• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سعودي عرب ۾ غير ملڪي ويزائن تي وڌيڪ پابنديون

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
2drtqag.jpg


سعودي عرب جي ليبر منسٽري جي منسٽر عهدل فقيه بيان جاري ڪيو آهي ته جن غير ملڪين سعودي عرب ۾ 6 سال يا ان کان وڌيڪ عرصو گزاريو آهن انهن جون ويزائون وڌيڪ رينيو نه ڪيون وينديون ۽ انهن کي پنهنجي ملڪن ڏانهن واپس ڪيو ويندو.
۽ ان قدم کڻڻ جو مقصد اصلي سعودين کي پنهنجي ملڪ ۾ روزگار فراهم ڪرڻ آهي.
ڇو ته هت 90 فيصد ٻاهرين ملڪن جا ماڻهو ڪمائن ٿا، ياد رهي ته هن ملڪ جا اصلي رهاڪو يعني سعودين ۾ بيروزگاري جي شرح 10.5 ٿي وئي آهي.
سعودي اخبار ڊيلي حيات جي مطابق هت رهندڙ غير ملڪي سعودي عرب مان سالانه 26.7 مليار ڊالر پنهنجن ملڪن ڏانهن اماڻين ٿا.
چيو وڃي ٿو ته ان وڌندڙ بي روزگاري جي شرح جي ڪري ئي هن مهل تائي تيونس ۽ مصر جي عوام ۾ انقلاب آيو، ۽ ڪافي عرب ملڪن کي به ان مان خطرو آهي.
سعودي ليبر جي منسٽر جي بيان کان بعد ڪافي هلچل مچي وئي آهي.​
 
جواب: سعودي عرب ۾ غير ملڪي ويزائن تي وڌيڪ پابنديون

ادا جيڪي اسان جا دوست 40 سالن کان به وڌيڪ عرصي کان اتي رهي رهيا آهن انهن لاء ته ڪو اهڙو قدم نه کنيو ويندو؟
 
جواب: سعودي عرب ۾ غير ملڪي ويزائن تي وڌيڪ پابنديون

سعودي عرب پاران سٺو فيصلو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ اهڙو عمل سنڌ جي اندر به ٿيڻ گهرجي۔
 
جواب: سعودي عرب ۾ غير ملڪي ويزائن تي وڌيڪ پابنديون

ان فيصلي جو اڃان ڪو حتمي حڪومتي حڪم نامون جاري نه ٿيو آهي، ممڪن ڪجهه ڏينهن جي اندر ان جي هڪ هڪاڻي ڪئي وڃي ۔۔۔ پر جيستائين مونکي سمجهه ۾ آيو آهي ته انجون ڪجهه شرطون رکيل آهن ۽ ڪيترا شعبا ان حڪم نامي کان وانجهيل هوندا ۔۔۔

ان ۾ ڪجهه هن طرح جون منزلون رکيل آهن
1۔ سائو رنگ“ جيڪا ڪمپني گهربل سعودين جو مقدار رکي ٿو انجي ملازمن جون ويزائون وڌايون وينديون وينديون۔
2۔ پيلو رنگ، جن ڪمپنين ۾ سعودي ملازمن جو انگ گهربل سعودين جي مقدار ۾ ڪجهه ڪمي آهي ته انهن کي پوري ڪرڻ جي تنبيهه ڪئي ويندي
3۔ ڳاڙهو رنگ جن ڪمپنين وٽ سعودي ملازمن جو انگ ڳڻتي جوڳو آهي ۽ هو انکي حاصل ڪري نه سگهيا آهن ته انهن جي ملازمن جي ويزا جو مدو نه وڌايو ويندو ۔۔۔

اڃان به ڪئي ڳالهيون آهن، جن ۾ گهرو ملازم يا صفائي سٿرائي وارا ملازم يا وري اهڙي پيشي سان تعلق رکندڙ جن کي سعودي ڪرڻ جي لائق ناهن يا ان شعبي جا ماهر گهٽ آهن ته انهن کي به هٿ نه لاتو ويندو

مطلب ته ڪافي ڳالهيون آهن ۔۔۔ پر ڏسجي ته اڃان ڇا ٿا ڪن؟

آ شاه صاحب جي ڳالهه سان سهمت ٿيندي اهو چوندس ته هر قوم کي پنهنجي قومي سلامتي، اقتصاديات ۽ ثقافت کي بچائڻ جو پورو پورو حق آهي، سعودي عرب جا عرب پڻ هاڻ قومي نظام کي مضبوط کان مضبوط ڪندا وڃن، جيتوڻيڪ اڳ به سندن قانوني گرفت ڪا ڍلي ناهي پر پو به اڳ کان اڳرا ٿين پيا ۔۔۔۔ ساراه جوڳي ڳالهه آهي

پر محترم اوهانجي خواهش ته سنڌ ۾ به ائين ٿئي ته في الوقت ائين ممڪن ناهي جو اسين سنڌين سنڌ ٻين قومن جي حوالي ڪري ڇڏي آهي، هاڻ جيستائين واپس نه ورتي ويندي تيستائين اسين ڪجهه به ڪري نٿا سگهون ۽ نه وري مملڪت خداداد پاڪستان ۾ اهڙو اسانکي حق آهي ته اسين ڪنهن ايري گيري کان اهو پڇي سگهون ته تون سنڌ ۾ ڇو آيا آهيو ۔۔۔ اڳلو هڪدم اهو چوندو ته

” تمهاري باپ ڪا سنڌ هي، يه پاڪستان هي“
پو اسانجي منهن ۾ ڇا رهندو ۔۔۔

اميدن تي جهان قائم آهي

لک ٿورا ۔۔۔

سنڌ سلامت ساٿ سلامت
 
جواب: سعودي عرب ۾ غير ملڪي ويزائن تي وڌيڪ پابنديون

سائين فيصلا ته تمام بهترين آهن پر هون به جڏهن مان روزگار جي سلسي ۾ سعودي عرب جي باري ۾ فيصلو ڪندو آهيان ته

سعودي حڪومت اهڙا ڳرا شرط رکي ڇڏيندي آهي

خيئر مولائن جو مالڪ الله پاڪ آهي

الله سڻائي ڪندو

سدائين گڏ
 
جواب: سعودي عرب ۾ غير ملڪي ويزائن تي وڌيڪ پابنديون

الله خير ڪندو ادا
 
جواب: سعودي عرب ۾ غير ملڪي ويزائن تي وڌيڪ پابنديون

پاڪستان قبول ناهي سنڌ پنهنجي سر هلائڻ وس ۾ ناهي۔
 
Back
Top