• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڏئــــي ســور مــون کــي ويــــو آن روئـــاري

مزمل چانڊيو

سينيئر رڪن
غزل
ڏئــــي ســور مــون کــي ويــــو آن روئـــاري
هـــاڻـي جيئـــان ڀلا ڪنهن جــي سهاري

ٿي بــي خبر ويو هس هر ڳالھ کان مــان
ستـــل ســـــور ڇـــو تـــون ويـــو آن اٿــــاري

نـ چئيبي زنــدگـــي هــــي ڪـا زنـدگــي آ
هر پل ڏکن ســـان ٿـــو مــون کـي جئياري

هــــي دل آ نمـــــاڻــي ٿـــورو نهـــار هيڏي
ڪيئن روئي تـــو کـي پئي ٿي پڪاري

نـ جــي سگھندس آءُمـــوٽــــي هلــي تــون
تـــون بنا ڏکن جـــي هر گھــڙي ٿــي ماري

نـ تون آئين نـ ئــي ڪو وري قاصد وريــو
تو لاءِ"مـزمل"ٿو هر وقت ڪانگ اڏاري
مزمل چانڊيو
مزمل چانڊيو
 
جواب: ڏئــــي ســور مــون کــي ويــــو آن روئـــاري

نـ تون آئين نـ ئــي ڪو وري قاصد وريــو
تو لاءِ"مـزمل"ٿو هر وقت ڪانگ اڏاري


سٺي شاعري ۔۔۔۔۔

ادا ڪانگ اڃان پيا اڏن ۔۔۔۔ اسان جي دعا ته اوهان کي اهي ڏينهن ڏسڻا نه پون ۽ مس ڪال جي چڪرن مان نڪرو ۽ اوهان لاء ڪال ورو رستو بحال ٿئي۔

اوهان جي خوبصورت شاعري فيس بوڪ سان گڏ سنڌ سلامت تي به پڙهڻ لاء ملي ٿي۔ مهربانيون
 
جواب: ڏئــــي ســور مــون کــي ويــــو آن روئـــاري

سائين اڄڪلھ ميسج ئي ته ڪانگ آهن سائين سليمان صاحب سو هنن ڪانگن جو استعمال مڙئي گهڻو نظر پيو اچي ۔
بحرحال سائيڍن پنهنجي من جي ڳالھ کي ڪيو آهي سا شال سندن پوري ٿئي ۔ اسان ته وري ائين سمجهيو ته من جي مراد پوري نه ٿيئن ئي مراد پوري ٿيئڻ آهي ۔ عشق ۾ وصال حرام آهي سالڪن جو چوڻ آهي سائين اسان ٻڌو آهي باقي نه لڳو نه ڏٺو سون الله بچائي ۔
وسلام
 
جواب: ڏئــــي ســور مــون کــي ويــــو آن روئـــاري

مهرنانيو سائين اوهان جون
پر سائين اسان غربين وٽ مسڪال واري نـ آهي ت؛ پوءِ ڪانگ مان ئي گذارو ڪنڊا سين ادا
 
Back
Top