زاهد ميراڻي
سينيئر رڪن
”ڇو، ابا تون ڪجهه ڏينهن کان اسڪول کان جلدي، جلدي پيو اچين“، صدوري جي ماءَ کائنس پڇيو، صدورو ڳوٺ جي اسڪول ۾ چوٿين درجي ۾ پڙهندو آهي، جنهن جو اڌ ڀوتار جي قبضي ۾ آهي جنهن ۾ سندس ڪجهه شڪاري ڪتا ۽ چور رهندا آهن، چور ڀوتار جي سؤٽاڻي آڪهه مان آهن ۽ ڪتاب ڀوتار جي ڏاڏاڻڪي آڪهه مان آهن، جيڪي کيس تمام گهڻو پيارا آهن،
صدورو ڳوٺ جي چوٿين ڪلام ۾ پڙهندو آهي، هڪ ڏينهن ماءَ کي چيائين، ” امان، مون کي شهر ماما جن ڏي موڪل مان اتي پڙهندم، هتي ته سائين جن پڙهائي ئي نه ٿا“،
ماڻهنس، کائنس پڇيو، ” پوءِ اهي ماستر مڙه ڪندا ڇا، آهن؟“،
صدوري کيس جواب ڏنو، ” امان، سائين جن رڳو پنهنجي پگهارن، پي اسڪيلن، موڪلن، هڙتالن ۽ ڇوڪرن جون ڳالهيون ڪندا آهن ۽ اسان کي دڙڪا ڏيئي چوندا آهن، منهن هيٺ ڪري پڙهو“،
صدوري ماءَ کي ويچارو ٿيندي چيو، ” امان، سائين نه پڙهائيندو ته پوءِ اسان پڙهنداسي ڪيئن، ڀلا منهن هيٺ ڪري ڪيئن پڙهي سگهبو، اسان ڪو ڀوتار جي ڪڙمي ٿورئي آهيون جو سدائين ڪنڌ هيٺ هجي“،
ماڻهنس چيو، ” تون انگريزيءَ پڙهڻ لڳندي ته توکي مامهن جن ڏانهن موڪليندم“،
هن کان ٻيو ڪجهه نه سنبريو، وڏا هٿ مٿي کڻي چيائين، ” شل رب ڪندو انهن ڀوتارن جي ماسترن جي ٽانڪي ٽنندي، ڳاٽو ڀڄندن جو انهن ٻچڙن جي تعليم برباد ڪري سڄي قوم کي رولي ڇڏيو آهي“،
صدوري جي ماءَ تڌو ساهه کڻندي چيو، ” شل الله سائين، استاد الاهي بخش کي جنت نصيب ڪري جنهن جي ڪري ڳوٺ جو اسڪول آباد هو ۽ منهنجي ٻچڙي به ٻه اکر علم جا پرايا، باقي هي ماستر ته قوم تي چٽي آهن، اهڙن ماسترن کي ته ماءَ ڄمندي ئي گهٽو ڏيئي ها ته اڄ اسان کي هي ڏينهن ڏسڻا نه پون ها“.