منهنجو ملڪ ملير

ملير جيڪو ڪنهن زماني ۾ پنهنجي سرسبز کيتن ۽ خوبصورت باغن ڪري مشهور هو. اڄ به هن جي گهڻي ڀاڱي تي جتي پاڻي موجود آهي اهو پورو علائقو جنت جو ڏيک ڏيندو آهي. ملير جي گهڻائي واري علائقي جي تباهي جي باوجود ڪراچي شهر کي تازيون ڀاڄيون ۽ ميوو ملير مان فراهم ڪيو ويندو آهي. ملير وادي سرسبز کيتن ۽ خوبصورت باغن کانسواءِ ڪٿي ڪٿي گهاٽن ٻيلن ۽ جهنگ ڪري به خوبصورتي ۽ ساوڪ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ آهي. هر پاسي وڻڪاري هتان جي خوبصورتي ۾ واڌارو ڪندي آهي. ٻئي پاسي ابراهيم حيدري ڳوٺ کان گهگهر تائين خوبصورت ساحلي علائقو به ملير جو حصو آهي.
ملير ماٿري ۾ هاڻوڪي بن قاسم ٽائون جو پورو علائقو، گڏاپ ٽائون جي ميمڻ ڳوٺ يونين ڪائونسل، گڏاپ يونين ڪائونسل، درساڻو ڇنو يونين ڪائونسل، سونگل يونين ڪائونسل، ڳجهڙو يونين ڪائونسل، هاڻوڪو ملير ٽائون، شاهه فيصل ٽائون، لانڍي ٽائون ۽ ڪورنگي ٽائون ۽ ملير ڪئنٽ جا علائقا ملير وادي ۾ شامل هئا. شهر جي وڌڻ ڪري اهي سڀ علائقا ملير کان ڇڄندا ويا.
ملير تي اهو نالو ڪيئن پيو؟
اڪثر خيال اهو آهي ته ملير ندي جي ڪري هن پوري علائقي جو اهو نالو پيو هجي. ملير ندي ڄام شوري ضلعي جي شهر مول کان به 15 – 10 ڪلوميٽر مٿي جبلن مان وهي ملير کي سيراب ڪندي ڪورنگي ڦاٽ وٽ سمنڊ ۾ ڇوڙ ڪري ٿي. اها ندي جڏهن ملير جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان جو نالو مول نئين آهي. مول واري علائقي مان وهي اچڻ ڪري ان جو نالو مول پيو آهي. ملير ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ان کي ملير چيو ويندو آهي. ان سلسلي ۾ هڪ چوڻي مشهور آهي ته:
جنهن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته ملير نئين تي اهو نالو ملير علائقي جي ڪري پيو آهي. ملير برساتي نئين آهي. جڏهن هي ملير جي علائقي ۾ داخل ٿئي ٿي ته ان جاءِ تي کديجي نئين به اچي ملير نئين ۾ ملي ٿي. ٻيو برساتي نديون جن ۾ ٿڌو، جرندو، لنگهيجي ۽ سڪڻ اهي ملير نئين جون ڏن ڀرون برساتي نديون آهن. انهن کانسواءِ ڪونڪر، ٻاڪراڻ، گهگهر، پپري، وٽيجي، کار، ڪنڊ، سان، نم، مهير، موئيداڻ، ميلو، ٻاڙو (ٻولهاڙي)، ڪُرڪٽي، لٽ ڪرمتياڻي، نيون ۽ ڍورا به ملير ۾ آهن. گهڻا ڍورا جن ۾ سونگل، مهادل، چاڪر ڦاهي، چکرو، ڳهجڙو، موکي، شوري، صفوران، آمري، ڪهيري وارو ڍورو، ٽوٽڪرين وارو ڍورو، ڱانڱيارو، ٽهير ٻيا ڍورا ۽ نيون به ملير جي علائقي ۾ هيون جيڪي هاڻي گٽر نالين ۾ تبديل ٿي ويون آهن.
ملير، ٿڌو ۽ لياري نئين کي ندي ان ڪري چيو ويندو آهي جو گذريل دورن ۾ پورو سال انهن ندين مان حب ندي وانگر صاف ۽ شفاف پاڻي وهندو هو. هتان جا رهواسي انهن مان ڪسيون ڪڍي واهي چاهي ڪندا هئا.ڪنهن دور ۾ هتي نار ۽ ڪوش جي وسيلي به زراعت ڪئي ويندي هئي. اڄ به کديجي، لنگهيجي، ٿڌو، مول، ڪنڊ ۽ مهير ڍوري ۾ ڪٿي ڪٿي صاف ۽ شفاف پاڻي وهي ٿو.
انهن ندين جي اڀريل طاسن تي ماڻهن پنهنجا ڳوٺ آباد ڪيا پنهنجي معاش لاءِ انهن ندين مان ۽ انهن جي ڀر ۾ کوهه کوٽي زراعت ڪئي. جنهن جي ڪري هي پورو خطو سرسبز شاداب هو ۽ انهيءَ سرسبزي ۽ شادابي ڪري مٿس ”ملير“ نالو پيو. سنڌي ۽ بلوچي ٻولي ۾ ملير جي معنيٰ ”ساوڪ ڀريو“ ۽ زرخيز آهي. اڄ به جڏهن ڪٿي به خوبصورت وڻڪار وارو علائقو ڏسبو ته بي اختيار منهن مان نڪرندو. .ملڪ ته ملير لڳو پيو آهي.“ ملير کي ڪنهن دور ۾ ڪشمير سان پڻ ڀيٽيو ويندو هو. اڄ به جڏهن وسڪارو ٿيندو آهي. کوهن ۾ پاڻي ڀرجي ويندو آهي ۽ هن خطي يا گهڻا حصا ڪشمير کان ساوڪ ۾ گهٽ نه آهن.
ملير مٺي پاڻيءَ ۾ ٿيندڙ مڇيءَ جي هڪ قسم کي به چيو ويندو آهي. هي مڇي بنا ڇلر جي ٽن کان پنجن انچن تائين قد جي ٿئي ٿي. ان کي چار پَر ۽ وات وڏو هوندو آهي. ملير ۽ ٻين ندين ۾ پاڻي جام هوندو هو. انهن ندين ۾ ڪُنن، کڏن ۽ کوٻن ۾ اها مڇي جام ٿيندي هئي. اڄ به مول (ملير) ۽ ٿڌي نئين جي انهن حصن ۾ جتي پورو سال پاڻي هوندو آهي اها مڇي ٿيندي آهي. هن ڪري به ان علائقي جو نالو ملير پيو هجي يا ملير علائقي ۾ اها مڇي گهڻي تعداد ۾ هئڻ ڪري ان مڇي جو نالو ملير پيو هجي.
اجرڪ جهڙي رنڱيل ڪپڙي کي جيڪو اڪثر مرد پنهنجي ڪلهن تي اوڍين ٿا ان کي ملير چئبو آهي. مليرو يا مليرا ان ڏاند کي به چئبو آهي جنهن جو رنگ ڳاڙهو پر ڪوڙي اڇي هجي ٿي.
ملير ڳاڙهي ڳئون (Malir Redcow) اڄ به پوري دنيا ۾ مشهور آهي. آسٽريليا ۾ ان جي افزائش جا الڳ فارم آهن. جتي به ان جو نالو ملير ڳاڙهي ڳئون (Malir Redcow) آهي. هي ڳئون گهڻو ڪري ملير جي ساحلي پٽي ۾ هوندو آهي. ڱانڱيارو، جوريجي، لانڍي، ٻاڪراڻ، پپري، گهگهر ۽ کانٽو وارن ديهن ۾ ڀاڳين وٽ ڪنهن دور ۾ جهجي تعداد ۾ هوندو هو. تمر جا پن ان جو خاص خوراڪ آهي.
مليرو ڀاڄي طور ڪم ايندڙ برساتي ٻوٽيءَ جو به نالو آهي. جيڪو جابلو علائقي ۾ ٿئي ٿو. برساتن کانپوءِ پوري ملير جي علائقي ۾ ويندي ڪوهستان تائين اهو خودرو ٻوٽو جام ٿئي ٿو.
ملير ماڻهو جو به نالو آهي. گڏاپ جي علائقي ۾ پٻ ملير نالي هڪ ڳوٺ به موجود آهي. جيڪو ٻن ڀائرن پٻ ۽ ملير جي نالي سان مشهور آهي، اهي ذات جا جوکيا هئا. ملير نالي هڪ ٻيو همراهه جيڪو ذات جو گوندر هو، 20 سال اڳ فوت ٿي ويو. جيڪو پڻ گڏاپ ۾ رهندو هو. گهگهر ڦاٽڪ (هاڻي سسئي پل) کانپوءِ هڪ رستو ڏکڻ اولهه پاسي وڃي ٿو جتي هاڻي انڊسٽريل زون ٺاهيو ويو آهي هتي حسن شاهه درگاهه کان اڳ سمنڊ ڪناري ڪجهه گهاڙي طرز اڏاوت جون قبرون آهن جيڪي گبولن ۽ خاصخيلي قبيلي جون آهن. هتي ڪنهن ڳالهه تان خاصخيلين ۽ گبولن جي جنگ لڳي هئي. خاصخيلي قبيلي جي سربراهي ملير نالي همراهه ڪري رهيو هو جيڪو هن لڙائي ۾ مارجي ويو. ان جي قبر به اتي موجود آهي. اهي ماڻهو گهڻا پوءِ جا آهن. ائين به ٿي سگهي ٿو آڳاٽي زماني ملير نالي ڪنهن شخص هتي ڳوٺ اڏيو هوندو ۽ پوءِ هن جي نالي پويان هن علائقي جو نالو ملير پئجي ويو هوندو.

”ملير تڏهن مرڪي جڏهن ماڻس مول ڀرجي.“

گل حسن ڪلمتيء جي ڪتاب ڪراچي سنڌ جي مارئي تان ورتل