شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو الف ب وار ڪلام

'سنڌي شاعري' فورم ۾ ميمڻ عبدالخالق طرفان آندل موضوعَ ‏4 جون 2011۔

  1. ميمڻ عبدالخالق

    ميمڻ عبدالخالق
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏3 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    2
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    شاهه ڪريم جو ڪلام الف ب وار
    ميمڻ عبدالخالق “ناز” بلڙي شاه ڪريم
    تحقيق ترتيب
    ميمڻ عبدالخالق “ناز“ بلڙي شاه ڪريم.
    ا ب ٻ ڀ ت ٿ ٽ ٺ ث پ ج ڄ جهه ڃ چ ڇ ح خ د ڌ ڏ ڊ ڍ ذ ر ڙ ز س ش ص ض ط ظ ع غ ف ڦ ق ڪ ک گ ڳ گهه ڱ ل م ن ڻ و هه ء ي.
    تحقيق ترتيب
    ميمڻ عبدالخالق “ناز“ بلڙي شاه ڪريم .
    شاه عبدالڪريم جو ڪلام (الف _ ب وار)
    (1)
    (آ)
    آهي اُهڃائو، ُپير پريان جو جيڏيون،
    ِجنين ساڃائو، ِتنين تان به َپروُڙئو.
    (آهي آهنجائو، پير پريان جو جيڏيون،
    ِجني ساڃائو، تني تان نه پروڙئو).
    (2)
    آيل سهڻو رَڏ، سوهڻي ڪامَ وِسهي،
    ستي ُهئڙا گڏ، جان جاڳان تان ناههِ پرِي.
    (3)
    (الف)
    اسين تئان آئيون، جت کو ُنبو ناه،
    وَڃهون جي وِياهه، ته پڻ مٿهون لوئيون.
    (4)
    اسين سڪون جن کي،اسين پڻ سيئي،
    “لم َيلدِ ولم يولد”، وانءُ اوڏانهن پيهي.
    (5)
    امڙ کوءِ گهروءِ، ُمنهان ساٿرو وڃي نڱئو،
    هنيڙو ڏيئي وٽ جئن، مون جِئن تان نه ٻروءِ
    (امڙ کوُء گهروءِ، مُ ونهان وڃي ساٿرو ،
    مون ِجئن تان نه َٻروءِ ،هيئڙو ڏيئي وٽ جئن،
    (6)
    ان در سندي مڱڻي،اڳي اي ۽ مَ هيرَ،
    ِجئن ڊگها ڪري پير، سڄيون راتيون ُسمهين.
    (7)
    انهيءَ ۾ آهي، جي تون ڀائيين جهوپڙا،
    تاڙي جي لاهي، ته چارو لوڪَ ِٿئي.
    (8)
    اونهين ۾ اوڙاهه جو ،هنجهه تنهين هوءِ،
    ايءُ ڪانيرو ڪوءِ، جو َڇاَڇر ۾ ڇيڙون ڪري.
    (9)
    آ هکي راهه الله جي، آهکي آ هکي َڀت ِ،
    هوءِ جي ڏيهاڻي ڏيهه جا، تن پڻ منجهي مت،
    اڇاڙن ابت، گهڙج گهاٽي نيه سين.
    (10)
    اِيَ ڪچائي منج تو، جو تو ڀائيو َڪچُ،
    جيڪي سندو َسڃڻين، سو سڀوئي َسچُ.
    (11)
    اي مجازي ماءِ ، جي تون ڀائيا سُپرَين،
    هاري حقيقي پري، ڪچو ڪوههُ ٿِئامِ.
    (اي مجازي ماء، جي تو سڄڻ ڀانئيان،
    ڪچا ڪوهُه ٿئاءِ، هاري حقيقي پرين).
    (12)
    ڀ
    ڀنڀوران ٻه ٿوڪ، ڪه َ نه نئا پاڻ سين،
    سڪڻُ سُپرين سين، ٻئو لاَڳاپو سين لوڪ.
    (13)
    ت
    تان ڪي ڳوري ڇُلُ، جان لاڙائو سچ ٿئو،
    هاڙهي ڌاري هُلُ، وڃي هوتن جو ٿيو.
    (14)
    تو جو ڏيو ڀانئيو ، سو سورج سَهائي،
    انڌنِ اُونداهي، جي رات وِهامي ڏينهن ٿيو.
    (15)
    تون ڏانُ، توتي ڏاڻُ، هي پاڻ اُتي مَڱڻو،
    اهو پارين آسئو، ڪو چئي وڃائي پاڻُ.
    (16)
    ق
    پاٺيون جان نه ڪِجنِ، روئي ڌوئي اکڙيون،
    جرُ ڪڄرُ جن اکين ۾، سي ڪيئن پِرِين پسنِ.
    (روئي ڌوئي اکيون، پاٺيون جان نه ڪجن،)
    (17)
    پاڻيهاري سڀ ڪا، جا سِرَ گهڙو ڌري،
    ڪاليءَ سندي سڄڻيَ، ڪا پورهئي ڪاڻ ڀري.
    (18)
    پاڻيهاريِ سرِ ٻَهڙو، جر تي پکي جِئن،
    اسان سَڄڻ تِئن، رهيو آهي روح ۾.
    (19)
    پاڻيءَ اُتي جوَپڙا، مورکَ اُڃ مرن،
    دانهون ڪنِ مُٺنِ جئن، دَمُ نه سڃاڻن.
    (20)
    پاڻَ ئي سلطانُ، پاڻ ئي ڏي سَنهيڙا،
    پاڻَ ڪرَ پاڻَ لهي، پاڻ سُڃاڻي پاڻُ.
    (پاِڻهن ڏي سئيهڙا، پاڻهن ايُ سلطان).
    (21)
    پَر ۾ِ پَچي پِرِيءَ کي، پَسجي پَر َڏيهه،
    جِتي ساڄنُ سُپجي، ساهه کي سو ساڙيههُ.
    (22)
    پريان سندي ڳالهڙي، جيڪو ٻئي ڪري،
    مَتِ موجي ڪن ڪري، تي کي جاب مَ ڏي.
    (سپريان جي ڳالهڙي، جي ڪو ٻئي ڪري،
    جي مت منهنجي ڪن ڪرين، تنهه کي جاب مَ ڏي.)
    (23)
    پنجين ڊرمين ڊرم، ڪڍجي کي سَڄڻين
    ته پُڻ توهين کِٿئو، جي سو سِرءُ ڪم.
    (24)
    پنندين پرين سين، ويلا ڪندي وَتُ.
    ڪو پائيندءِ مانيون، ڪو پائيندءِ ڀَت.
    (25)
    ج
    جا تو گهيڙي گهٽِ، ما َڪرِياڙِي مَڇَڙا،
    اُنَ ڪنڍيءَ ڪڍي ڪيترا، نيئي پڇاڙئا َپٽِ.
    (26)
    جاڳي جاڳي سسئي، جان هيجاَ هٿَ وِڌاءِ،
    تان سڃي سيجِ پريء ري، پُنو پَٿَر ناه،
    نڪرندي چُئاءِ، گهوڙا گهرِ نه سپرين.
    (27)
    جورُي اُتي جَنِ، داغ تُنجو داسڙا،
    تون ڪئن مٿاَ تن، چنيسر چت کڻين؟
    (28)
    جوڳي ڪَنڌ ڪپاءِ، ڪَنَ ڪپاِئڻُ خير کين،
    صحبت تنهن جي سيد چئي، سامين وٽ سماءِ.
    يهدي االله لنورُه من يَشاءُ، اي اُني لئي آه،
    هي تِني جي جاء، جني ٻئي جُڳ َڇڏئا.
    (29)
    جي تجريدا نڱئا، پيٺ ۾ تفريد،
    ڪِنين ڪڏهين ٿئي، هِنين ڏِياڙي عيد،
    (30)
    جي پُڇڻا سي نه مُنجهڻا، جي پڇن سي ويرَ،
    جو لَکڻُ منج ماڙوئين، سو مَکڻُ منج کير.
    (31)
    جي جاڳندي من ۾، سِتي پڻ سيئي،
    مَن پريان نيئي، پَڳهيو پاڻ ڳري.
    (32)
    جي مون سَڏَ ڪِئا، ڀنڀوران ٻَهار ٿي،
    جي سي پِريءَ سُئا، ته هندَ نه وِئا نِڪري.
    (33)
    جيڪي گهران مَ وَڃَ ، جيڪي موٽُ مَ سوَهڻي،
    هيڪڙيائي هَٿِ ڪِرَ، ٻُيون ڀيرو ڀَڄُ.
    (34)
    جي لياڪا لوڪ ڏون، جان جان سي نه لِتاءِ،
    تان تان ٿئي نه ماءِ، پورو پَسڻَ پِرين سين.
    ( جان جان سي نه لتاءِ، جي لياڪا لوڪ جا).
    (35)
    جِه َ سرَ سندو نُورُ، جيلاهه سو سونهون ٿئي،
    تيلاهه لَڀنَ سُپرين، ڳالِهه لهجي مُورُ.
    ( جنه سر سندو نور، تيڏانهن سو سونهون ٿئي).
    (36)
    جهه
    جهوريرا جُهڻڪن، مٿي مين مڱڻا،
    سَپرَ رات سمگئا، ڏکيا ڏينهن ڏسن،
    گهرِ ٿا گهٽ وڃن، چندا لٿي چارڻين.
    (37)
    چ
    چارَئي پلوءَ چڪ ۾، اديون مُون آهين،
    ڀانئڻ جي ڀائينِ، سي ترَڪنِ تڪڙي.
    (38)
    چرئنِ جِئنُ چت ڪري، سگ ُ سڀيئي ِڇنُ،
    جي ڀائين پريءَ مِڙان، ته مَت مُوجي ڳِنُ.
    (39)
    چوريَ پاهت ڳجهه سين، َپڌَرِ ناهه اَرَٿُ،
    پيرين پاڻ لڪائين،تهان پوءِ وَٿُ.
    (چوريءَ پاتُ ڳجهه سين، پڌر ناه اَرٿُ،
    پهرين پاڻ لڪائي، پوءِ لڪائج وٿُ).
    (40)
    ڇ
    ڇاڇر ڇُڳيرَنِ، گهورَ نه اچي گهاتوئين،
    اکيون اُنين سَندَيون،َڪڏا ڪرو پڇن.
    (گهور نه اچي گهاتوئين، ڇاڇر ڇڳيرن،
    اُڀا انهين سنديون،ڪَنداَ ڪروُن پڇن).
    (41)
    خ
    خرڪان خوش ڪري، اچي ويٺاسون،
    جائين ڏني حسن کي، تائين ڏيندهين مون.
    (42)
    ڌ
    ڌَڪين ڌات پئو، هينئڙو لوههَ سنداڻَ جِئن،
    سنڀاري کي سَڄڻين، ورچي تان نه وِئو.
    (43)
    ڏ
    ڏمر پاسو ڏک سين، کانڌ کٿوري هوءِ،
    والله مع الصابرين، آگو ايهين چئو.
    (44)
    ڏوراَ پسي ڏورِ، جي وِئين وِهرو ڪري،
    ماڪرياڙي مَڇڙا، هُنڌ نه وڌين هور.
    (45)
    ڏوهه نه ڏَمر ِئوءِ، ڏِٺوء جي ڏاتار موهه،
    ماڻڪين هَٿَ ڀري، پاڻا آڏو اُسرَئوءِ.
    (46)
    س
    ساڪئو سائي ڪَنِ، سپريان جي ڳالڙي،
    هيڪڙائي سکئا ، ٻي نه اُجهي تَنِ.
    (47)
    سائر ڏي نه لَت، اوچي نيچي سڀ ڪِنهنِ،
    نابودي نه ٿئي، اِي ناديدي جِهتَ.
    (48)
    سَڄڻُ جان سهوُ، ته ڪر روح رُچنديون.
    سندو ڪاٺَ ڪهُو، ڀُتوئي ڀَرُ سهي.
    (جئن سو ڪاٺ ڪهو، ڀُتوئي بارُ سهي،
    سڄڻ هُونِ سَهوُ، ته ڪريان روح رچنديون).
    (49)
    سَڄڻُ ساعت هيڪڙي، جي ٿين اکيئون ڌار،
    تهَ ڪَرَ سڀَ ڄمار، ڏٺوسين ڪڏهين،
    (سڄڻ ساعت هيڪڙي، جي ٿئي اکنئان ڌار،
    ته ڪر سڀ ڄمار، ڪين ڏٺو هو ڪڏهن،
    (50)
    سڄڻ ساَه پساَهه ۾، پرين پاڻ پَساه،
    جي ٿيي هيڪانڌ حبيب سين، ته وحدت تهين واه،
    و في انفسڪم افلا تُبصرون ۽، سَچو ايءُ گواهه.
    (51)
    سَڏَ نه سلامي ٿئا، وَهيءَ نه ورئا جي،
    هاڻي تنين کي، ناهِه ماڳ ُ ملير ۾ .
    (52)
    سِڪان جي نه سُڻين، پارا ڀا پريءَ جا،
    سي ساٿي نه ٻُجهڻا، جي تِنين کي ڏين.
    (53)
    سوئي صلحَ سڄڻين، سوئي ڦوڙائون،
    والله خيرالماڪرين، اِيُ هِيُ ميڙائون.
    (54)
    ص
    صورت ليکي هت، معنيٰ ليکي ماروئينِ،
    عمر منهنجي چت، اوطاقون ٿرن ۾.
    (55)
    ع
    عُمر ٿُئو آريجُ، من منهنجو سومرا،
    ساري سانبيڙن کي، رڳن ڇڏيو ريج،
    ڪهڙو کٽيئي کيجُ. مون کي بندياڻي ڪري.
    (56)
    ف
    فڪر ڪر ڦڙڪيين، وَرَ وِنگهائي پاءِ،
    جا تون اندر کاء، سا معلوم محبوب کي.
    (57)
    ق
    قرب ۽ ڪبرياءَ، ماءِ ملاقي نه ٿئي،
    صوفيءَ جو صلح ۾، پورو اِيُ ِپرياءُ.
    (58)
    ڪ
    ڪا جا پَرِ پِرينِ، نه سا ٻُڌي نه سُئي،
    متيون سڀِِ مُنجهن، اِهي ڏٺِي قضيي.
    (59)
    ڪارين ڪنين ڪڪرين، ڪَرهه ولاڙُ وَڃن،
    ويلو ڪن نه وچ ۾، نه اوڳار ڀڃن.
    (60)
    ڪاڪ وَڻنِ ساڻُ، اوٺيين نه اورڳي،
    جي گڻَ هون گهڻان، ته به راڻا توءِ رئندا وِئا.
    (61)
    ڪاڻياريون ِڪي ڪَنِ، عمر اڇا ڪَپڙا،
    جِني جا ٿَرن ۾ِ، وَرَ ٿا ويڻ سَهنِ.
    (62)
    ڪتي ڪتندينءَ ڪيترو، ڪر سوداگر يار،
    ڪتڻ مٽڻ ڪريم چئي، آهي آگي جا اختيار،
    جي ٿي پورهيت تو پار، ته تنهنجو سٽ سوجهيئي ڪونه ڪو.
    (63)
    ڪرها ڪامئا، جَرُ آلئو ڇو نه پِيو.
    مون آن گهڻو سيکارِئو، وسا لڌو نه هوءِ.
    (ڪرها ڪامياب، جر هلئو جو نه پئو،
    مون تان گهڻو ڇڪارئا، پسان لڌو نه هو).
    (64)
    ڪرهو تي پاڻي پيي، جي پياري پاڻ،
    اڳي ان نياڻ، اَڻ ڪوٺئو ڪونه گهڙي،
    (65)
    ڪه سَرَ سند ا هنجڙا، ڪٿي ٿا لَمنِ،
    ٻجا مان پون، مَنَ اُڏامن مَن ۾.
    (66)
    ڳ
    ڳال اُو هيڪڙي، جا ڪالَ مون ڪئي،
    ڀينر ڪمِ ڀُڪٽئو، ٿيندي تان نه ٻئي.
    (67)
    ڳورِيءَ ٻئي نه تاتِ، مهار ئي ِمنَ ۾،
    جو پُڻُ پيئي راتِ ، ته هو سائر هوءَ سوهڻي،
    (68)
    لا
    لامَ لوڌي ڪَڍُ، الامَ لاه لِکَ سينِ،
    جو مظهر سندو ماڙوئين، ته کي ڪريين وَڍُ.
    (69)
    م
    متارڪا ڳڀروُ، گرَٿ ُ نه ٻڌنِ گوڏ،
    آئيا اڳڻِ هوڏِ، سِرُ ڏئو َسرو پئن.
    (70)
    متو واهڻ ُڪنَ ڪري، سنبويين ساڄَ،
    پرِي نه پِئا ڀَن ۾َ، مون پائيندي واجهه.
    (71)
    مجازي مَ مِٽَ ڪر، اکيون اِيَ مَ ڦير،
    هارِي حقيقتن جي، پڇي ٿيين نه پيرِ.
    (مجازي مَ مٽ ڪر، ڀنڀيون ائين مَ ڀير،
    پُڇي پير نه ٿين ،هاري حقيقي جي).
    (72)
    مُٺ ڀيڙيائي ڀلي، جُئه اُپَٽي ته واءُ،
    جُئه پَڌرَ وِڌي ڳالڙي، ته ڇڏي وڃي ساءُ.
    (73)
    مجازي موهي، ڪڏهن ويندءِ نِڪري،
    اکڙيون توهي، مَڇنِ وِهين وِسهي.
    (74)
    مجا ڪِئا مُهانِ، ڪلين مٿي ڪيترا،
    سِٻڙُ ڄام سيڻانِ، ويهي رات ورُوهيو.
    (75)
    ُمنڌَ مَ مَنهه ويُه، اُڀي او سڙَڪَ اُس ۾َ،
    تو سيئِي سيڻ ِڪئا، ڏورِ جنين جو ڏيههِ.
    (مُنڌمَ مَنهَ ويهُ، اُڀي اوسڙ اُس ۾َ،
    تون سيئي سيڻ ڪئا، ڏور جنين جو ڏيه،
    پاڙي پاڙي پيه، وت پڇندي پرين کي).
    (77)
    مورکَ مورِ نه ٻُجهڻا، هيڏا هوڏا ڪَنِ،
    ڪَٽرُ جن اکين ۾، سي ڪيَ پَرِي مِڙَنِ.
    (مورک مور نه ٻُجهڻا، هيڏانهن هوڏانهن ڪن،
    ڪٽر جن اکين ۾، سي ڪئين پري پسن).
    (77)
    مون پريان جا پکڙا، تِهاَ پري ٿئا،
    (78)
    مون ڏورائين لکئا، ته هي گهاتوئين وياءُ.
    (79)
    مون کي مون پرين، ٻڌي وڌو تار ۾،
    اُڀا ائين چون، مڇڻ پاند پسائين.
    (80)
    مُههُ ڪَرِ منجاران، ٻَهر ڍونڍِ مَ ڍورَ جئن ُ،
    اُڪري آوارا، ڪنڍِي پُڄڻَ ڏاکڙا.
    (81)
    ن
    نيههُ نياپي نه ٿِئي، سَڌَين سيڻَ نه هُونِ،
    ڪارين راتين رت ڦڙا، جان جان نيڻ نه رُونِ.
    (82)
    و
    واهي جنءَ وهُرون ڪري، ڏوران پسيهءَ ڏور،
    هُندَ نه وڌهن هور، مانگر پاڙيءَ مڇڙا.
    (83)
    وحدت جا وجود ۾، ڪي جي ڀرئن ڀير،
    ڊگها ڪري پير، سُتا ڪلاچيءَ ڪن ۾.
    (84)
    ورُ سا سڃي ويڙِ، جتي سڄڻ هيڪلو،
    سو ماڳوئي ڦير، جتي ڪوڙِڪُماڙوئين.
    (85)
    وَرُ وسري ته ڪوهه، پر وَرُ نه وِسرِئوس،
    ڪو چوندو ڪڏهين، ته اڱڻ اوندا هوس.
    (86)
    ونگا وَرَ پاڳنِ، گور اُبتي ِگهوٽين،
    سينگڙين ڀَرِ ڏُئو، وئا ڪچُ چرنِ.
    (87)
    وهاڻي تون وڃ، تو نه سرندي اُن ري،
    ڀيرا ڏئي ڀڃ، جا پونيئي ڪاڻ ڪريم سين.
    (88)
    ويسا وارن لنگهئو،آويسا هن تار،
    ملو وڃي ُڪنَ ڪَرَ، تون ڪُنرِ ڪوڏِ نهار.
    هه
    (89)
    هنج تنهين هوءِ، اُوني ۾ اوڙاهه جو،
    اِيُ ڪانيرو ڪوءِ،جو ڇَاَڇرِ ۾ ڇيرون ڪري.
    (90)
    هنيون ڏجي حبيب کي، لڳ گڏجن لوڪ،
    کڏيون ۽ کروتون، اي پڻ سڳر ٿوڪ.
    (91)
    هنيون نه حاضرِ جنِ، پري نه اکڙِين ۾ِ،
    ٺَلها ڍنڍا سکڻا، هئيين جاڙ جين.
    (92)
    هوت نه ڌٺائون ڏوههُ نه ڏيان جيڏيين،
    مٿي ڪري هَٿڙا، هندَ مون جِئنَ رتائونَ.
    (93)
    هي ڪَن گاڏَها وِڪَڻي، ڪن ڪي ٻئا ڳنيج.
    سندي پريان ڳالڙي، تنيين سين سُڻيج.
    ( نوٽ هنن بيتن جي پڙهڻي محترم عبدالمجيد سنڌي ۽ محترم ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ صاحب وارن جي ڪتاب تان ورتل آهي ۽ جنهن جڳهه تي مختلف پڙهڻيون آهن، انهن کي بريڪٽ ۾ ڏنو ويو آهي. دوستن کي عرض آهي ته اگر ڪنهن وٽ شاهه ڪريم جا بيت هنن کان علاوه هجن ته هن ايڊريس تي موڪلي ڏين ته ٿورائتو رهندس.)
    تحقيق وترتيب ميمڻ عبدالخالق “ناز”
    پوسٽ آفس: بلڙي شاهه ڪريم. پوسٽ ڪوڊ 73020
    موبائيل نمبر:03023000290
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,874
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: شاه عبدالڪريم بلڙيءَ وار جو الف ب وار ڪلام

    سائين ميمڻ عبدالخالق، سڀ کان اول ته اوهانکي دل جي گهراين سان ڀليڪار

    اوهان جا لک لائق جو اوهان پنهنجو تحقيقي ڪم اسان سان ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ سنڌ جي صوفين جو سردار ، سنڌ جي گهوٽ لطيف سرڪار جي ڏاڏي سائينءَ جو ڪلام اسان سان ونڊ ڪري وڏا وڙ ڪيا آهن ۔۔۔

    حضرت عبدالڪريم بلڙيءَ واري جي شاعري پڙهجي ٿي ته ائين معلوم ٿئي ٿو ته هو سنڌ جي پيغام جو موجد ۽ سڀني شاعرن جو رهنما آهي ۔۔۔ جنهن جي ڏسيل راهه تي سندس لائق پوٽو شاه عبدالطيف ڀٽائي هلي ڪري هڪ اهڙو ڪلام ڏئي ويو جنهن سان نه فقط اسانجي رهنمائي ٿئي ٿي، بلڪ سنڌي ٻوليءَ جي بقا جو دارومدار به لطيف جي پيغام تي آهي ۔۔۔

    اوهان پاڻ محقق آهيو اميد ته اوهان پنهنجي تحقيق جاري رکندا ۽ سنڌ سلامت جي دوستن کي به جيڪڏهن ڪي بيت جي اوهان نه لکيا آهن، ملي ويا ته ضرور ونڊ ڪبا ۔۔۔ مون اوهانجي هن قيمتي ليک کي الڳ هڪ حيثيت سان ظاهر ڪيو آهي ته جئين سڀ دوست فيض حاصل ڪن ۔۔۔ (معاف ڪجو)

    هڪ دفعو ٻيهر ۔۔۔ ٿورا ناهن ٿورا

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,833
    ورتل پسنديدگيون:
    27,207
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاه عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو الف ب وار ڪلام

    محترم سائين ميمڻ عبدالخالق صاحب مهربانيون

    اوهان کي سنڌ سلامت تي ڀليڪار ۽ اوهان شاهه ڪريم بلڙي واري جي الف ب وار بيتن جي ترتيب اسان سان ونڊ ڪئي آهي۔ تمام سهني شاعري جيڪا لطيف سائين جي رسالي واري ٻوليء ۽ بيتن سان ملندڙ آهي۔ اوهان جي ڪيل هن تحقيقي ڪم تي سنڌ سلامت اوهان کي سلام پيش ڪري ٿي۔ دوستن کي عرض ته سائين خالق صاحب سان رابطو ڪري هن تهقيقي ڪم ۾ سندس مدد ڪن ۽ مان پڻ ڪوشش ڪندس ته جيڪي اڻ لڀ ۽ املهه شيون ملن ته اهي سائين تائين پهچايا۔

    لک قرب اوهان جي اچڻ جا ۽ ڀيرو ڀڃڻ جا اميد ته پنهنجي قيمتي لکڻين سان اسان کي سيراب ڪندا رهندا۔
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. abdullah jarwar

    abdullah jarwar
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏17 نومبر 2013
    تحريرون:
    91
    ورتل پسنديدگيون:
    181
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Tando Allahyar
    ادا بهترين ڪم ٿيل آهي حضرت شاه عبدالڪريم جن تي . سندن ڪلام کي الف ب وار ترتيب ڏئي سنڌ سلامت تي رکڻ تحسين لائق ڪم آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو