انبن جهليو ٻُور ها الا تون دُور ڪيسين رهندين سانورا (وائي) مهرالنسا لاڙڪ

'ڊزائين ڪيل شاعري' فورم ۾ نثارناز طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2011۔

  1. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    پيار جي احساس جهڙي شاعره​


    [JUSTIFY]ڀيڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جي شاعري جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا ۾ سنڌ جي مهان شاعره سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه صفحي نمبر 29 تي لکي ٿي ته : هڪ شاعر جي اسلوب ۽ انداز تي هميشه ٽن ڳالهين جو اثر نمايان رهندو آهي. پهريون ماحول ٻيو مطالعو ۽ ٽيون طبيعت :
    ماحول ۽ مطالعو ته هميشهه حالتن جي پيداوار پي رهيا آهن جڏهن ته طبيعت صرف ۽ صرف قدرت جي عطا رهي آهي . ان ڪري طبيعت جو لاڙو جنهن طرف هوندو تخيل به اهوئي رنگ جهلڪندي ۽ رقص ڪندي نظر ايندو. شاعري جو اسٽائل ڪڏهن به پاڻ ناهي چونڊبو ته اسان کي ڪلاسڪ ، جديد يا علامتي انداز ۾ کڻڻو آهي پر تخليقڪار کي ان جي سوچ ۽ لوچ جو انداز ئي ان رستي تي وٺي ويندو آهي جنهن کي اسان لکڻيءَ جو انداز چوندا آهيون اهو سڀ لاشعوري هوندو آهي:
    صوفياء ڪرام جو چوڻ آهي ته الله تعالى جڏهن روح خلقيا تڏهن انهن روز ازل کان ئي “قالوبلى” وارو واعدو ڪيو هيو ته “ بيشڪ تون اسان جو رب آهين” ۽ اهو ئي رب جڏهن ڪنهن سان پيار ڪندو آهي ته اُن کي شاعر بنائي ڇڏيندو آهي..
    هاڻي خبر ناهي ته ادي مهرالنساءِ کي خُدا جو اهو پيارُ ڪڏهن ۽ ڪهڙي طرح نصيب ٿيو ۽ ڏات جي ديويءَ کيس پهريون پهريون ڦُول ڪڏهن ڦٽو ڪيو هُيو...
    مهرالنساءِ جي شاعريءَ کي آئون احساساتي شاعري چونديس ڇو جوپاڻ ڪوتا جي هار ۾ لفظن ۽ احساسن جا ڦُولَ ڏاڍي پيار ۽ پاٻوهه سان پويا اٿائين، لفظن جا ڦُولَ ڪٿي احسان جي اڌ ٽڙيل گُلاب جي مکڙيءَ جيان ته ڪٿي وري آجپي ، امن ۽ پيار ڏانهن واجهائيندڙ سورج مُکيءَ جيان پيا ڀاسن.
    آئون دل سان دُعا پيئي ڪريان ته مهرالنساءِ جي هِن “ڪوتا ڪائنات” ۾ “گُلابن جي ڦُلواڙي” ۽ “سُورج مُکي کيتُ” سدا سرسبز ۽ شاداب رهي !
    روبينا ابڙو
    27-04-2010[/JUSTIFY]


    [JUSTIFY]پيارا سنڌ سلامت جا سنڌي ساٿيو مون ڪجهه عرصو پهرين به سانئڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جي ڪتاب رنگن جا اوجاڳا جي پيج نمبر 85 مان مهرالنساءِ لاڙڪ جي هڪ خوبصورت وائي[/JUSTIFY]

    “ سچ پچ بهار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو،

    مُرڪي ته موتي هاري
    پويتر پيار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو

    هر گُل جو واسُ هُن ۾
    هيرن جي هار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو

    هو عڪس هُنَ جو اُجرو،
    پهرين نِهار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو

    پن ڇڻ جي مُند ۾ ڀِي
    سُندر بهار جهڙو
    هڪ شخص ياد آيو ​

    [JUSTIFY]
    توهان سان چترڪارِي جي روپ ۾ شيئر ڪئي هُئي جيڪا توهان سڀني دوستن کي تمام گهڻي پسند آئي ، دوستو جيئن ته سانئڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جو سمورو ڪتاب رنگن جا اوجاڳا نت نئين جدت ۽ تمام ۽ تمام سُندر خيالن جو مجموعو آهي ، سندس هر غزل سندس هر نظم، سندس هر وائي ، سندس هر چار سٽي، سندس هر نثري نظم ۾ سانئڻ مهرالنساءِ جي تخيل جي اُڏار ايتري ته وڻندڙ ۽ اُتساهه ڏيندڙ آهي جو انهيءَ ڪتاب مان هي ٻي وائي جيڪا مونکي تمام گهڻي پسند آهي ان جي چترڪاري ڪري توهان سڀني دوستن سان شيئر پيو ڪريان اميد ته پسند ايندي:
    سانئڻ مهرالنساءِ لاڙڪ جي شاعري جو ڪتاب رنگن جا اوجاڳا سنڌي ادبي سنگت حيدرآباد پاران گذريل سال يعني سال 2010ع ۾ شايع ڪرايو ويو، ڪتابن رنگن جا اوجاڳا هر سنڌي کي پڙهڻ گهرجي ، هن انمول ڪتاب جي قيمت صرف100 روپيا آهي ،اسان سڀني سنڌين کي گهر جي ته اسان سنڌي رسالا، سنڌي ڪتاب چاهي اهي شاعري جا هُجن يا چاهي ڪهاڻين جا هُجن پنهنجي هڙان وڙان خرچ ڪري ضرور پڙهون ته جيئن هر تخليق ڪار جي همت افزائي ٿي سگهي، جيڪڏهن اسان سنڌي ڪتابن کي ڪونه پڙهنداسين ته سنڌي ٻولي کي وڌائڻ ويجهائڻ وارو ڪم اڌورو رهجي ويندو، تخليق ڪار جو تخليقي عمل رُڪجي ويندو. ۽ ڪو به سنڌي شاعر يا سنڌي اديب پنهنجي شاعري يا پنهنجي تخليق کي شايع ڪرائڻ کان لنوائيندو. ان ڪري سڀني سنڌي دوستن کي منهنجو محبتن ڀريو پيغام آهي ته هو سنڌي ڪتابن کي ضرور ضرور پڙهن پليز پليز پليز.
    دعاڳو
    نثاراحمدناز
    ٽنڊو محمد خان[/JUSTIFY]03-06-2011

    وائِي
    ڪتاب رنگن جا اوجاڳا
    صفحو نمبر 80
    مهرالنساءِ لاڙڪ

    انبن جهليو ٻُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    ڏيئي وڍ وجود ۾
    ڇو نه پيئي ڪو پُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    اوجاڳن جي مُند ۾
    توکي ننڊ اَگُهور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    جوڀن جي گُذري ويو،
    پوءِ نه ايندو مُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    توسان پنهنجي ساٿ جا
    سڀ ڪٽڻا هِن سُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا

    گُهنج جسم، جِهيڻي نظر،
    جذبا ناهن جُهور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا​


    انبن جهليو ٻور، ها الا ! تُون دُور ڪيسين رهندين سانورا وائِي مهرالنسا لاڙڪ
    [​IMG]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: انبن جهليو ٻُور ها الا تون دُور ڪيسين رهندين سانورا (وائي) مهرالنسا لاڙڪ

    اوجاڳن جي مُند ۾
    توکي ننڊ اَگُهور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا


    سائين نثار ناز سلام

    ادي مهرالنساء جي بهترين وائي ۽ اوهان جي ٺاهيل تمام سهڻي ڊزائن. لک قرب اوهان سنڌ جي هر شاعر ۽ شاعره کي ڀيٽا ڏئي انهن جي شاعريء کي نوان رنگ ڏئي اسان سان ونڊ ڪندا رهو ٿا، هن وائيء جي پهرين شعر انبن جهليوٻور تان مونکي تاجل بيوس ياد اچي ويو جنهن جي شاعريء جو ٻيو ڪتاب جيڪو ڇپيو هو ان جو ٽائٽل هو انبن جهليو ٻور۔

    جوڀن جي گُذري ويو،
    پوءِ نه ايندو مُور
    هاءِ الا ! تُون دُور
    ڪيسين رهندين سانورا


    تمام گهڻو وڻندڙ شاعري ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  3. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: انبن جهليو ٻُور ها الا تون دُور ڪيسين رهندين سانورا (وائي) مهرالنسا لاڙڪ

    ادا محمد سليمان وساڻ منهنجي هن ونڊ ۾ جيڪا مون تمهيد لکي آهي ان ۾ حوالي طور مون مشهور ۽ مهان شاعره سانئڻ روبينه ابڙو صاحبه جِي سون جي مس سان لکڻ واري هڪ ڳالهه لکِي آهي ته ” الله سائين جڏهن ڪنهن سان پيار ڪندو آهي ته ”اُن کي شاعر“ بنائي ڇڏيندو آهي ، هاڻي اها ڳالهه ڪيتري قدر درست آهي پر مان سمجهان ٿو واقعي شاعر يا شاعره جڏهن پنهنجي اندر کي اوتي ساري جهان جي سامهون پنهنجي ڪويتائن کي رکندو آهي ته هڪڙو نرالو سما جُڙي پوندو آهي، ۽ ڀيڻ مهرالنسا جي هن وائي جنهن جو ٿلهه ۽ وراڻي انبن جهليو ٻُور ، ها الا ! تُون دُور ڪيسين رهندين سانورا اصل دل جا تار ڇيڙيو ڇڏي، تخيل جي اورچائي ، لفظن جي رواني، دل ۾ ٿڌاڻ ڀريندڙ لفظ لفظ خوشبو وانگر هُڳا ڀريو ڇڏي، توهان جي مهرباني جو هڪڙي بهترين شاعره کي توهان پنهنجي خوبصورت لفظن جي ڀيٽا ڪامينٽس جي صورت ۾ ڏني آهي، دوست هڪ شاعر يا شاعره توهان دوستن کان اهو سڀ ڪجهه ته چاهي ٿو ته خلوص سان ڀريل چند واهه واهه جا لفظن هُجن، انهن واهه واهه جي لفظن سان شاعر جو من شانت ٿي پوندو آهي ۽ هو وري انهي واهه واهه جي سچائين سان ڀريل شبدن جي سهاري سان وري پنهنجي ڪنهن نئين ڪويتا جي سرجڻ واري تخليقي عمل کي اڳيان وڌائيندو آهي، توهان جي مهرباني جو اسان جي هن غريباڻي ونڊ کي توهان پنهنجي دل جي گهرائين سان سُٺو چيو لک لائق ادا۔
     
  4. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: انبن جهليو ٻُور ها الا تون دُور ڪيسين رهندين سانورا (وائي) مهرالنسا لاڙڪ

    سائين نثار سچ پڇو ته هي لفظ مونکي بلڪل به اجنبي نه لڳا... شايد انڪري ته منهنجي جيون ساٿياڻي پڻ اهڙن ئي جذبن جو اظهار ڪندي آهي ، شايد انڪري ته مهرالنساء لاڙڪ اسانجي جذبن کي ڳايو آهي يا وري سندس شخصي تجربا به هوبهو پاڻ جهڙا آهن، جيتوڻيڪ ضروري ناهي ته شاعر پاڻ ذاتي طور ان ڀوڳنا مان گذريو هجي پر پوءِ به مونکي ائين لڳي ٿو ته محترمه منهنجي ۽ منهنجي ساٿيءَ جي اندر ۾ جهاتي پاتي هجي ...

    سهڻا لفظ ۽ سهڻي چترڪاري

    ٿورا ناهن ٿورا

    آزاد نظم
    ”ياد“
    نسيم حيدري

    بهارون اينديون
    مينهن ورکا ٿيندي
    گل ٽڙندا
    پکي مٺي لات لوندا
    عيدون ٿينديون
    وڇڙيل ملندا ...
    پر پرين ،
    تون نه هوندين
    تنهنجي ياد
    هر وار
    موٽ کائيندي ...
     
  5. ڊاڪٽر آزاد منگي

    ڊاڪٽر آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏10 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    15
    ورتل پسنديدگيون:
    13
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    Veterinarian
    ماڳ:
    Thariri Mohabat District Dadu
    جواب: انبن جهليو ٻُور ها الا تون دُور ڪيسين رهندين سانورا (وائي) مهرالنسا لاڙڪ

    واهه واهه ڇاته شاعري آهي ادي مهرالنسا لاڙڪ جي اصل مزو اچي ويو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو