ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

'سنڌي ڪمپيوٽنگ' فورم ۾ ذيشان رشيد طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2011۔

  1. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    فيس بوڪ سنڌي ڪمپيوٽنگ صفحي تي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي طرفان لکيل هي ليک سٺو لڳو۔۔۔ سندن سنڌي ڪمپيوٽنگ بابت خدمتن کي وائکو ڪرڻ ۽ سمورن دوستن جي دلچسپي خاطر اهو ليک هتي ونڊ ڪجي ٿو۔۔۔۔۔

    *************​

    ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي ان جو احساس اڄ هڪ اردو بلاگ تي اردو جي ڪمپيوٽر تي استعمال جي باري ۾ هڪ پوسٽ پڙهي ٿيم.
    ان جو اقتباس هيٺ پيش ڪيان ٿو ان اميد سان ته سنڌي دوست بجائي انگريزي جي سنڌي جو انٽرنيٽ تي وڌ ۾ وڌ استعمال ڪندي ٻوليءَ جو حق ادا ڪندا.

    خیر، یہ بحث بہت زیادہ طوالت اختیار کر سکتی ہے لیکن آخر اس کا حل کیا ہے؟ اس کا حل ہے ہر کمپیوٹر پر اردو کی تنصیب۔ اس کو آسان سے آسان تر بنایا جائے، ایک ڈیفالٹ کی بورڈ پر اتفاق کیا جائے جیسا کہ صوتی (فونیٹک) کی بورڈ۔

    اس کے لیے ہمیں کمپیوٹر پر اردو کی انسٹالیشن کے عمل کو آسان سے آسان تر بنانا ہوگا۔ میرے سامنے عبد الماجد بھرگڑی صاحب کی زبردست مثال ہے۔ جنہوں نے سندھی زبان کے لیے فونٹ بنانے سے لے کر معیاری کی بورڈ تک سب کام کیے ہیں۔ انہوں نے مختلف آپریٹنگ سسٹمز کے لیے پیکیجز تیار کیے ہیں جو واحد سیٹ اپ کے ساتھ کی بورڈ اور فونٹس سب کچھ انسٹال کر دیتے ہیں۔

    آپ آج بھی بھرگڑی صاحب کی ویب سائٹ دیکھیں، آپ کو ونڈوز سے لے کرمیک اور اوبنٹو سے لے کر ریڈ ہیٹ لینکس تک تمام آپریٹنگ سسٹمز کے انسٹالر پیکیجز ملیں گے اور انسٹالر پیکیج محض سپورٹ اور کی بورڈ شامل کرنے کا کام نہیں کرتے بلکہ ساتھ ساتھ تمام معیاری فونٹس بھی انسٹال کر دیتے ہیں۔ یوں صارف بغیر کسی طویل سیٹ اپ کے محض چند کلکس کے ذریعے اپنے کمپیوٹر کو سندھی لکھنے کے قابل بنا سکتا ہے، اس لیے ہمیں اردو کے لیے بھی اک ایسے سادہ سے سافٹ ویئر کو بنانے کی ضرورت ہے جو یہ اردو زبان، اس کے کی بورڈ اور اس کے اہم فونٹس کی تنصیب محض چند کلکس میں کر دے۔
    http://www.abushamil.com/urdu-lacking-the-easy-setup-of-installation/

    دست بستہ گزارش
    اس پوسٹ کے ذریعے میری تمام تکنیکی ماہرین سے گزارش ہے کہ خدارا، ایسا کوئی حل بنائیں کہ ہم ونڈوز میں اردو کی انسٹالیشن کے طویل ترین طریقے سے چھٹکارہ پا سکیں۔


    اسان وٽ حل آهي، پر ان کي استعمال ڪرڻ جي ضرورت آهي. انهن سڀني سنڌي دوستن کي، جيڪي ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جو استعمال ڪن ٿا، تن کي منهنجو عرض آهي ته ٻولي جي بقا ۽ ترقي لاءِ اهو بيحد اهم آهي ته اوهان پنهنجي ٻولي کي ترجيح ڏيو ۽ ايڪيهين صدي جي سڀني کان اهم پليٽفارم يعني ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ تي سنڌي جو استعمال ڪيو.

    سنڌي استعمال ڪرڻ لاءِ هي سکيا وڊيو بيحد ڪارآمد آهي.

    نيازمند
    عبدالماجد ڀرڳڙي
    www.bhurgri.com
     
  2. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

    مون کي پهريان شڪايت رهندي هئي ته انسٽالر کي وڌيڪ آسان بڻائجي ۽ ان ۾ ڪجهه اضافي هدايتون جهڙوڪ جن دوستن وٽ عربي يا فارسي ٻولي ڪمپيوٽرس ۾ فعال نه هجي انهن کي اهو عمل ڪرڻ جي به ضرورت نه پوي بس انسٽالر ذريعي اهو عمل به ٿي وڃي... پر ونڊوز 7 اچڻ سان اهو عمل به بائي پاس ٿي ويو... سائين ماجدڀرڳڙي جا لک لائق
     
  3. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

    سائين محترم رشيد صاحب، ڳالهه ته اوهانجي لک لهي، بيشڪ اسانکي پنهنجي ٻوليءَ جي واڌ لاءِ پاڻ پتوڙڻو آهي ۽ پنهنجو فرض نڀائڻو آهي، اميد ته اسانجا دوست ان ڳاله تي توجهه ڏئي، سنڌي لکو، سنڌي پڙهو ۽ سنڌيءَ جو شان وڌايو واري فارمولي ته عمل پيرا ٿيندا ،،،

    پر هڪ عرض ته ڪجهه ڏينهن کان جيڪي به يو ٽيوب جون وڊيوز لڳائجن ٿيون انهن ۾ ايرر اچي ٿو، جنهن کانپوءِ انکي يوٽيوب تي ڊائريڪٽ ڏسجي ٿو ۔۔۔ انجو ڪو حل يا وري اهو مسئلو مونسان آهي؟

    لک ٿورا سنڌي سڄڻڻ جا جيڪي سنڌي ٻوليءَ جي ترقي ۽ واڌاري لاءِ ڪوشان رهن ٿا ۔۔۔

    سلام دوستو!
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

    مهرباني ادا رشيد

    سائين ماجد ڀرڳڙي صاحب جا احسان آهن جنهن ڪمپيوٽر تي سنڌي لکڻ کي تمام گهڻو آسان بنائي ڇڏيو آهي۔ اسان کي پنهنجي ٻولي ۽ پنهنجي ٻوليء جي محسنن تي فخر آهي۔ مان جڏهن به اردو فورم وزٽ ڪندو آهيان ته اتي مونکي گهڻو ڪري اميج فارميٽ م ليک ملندا آهن ۽ ان جي مقابلي ۾ جڏهن سنڌي فورم وزٽ ڪندو آهيان ته لاجواب فونٽ سان گڏ ليک سهڻا لڳندا آهن۔
     
  5. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

    ان جو مقصد ته اسان سنڌي ڪنهن کان گهٽ نه آهيون فقط ايترو ضرور آهي جو سست آهيون ورنه الله تعالى اعلى ذهانت جيتري سنڌ جي ماڻهن کي عطا ڪئي آهي اهڙي ٻين قومن ۾ ورلي ملي ٿي۔
    بس الله تعالي کان دعا آهي ته اسان کي چست ٿيڻ جي توفيق ڏئي ۽ ٻڌي وارو جذبو عطا فرمائي۔ آمين ۔ ته ٻه ته ٻارهن واري مصداق تحت ڪم ٻيڻا کان ٽيڻا ٿيندا۔
     
  6. مطيع الله طاهري

    مطيع الله طاهري
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جون 2011
    تحريرون:
    8
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    يونيورسٽيءَ ۾ پڙهان پيو.
    ماڳ:
    هالا نيو
    جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

    ماجد ڀرگڙي صاحب توهان جا اسان سنڌين تي وڏا احسان آهن مهرباني ادا۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
     
  7. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

    سائين لاجواب ۔
     
  8. ممتاز ڪيهر

    ممتاز ڪيهر
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 آگسٽ 2011
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    5
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    Malir Khokhrapar Karachi
    جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

    سائين تمام بهترين۔۔
     
  9. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: ڪمپيوٽر تي سنڌي استعمال ڪرڻ ڪيتري سولي آهي۔۔۔۔۔ عبدالماجد ڀرڳڙي

    ماجد ڀرڳڙي صاحب جن جو ڪيل ڪم......تاريخ ڪڏُھن به وساري نه ٿي سگھي....سندن لاءِ کوڙ ساريون دعائون
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو