• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد بينظير ڀٽو جي شاعري جنهن جو سنڌي ترجمو تاجل بيوس ڪيو

سيد بشارت حسين

سينيئر رڪن
نثري ترجمو

[شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي سر مارئيءَ تي ٻڌل بينظير ڀٽي جي شاعري جلاوطنيءَ جي دؤر ۾ بينظير پاڻ کي باندياڻي ظاهر ڪري، انگريزيءَ ۾ نثري شاعري ڪري، اسڪرپٽ زيبسٽ جي انچارج ڊاڪٽر سليمان شيخ ڏانهن موڪليو هو، جنهن سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ لاءِ تاجل بيوس کي ڏني هئي هتي اُن انگريزي شاعريءَ جو نثري ترجمو ڏجي ٿو]

جڏهن ”ڪُن“ چوڻ سان هيءُ جهان اڃان خلقيو ئي نه ويو هو

جڏهن آدم کي اڃان صورت ئي نه ملي هئي

تڏهن کان مارُن سان منهنجو رشتو هو


جڏهن مون خالق جو آواز ٻڌو

هڪ مِٺو ۽ صاف آواز

منهنجي دل مان ”لبيڪ“ جو آواز نڪتو

۽ منهنجو سنڌ جي زمين سان ڳانڍاپو قائم ٿيو


جڏهن اسان سڀ ”وحدانيت“ ۾ سمايل هئاسون

منهنجو سنڱ، سياپو تڏهن کان شروع ٿئي ٿو


منهنجي مقدر ۾ جلاوطني لکيل هئي

پر مان پنهنجي وطن کي دل جي ڌڙڪڻ کان به ويجهي آهيان

سوچيان ٿي ته مان آزاد ٿي، ڪڏهن پنهنجي

جنم ڀومي لاڙڪاڻي موٽنديس


مان ڏاڍ جي ڏهاڙن ۾ هتي آيس

شال مان چؤماسن ۾

عوام جي پيار ۽ پاٻوهه سان

خوشيون کڻي موٽي وڃان

ڌڻي شال ائين نه ڪري، جو جلاوطنيءَ ۾

منهنجي جيجل ماءُ وڌيڪ ناساز رهي

ائين نه ٿئي جو هوءَ ذهني ڪشمڪش جي

ڄار ۾ ڦاسي وڃي.


مان ڏينهن رات خوابن ۾ ٿي گذاريان

ته من ڪا سنگهارن جي سُڌ پوي

مان خوابن ۾ اباڻن جي قاصد جو انتظار

پئي ڪيان

اها خبر ڪڏهن ايندي

جڏهن مان هِتان کان هُت پهچنديس؟

منهنجي دل جو جواب ڪير ڏيندو!

سچ پچ مان قدرت جي آزمائش مان

گذري رهي آهيان


او، خدا! مان اُن قاصد لاءِ اٻاڻڪي آهيان،

جنهن جي اچڻ سان

مان جتان جي آهيان، اتي ئي پهچنديس

جڏهن ته جابر کي ته ان جو انت ئي ڪونهي


منهنجي وارن جي سفيد چڳن مان

منهنجي چهري جي اداسي ۽ ڪمزوري

جهلڪي رهي آهي

مان پنهنجن سيڻن ڏانهن وڃڻ چاهيان ٿي

ڌڻي شال منهنجي لوئيءَ

۽ منهنجن ماروئڙن جي لڄ رکي.

اي خدا! ائين نه ٿئي جو جلاوطنيءَ ۾

منهنجي ماتا جي طبيعت وڌيڪ ناساز ٿئي

جنهن جي دل پنهنجن شهيد پٽن لاءِ روئيندي رهي ٿي

خدا! سڀ کان پهريائين منهنجي امان جيجل کي

پنهنجي جنم ڀومي نصيب ڪر

الا، منهنجو وَرُ ڪٿي آهي؟

ڪٿي آهن سندس زندگيءَ جون بهارون

حُسن، جمال؟

هو زندان جي ديوارن ۾ بند آهي،

هو عدالت جي ڪٽهڙي ۾ بيٺل آهي

عادل ڏڪي رهيا آهن

همتون گم ٿي چڪيون آهن

لالچون ماڻهوءَ جي نيڪي ۽ ناموس کان وڌيڪ اهم آهن

جنهن لاءِ ماڻهو جانِ به قربان ڪرڻ لاءِ تيار آهن

اي وطن!

منهنجي صحت جُهري چڪي آهي

منهنجي خوشي اڏامي وئي آهي

پر پوءِ به

عوام جي وڃايل حقن وٺڻ لاءِ ۽

ويڙهه جاري رکڻ لاءِ منهنجي دل مضبوط آهي


زماني خاطر ٻچن خاطر ۽ پاڻ لاءِ

هر ڏهاڙي مان چپن تي مرڪ آڻيان ٿي

منهنجا ٻچا، مون کان سوال ٿا ڪن

امان! اسان وطن ڪڏهن ورنداسون؟

مان جواب ٿي ڏيان!

انصاف ماڻهن جي دلين مان اڏامي وڃي

وحشين جي سينن ۾ سُڪون

پذير ٿيو آهي

مان کين ٻڌايان ٿي:

اسان تڏهن ٽهڪ ڏينداسون

اسان تڏهن کائينداسون

جڏهن آزاديءَ جا زنجير خلاص ٿيندا


مان غريب عوام جي نقصان تي سوچيان ٿي

جو عوام فوجي فاتحن جي جُوتن بدران

چمڪندڙ مقدر جي لائق آهي


زمينون ٺوٺ ٿي چڪيون آهن

پاڻيءَ لاءِ ماڻهو دعائون گهري رهيا آهن

فصل تباهه ٿي چڪا آهن

چوپايو مال مري رهيو آهي

پورهيت طبقي کي گهر رواني ڪرڻ ڪري

چُلهيون ٿڌيون ٿي چڪيون آهن،

پر پوءِ به، زمين لاءِ خواهش وڌي آهي

وڏن ماڻهن لاءِ محل، ماڙيون

۽ سرڪاري گهر کوڙ

هڪ نه، پر ٻه، ٻه گهر

بُکن ۾ ماڻهو لُٽجي رهيا آهن

ملڪ جي صاف چهري کي داغدار بڻايو پيو وڃي

آڱرين جا نشان ورتا وڃن ٿا

عابد خوف ۽ خطري ۾ رهن ٿا

ماڻهن کي بي گهر ڪيو ٿو وڃي

فوجي

سپاهي برفاني پهاڙن کي خدا حافظ چئي رهيا آهن

پهاڙن ۽ صحرائن ۾

شاعر ويل وقت کي واکاڻي رهيا آهن

اهو وقت جڏهن وطن ۽ وطن واسين جو احترام ڪيو ٿي ويو

اهو وقت سنڌ جي مارئي بينظير جي

حڪمرانيءَ جو وقت هو،

شاگرد روزگار حاصل ڪرڻ جي اوسيئڙي ۾

ڪوماڻل چهرن سان علم

پرائي رهيا آهن

جي ان خوف ۾ ٿا رهن ته

هو بيروزگاري ۽ غربت جي گهاڻي مان

پاڻ کي ڪڏهن آزاد ڪرائيندا

ڇاڪاڻ ته سندن نوڪريون

پينشن کڻندڙ فوجين کي ڏنيون ٿيون وڃن

خاڪي ورديءَ وارن لاءِ

هڪ پينشن ناڪافي آهي

ٻه نوڪريون، ٻه پگهارون ۽ ٻه پينشنيون

رٽائر ٿيل خاص خاڪي ورديءَ وارن لاءِ ضروري آهن

ڇاڪاڻ ته آمريت ئي خاڪي پوش جرنلين جي

خواب جي ساڀيان آهي

انگريز گذريل صديءَ ۾ ملڪ خالي ڪري ويا

سندن جاءِ خاڪي پوشن اچي ڀري آهي

بابا سائين تمام جلد گذر ڪري ويو

جنهن کي ايمبولينس ذريعي ڪراچي آندو ويو.


اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي

جڏهن ظالم هليا ويندا

جمهوري راءِ اسان کي آزادي وٺي ڏيندي

تارازي وري هٿ ۾ ايندي

جڏهن ماڻهن جو اعتماد يقيني بڻايو ويندو

تڏهن سرِعام رقص ڪيو ويندو

گيت ڳاتا ويندا

ٽهڪ هوا ۾ اڏامندا

ماڻهو پنهنجي قسمت جو جشن ملهائيندا

لاڙڪاڻا!

منهنجي پياري جنم ڀومي!

منهنجي دل گلاب جي خوشبوءِ سان معطر آهي

ائين ٿو لڳي،

ڄڻ ٿر تي تازو مينهن وٺو آهي ۽

فطرت وڻن کي ڌوئي صاف ڪري ڇڏيو آهي

پري، گهڻو پري

مان هڪ رنگ محل ۾ رهان ٿي

پر مون کي پنهنجي سرزمين

پهاڙي پيچرن

خوفناڪ رستن جي سفر

جهنڊن

پنهنجي وطن جي پريشان چهري کي

ٻهڪندڙ چهري ۾ مٽائڻ جي ياد ستائي رهي آهي

مان پنهنجي گهر ۾ ساهه کڻڻ چاهيان ٿي

هڪ آزاد ۽ ڇوٽڪاري وارو ساهه

منهنجو روح هڪ هنڌ تي آهي

۽ منهنجو جسم ٻئي هنڌ تي

منهنجي دل ڇيهون، ڇيهون ٿي چڪي آهي


چونڊون هڪ ڪوڙو ۽ ڌوڪو هو

واعدن جو تماشو هو

مهم جوئيءَ تي اربين روپيا خرچ ڪيا ويا

جنهن مان جمهوريت جي بهاني

آمريت ملي

هن کيڏ کي يورپين يونين ۽ گڏيل جماعتن جي جماعت

گند ڪچرو سڏيو

پيتيون ڪُوڙن ووٽن سان ڀريون ويون

بيلٽ پيپر، پرزا پرزا ڪيا ويا

عوام جي راءِ تي

گيدي ٻهروپين وطن پرستيءَ جي ويس ۾

ڪئنچي ڦيري ڇڏي

صدارتي محل گند جو ڍير بڻجي چڪو آهي

هڪ اُها جاءِ، جا

غربت جي گندي پاڻيءَ سان گهيريل آهي

ايل ايف او مهاراجا کان ڪپڙا لهرائي ورتا آهن،

اهي ڪپڙا هاڻي پارليامينٽ کي پائڻ گهرجن

جنهن ۾ ملڪ جو آئين ۽

عوام جي راءِ لپيٽيل آهن

ٺريل خاڪ مان

سيمرغ (Phoenix) پيدا ٿيندو

۽ ائين عوامي طاقت وري جنم وٺندي

مان غريبن جي ٻارن لاءِ سکيا جا مرڪز، تعمير ڪرائينديس

جن وسيلي پوڙهن ۽ نوجوان نسل کي

عظمت، اميد ۽ تحفظ ڏياريو ويندو

اسان ويران وسندين ۾

عمارتون جوڙائينداسون

۽ ائين وطن عزيز جي مائرن ۽ ڀينرن

جي اکين جا ڳوڙها خشڪ ڪنداسون

سنڌواسيو!

مُنهن مٿو نه پِٽيو

اسان جي تقدير اسان جي هٿن

اسان جي صدائن ۽ اسان جي عزم ۾ آهي

اسان غلط ڪم کي رد ۽ سٺن

ڪمن کي ڇاتيءَ سان لائي سگهون ٿا

اسان ڪوڙ کي رد ۽ سچ کي واپرائي سگهون ٿا

زندگيءَ جا ٻه رستا آهن

اطاعت جو رستو

عزم استقلال جو رستو

ويسر جو رستو، مايوسيءَ ڏانهن وٺي وڃي ٿو

ياداشتن وارو رستو عظمت ڏياري ٿو

ظلمت اڳيان،سچ، انصاف ۽ حقوق العباد جي مشعل

روشن ڪرڻ امر حقيقت آهي

اهو ياد ڪندي ته:

ڪابه شيءِ رهڻي ناهي

هر شيءِ اچڻي وڃڻي آهي

ظالم حڪمرانن جا هي ڏهاڙا

به ائين گذري ويندا جيئن

اڳين ظالمن جي پيرن جا نشان به گم ٿي چڪا آهن

عوام جي ذ
 
جواب: شهيد بينظير ڀٽو جي شاعري جنهن جو سنڌي ترجمو تاجل بيوس ڪيو

محترم سائين بشارت حسين صاحب؛ سڀ کان اول ته تمام گهڻي خوشيءَ جي ڳالهه جو اوهان محترمه ڀيڻ بينظير جو هي حب الوطنيءَ سان ٽمٽار ۽ عوامي اتساه سان ڀريل نظم ونڊ ڪيو، ٻي خوشي ان ڳالهه جي ته انجو ترجمو سنڌ جي مايه ناز شآعر سائين مرحوم تاجل بيوس جن ڪيو آهي ۔۔۔
ٽين ڳالهه ته جڏهن ڪڏهن ڪو سنڌي اڳواڻ عوامي ڳالهه ڪرڻ شروع ڪندو آهي ۽ غريبن ۽ مسڪينن کي ڪو آسرو ٿيندو آهي ته انکي قتل ڪري اسانکان جدا ڪيو ويندو آهي ۔۔۔ تاريخ شاهد آهي ته سنڌ هميشه تمام ڏاها انسان پئدا ڪيا ۽ جڏهن انهن جي ڏاهپ ۽ سورهيائي عوام طرف مڙندي آهي ته ان کي منظر تان غائب ڪري سنڌ سان ظلم جي بازار روا رکي ويندي آهي ۔۔۔ ڪاش اسين ان ڳاله کي سمجهي سگهون ۔۔۔

سائين محترم تاجل بيوس تمام سهڻو ترجمو ڪيو آهي ۔۔۔ ٻه سال اڳ مونکي جڏهن اهو يا انجهڙو هڪ نظم هٿ آيو هو ته مون انکي انگريزي اسڪرپٽ ۾ ونڊ ڪيو هو ۔۔ پر دوستن جا اصرار تي مون انجو سنڌي ترجمو ڪري ونڊ ڪيو هو جو پڻ هيٺ ڏيانٿو ۔۔۔۔

محترمه شهيد بينظير جي خيالن مان ظاهر ٿئي ٿو ته هوءِ هاڻ مارئي ملير جي ٿي چڪي هئي ۽ هاڻ سنڌ ۽ سنڌيت جو قدر ڪرڻ لڳي هئي ۔۔۔ عوامي همدردي سندس ايمان ٿي چڪي هئي ۔۔۔ پر افسوس جو سنڌ دشمنن کيس جيئرو رهڻ نه ڏنو ۽ پارس جهڙي اڳواڻ کي اسانکان جدا ڪري ڇڏيو ۔۔۔۔

مون پاران ترجمو ڪيل نظم؛

دل جي ڌڙڪن کان به ويجهو آهيان گهر پنهنجي کي
حيرت اٿم؛
آزاد ڪڏهن ٿيندس
لاڙڪاڻي وڃڻ لئه
مٽيءَ سان مٽي ٿيڻ
پيارن ڏانهن موٽڻ

ان پاسي وڃان اصل اٿم جنهن سان
جيتوڻيڪ ظالمن کي پرواه ناهي ڪا
منهنجي مٿي ۾ چمڪندڙ اڇي چانديءَ جي

لٽيل ۽ بکايل ماڻهن لئه
جت مٺڙي ڌرتي ٺوٺ ٿيندي پئي وڃي
جت مارون ابر لئه ٻاڏائن پيا
جت فصل سڪن پيا
جت جانور مرن پيا
جت چلهن جي باه ٿڌي پئي ٿئي
۽ مزورن کي گهر ويهاريو پيو وڃي

هڪ ڏينهن ظالم ويندا
عوامي خيال آزاد ٿيندا
رستن تي جمالا هوندا
گيت ۽ سنگيت هوندا
ٽهڪن جا پڙاڏا هوندا
مارون منزل تي پهچندا
او پيارا، لاڙڪاڻه، ياد آهن
اها گلن جي سرهاڻ
وارياسي تي سارنگ ورکا
قدرت هٿان ڌوتل وڻ ٽڻ

وڏي پيار سان جهلي ورتي آهي مون
مارئي جي اها ورثي واري پوتي
نشاني آهي اسانجي ثقافتي خزاني جي
مارئيءَ کان ئي ته سکي آهيان
صوفين ۽ فقيرن کان
پنهنجي ڀاءُ شاه کان سکي آهيان
سهڻي نوجوان جنهن پڻ ٻي ظالم سان ويڙه وڙهي هئي
پنهنجن آخري پساهن تائين ...
پنهنجي پياري ڌرتيءَ کان ڏور
قيد ڪري نٿو سگهي مونکي منهنجو سرير
شاه موٽيو اصل کي جڏهن سندس روح ٿيو پرواز
سندس سرير پيو ڀاڪرين پنهنجي مٽيءَ جي
(نوٽ؛ هت ”شاه“ جي مراد شاهنواز ڀٽو آهي، جنهنکي بينظير پنهنجي نظم ۾ ياد ڪيو آهي)

مون پنهنجا ٻئي هٿ مٿي کنيا آهن
پنهنجن ٻارن کي به چيو آهي
پنهنجا پتڪڙا هٿ مٿي کڻو
” مارئي، مارن جي ۽ ملير جي
وقت جي انڌياري ڪوهيڙي ۾
پنهنجا هٿ مٿي ڪيا آهن
جڏهن دنيا گهري ننڊ ۾ آهي
سهڻي رب آڏو
پوري اميد سان
دعا گهري ٿي ته
مارئي پنهنجي ديس کي ڏسي

جيئن گهڙيءَ جو ڪانٽو لڏندو
ٿر جون هوائون صدا ڏينديون
مارئي رڙيون ڪندي
ازلي ۽ اڻکٽ رڙ
هڪ اهڙي رڙ
جا ٿر جي هوائن تي سوار هوندي ..
ٻارو! ٻڌو ٿر جي هوائن کي
هوا جي صدائن کي
ايمان رکو
فتح پنهنجي ٿيندي ضرور
 
جواب: شهيد بينظير ڀٽو جي شاعري جنهن جو سنڌي ترجمو تاجل بيوس ڪيو

سائين محترم نثار صاحب توهان بلڪل صحيح فرمايو ته محترمه شهيد بينظير کي سنڌ دشمنن جيئرو رهڻ نه ڏنو ۽ پارس جهڙي اڳواڻ کي اسانکان جدا ڪري ڇڏيو ۔ ڏاڍي خوشي ٿي اوهان محترمه جو انجهڙو وڌيڪ هڪ نظم اسان سان ونڊ ڪيو۔ لطيف سرڪار فرمايو آ ته؛۔
گهوڙن ۽ گهوٽن جيئڻ ٿورا ڏينهنڙا
ڪڏنهن منجهه ڪوٽن
ڪڏنهن واهي رڻ جا
 
جواب: شهيد بينظير ڀٽو جي شاعري جنهن جو سنڌي ترجمو تاجل بيوس ڪيو

رويون ويٺي روءِ پنهل کان پوءِ ڏينديس باھ ڀنڀور کي
سائين اوهان ٻنهي سڄڻ جي اڪاوش قابلِ تحسين آهي الله اوهان سڄن جي علم ۾ اضافو ڪري شال جڙيا رهو جهان ۾
سائين اسان جي ڌرتي تي جي هاڃا ٿيا آهن انهن جو مثال هن خطي تي شايد مشڪل ملي۔ اڄ ڏينهن تائين شايد ڪو پنجابي اڳواڻ ائين بيدردي سان ناهي ماريو ويو جيئن هن سنڌ جيجل جي سيني ۾ گهاءُ هنيا ويا آهن هي ظلم جيڪو مسلسل اسان سان ٿي رهيو آهي ان جي پٺيان مير جعفر ۽ مير صادق جي روش جاري و ساري آهي ۔ اسان وٽ تبديلي جا اڃان ڪي آثار نظر نه پيا اچن ،


پر نه هي تبديلي ئي آهي
جو اڄ اسان ائين سوچيون پيا
ها شايد تبديلي جي شروعات ٿي چڪي آهي
هي تبديل انشاءِ الله اڳتي وڌندي ۔
اسان جو انتقام انصاف امن آهي
اسان هن ڌرتي تي انقلاب آڻينداسين
جي آڻيندا سين
شايد هي جملا لکيندي
منهنجي اکين ماڻ
ڳوڙها ٽمي پيا هوندا
آءُ سوچيان ٿو ڇا هي خواب منهنجا
ساڀيان به ٿيندا
ها ساڀيان ٿيندا
خواب منهنجا
ڏاڏل ڏيھ اسانجي ۾
امن جو دور اچڻو آهي
جتي پنهنجي ڌرتي هوندي
اتي پنهنجي ڌرتي وارا حڪمران هوندا
هي سنڌڙي ماتا
هي جيجل ماتا جا
جنهن جي سيني ۾ سيل هڻي
روئاريو ويو آهي
سا کلندي خوش ٿيندي
سا کلندي خوش ٿيندي
 
جواب: شهيد بينظير ڀٽو جي شاعري جنهن جو سنڌي ترجمو تاجل بيوس ڪيو

شاهه صاحب مهربانيون

ان باوجود جو محترم جي ٻنهي دور حڪومت ۾ کيس ڪم ڪرڻ نه ڏنو ويو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ پر جڏهن هوء 18 آڪٽوبر 2007 تي موٽي هئي ته محترمه شهيد جا خيال گهڻو مَٽيل هئا ۽ هوء ڪجهه نئون ڪرڻ آئي هئي پر پاڪستان جي تاريخ ۾ هميشه ساڳي ريت دهرائي وئي ۽ محسنن کي شهيد ڪرڻ وارو سلسلو جاري رهيو۔

هر شيءِ اچڻي وڃڻي آهي

ظالم حڪمرانن جا هي ڏهاڙا

به ائين گذري ويندا جيئن

اڳين ظالمن جي پيرن جا نشان به گم ٿي چڪا آهن


اڄوڪي حڪمرانن کي محترمه جي شاعري پڙهي سوچڻ گهرجي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top