،
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
تصويرون هجن يا ڪي يادگار فلمون هجن ،
سنڌ سلامت جون ٺاهيل مزيدار وڊيوز هجن ،
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
لطيف جون وايون هجن يا سچل جو ڪلام هجي ،
جمن جو آواز هجي يا عابده جو راڳ هجي ،
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
اوهان جا مونجهارا هجن يا هجن ڪي سوال ،
دل جون ڳالهيون هجن ، يا هجن زماني جا احوال
اويهن هجو ۽ سنڌ سلامت هجي.
سنڌ سلامت انتظاميه؛
هن فورم جو منتظم اعلى ۽ باني سائين عبدالرشيد سمون صاحب( ڪراچي ، سيتا روڊ) ۽ سرپرست اعلى سائين نثار احمد ناز ( ٽنڊو محمد خان) آهن
انتظاميه جو ذميوار؛ ظفر علي (علي علي) نثار ابڙو ( مڪو پاڪ) سليمان وساڻ(ڪراچي) مولوي رحيم بخش ( مورو) عبدالوحيد ڦلپوٽو ( شڪار پور) عبدالوهاب قمبراڻي (اسلام آباد) عامر ضياء چارڻ (دادو) اسد علي ميرجت(ڄامشورو) آهن.
سنڌم سلامت تي هيڪرن جو حملو ؛
ڪجه ڏينهن اڳ نهايت هاڃيڪار سانحو ٿيو جو ڪن عرب هيڪرن کان اسان جي ” سنڌ سلامت“ کي تباه ڪرڻ جي ناپاڪ جسارت ڪئي وئي جنهن جي ڪري سنڌ سلامت ۾ شامل امله مواد اڏوهي وانگر کائيندو پئي ويو پر اسان جي سنڌ سلامت جي وس وارن ستت ئي الرٽ ٿي پنهنجي هن پياري فورم کي بچائي ورتو ۽ اهڙو مٿس دفائي ۽ حفاظتي ڪوٽ ڏنو جو انشاء الله! هائي هيڪرن جي بري نظرن کان محفوظ رهندو ، شل رب ڌڻي اسان جي فورم کي هر قسم جي بري نظرن کان محفوظ رکي ۽ هن کي ڪارائتي ۽ فائيديمند بڻائي ( آمين)
ساٿ هلندو رهي لاٽ ٻرندي رهي
سنڌ سلامت ساٿ سلامت