وفاقي بجيٽ 2011-2012
دوستو سلام
هر سال وانگر هن سال به وفاقي بجيٽ داهن ، ڪوڪن ۽ مختلف نعرن ۽ وڏي شور سان پيش ڪئي وئي. بجيت جيڪا منهنجي نظر ۾ انگن اکرن جي ڦير ڦار هوندي آهي ۽ تمام گهٽ ماڻهو ان کي سمجهندا آهن باقي سڀ مون وانگر ويٺا تجزيه ڪندا ۽ ميڊيا ۽ اخبارن جي ڳالهين تي تبصرو ڪندا.
وفاقي وزير محترم حفيظ شيخ 27 کرب 67 ارب رپين جي ساڍا 8 سئو ارب رپين جي خساري واري بجيٽ پيش ڪئي. ياد رهي ته بجيٽ پيش ڪرڻ وقت نواز ليگ جي ميمبرن انتهائي ناشائسته طريقو اختيار ڪندي احتجاج ڪيو، نعرا هنيا، تهمينه دولتانه وفاقي وزير حفيظ شيخ ڏانهن چوڙيون اڇلايون جڏهن ته احسن اقبال وزير اعظم کي سڪل ماني پيش ڪئي. نواز ليگ ميمبر صدر، وزيراعظم ۽ ناڻي جي وفاقي وزير خلاف اڻوڻندڙ نعرا به هڻندا رهيا.
بجيٽ ۾ دفاعي خرچن لاءِ 4 کرب 95 ارب 21 ڪروڙ 50 لک رپيا مختص ڪيا ويا آهن، جيڪي هلندڙ سال جي بجيٽ کان 50 ارب 57 ڪروڙ 50 لک رپيا يا تقريبن 10.2 سيڪڙو وڌيڪ آهي. ان بجيٽ ۾ به رٽائرڊ فوجين کي ڏني ويندڙ پينشن جي رقم شامل ناهي.
بجيٽ جون سٺيون ڳالهيون:
ملازمن جي پگهارن ۾ 15 في صد واڌ
392 شين تي ريگيوليٽري ۽ ايڪسائيز ڊيوٽي ختم
پهرين جولاءِ 2009ع تائين ڏنل سمورن ايڊهاڪ رليف الائونسز کي 2008ع جي بنيادي پگهار جي اسڪيل ۾ ضم ڪرڻ ۽ نوان پي اسڪيل متعارف ڪرائڻ
پينشن ۾ 15 کان 20 سيڪڙو اضافو
گريڊ هڪ کان 15 تائين جي سمورن سرڪاري ملازمن جي ڪنوينس الائونس ۾ 25 سيڪڙو اضافو
سيلز ٽيڪس جي شرح 17 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 16 سيڪڙو ڪئي وئي آهي.
سيمينٽ تي فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي ٽن سالن ۾ ختم ڪئي ويندي.
مشروبات تي به ايندڙ سال فيڊرل ايڪسائيز ڊيوٽي جو خاتمو ڪيو ويندو.
بئنڪن مان نقد رقم ڪڍرائڻ تي ودهولڊنگ جي شرح 0.3 سيڪڙو کان گهٽ ڪري 0.2 سيڪڙو ڪرڻ جي تجويز آهي.
دواسازي جي صنعت ۾ استعمال ٿيندڙ 22 ضروري ڪچين شين جي ڊيوٽيء ۾ لاٿ
قابل ٽيڪس آمدني جي گهٽ کان گهٽ حد 3 لک مان وڌائي ساڍا 3 لک رپيا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي .
ڪجهه شيون جيڪي گهنن لاء نقصان جو سبب بڻبيون:
سگريٽ، ڪمپيوٽر ، سي اين جي ڪٽس ۽ گاڏيون مهانگيون،
بجلي ، تيل ۽ کنڊ تي سبسڊي ختم
صحت ۽ تعليم لاء رقم گهٽائي وئي
خدمتن تي جي ايس ٽي حڪومت هن سال به پاڻ وٽ رکي ڇڏي۔
باقي ڳالهيون به دوستن سان ونڊ ڪبيون ۽ اميد ته سڀ دوست به پنهنجا خيال ونڊ ڪندا