برطانيا ۾ گيسٽرڪ بينڊ سرجري جو رُجهان

'صحت سرير جي' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2011۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,788
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    برطانيا يورپ جي اُنهن ملڪن ۾ شُمار ٿئي ٿو جتي ٿلهائپ جي شرح تمام گهڻي آهي۔ ان ڳاله جو اندازو ائين به لڳائي سگهجي ٿو ته يورپي يونين جي رُڪن مُلڪن ۾ جي ٿلهائپ جي شرح 15 سيڪڙو آهي ته صرف برطانيا ۾ اها شرح 25 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ ٿي ٿئي۔

    ان مخصوص حالتن ۾ برطانوي شهري هن بيماريء کان بچڻ لاء هڪدم علاج، سرجري جهڙي ڏکئي علاج کي به ترجيح ڏيندا آهن۔ جيڪڏنهن ڪنهن شخص جو بادي ماس انڊڪس يعني بي ايم آء 3 کان وڌيڪ آهي ته ان جو مطلب آهي ته اُهو شخص ٿُلهو آهي ۽ برطانيا ۾ اڪثريت اهڙن ئي ماڻهن جي آهي۔

    ٿلهائپ جي نجات لاء ”گيسٽرڪ بينڊ سرجري“ جو طرقو هاڻ ٿام ٿيندو وڃي، هن طريقي تحت سليڪون جي هڪ بينڊ انساني معدي جي مٿين سطح تي رکيو وڃي ٿو جيڪو جسم جي خوراڪ جي خواهش کي گهٽ ڪري ڇڏي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ گهٽ خوراڪ واپرائجي ٿي جنهن سان هو ٿلهائپ تي ڪنٽرول ڪرڻ لڳن ٿا۔ هي طريقو ”ڪارگسٽرڪ“ طريقي جي مُقابلي ۾ گهٽ خطرناڪ تصور ڪجي ٿو۔

    گيسٽرڪ بينڊ تمام عُمر معدي جي مٿئين واري حصي ۾ رهي ٿو، جنهن ڪري هن جو باقائدگيء معانو به هھجڻ ضروري آهي، ته جيئين جي هو پنهنجي مقرر ٿيل جڳه کان هٽي ويو آهي ته هن کي ٻيهر فڪس ڪري ڇڏجي، هن حوالي سان کائڻ پيڻ جي ڪڙي نگراني ڪرڻ به لازمي امر آهي۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو