• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

لکين گيگا بائيٽ ڊيٽا بيڪٽريا ۾ محفوظ ڪرڻ جي ٽيڪنالاجي

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ Sindhi Media
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
چيني سائنسدانن بيڪٽيريا ۾ لکين گيگا بائيٽ ڊيٽا محفوظ ڪري رکڻ جي دعوي ا ڪئي آهي۔ عير ملڪي ميڊيا رپورٽس جي مُطابق هانگ ڪانگ جي چيني يونيورٽيء جي شاگردن جي هڪ گروپ ”اي ڪولي“ نالي بيڪٽيريا ۾ معلومات جو هيڏو وڏو ٽيڪنالاجي ذخيرو محفوظ ڪر رکڻ ۽ ٺاهڻ جي پيشرفت ڪئي آهي۔ ”ايڪولي بيڪٽيريا“ کي عمومي طور زهرخواني جي هڪ وڏي ذريعي طور مڃيو وڃي ٿو۔ انسٽرڪٽر ايلڊرن ايم ٻُڌايو آهي ته نئي ٽيڪنالاجيء جو مطلب اهو آهي ته ڪو به شخص هاڻ معلومات جو هڪ وڏو ذخيرو بيڪٽيريا جي باڪس ۾ محفوظ ڪري هُن ڪي رفريجيٽر ۾ رکي سگهي ٿو۔

زنده جسمن ۾ معلومات کي اسٽور ۽ اشارتي زبان ۾ تبديل ڪرڻ جو فن ” بايو اسٽوريج“ هڪ نئون شعبو آهي جنهن کي وجود ۾ آئي هو ڏهاڪو ئي مس گذريو آهي۔ 2007 ۾ جاپان جي ” ڪيو يونيورسٽي جي تحقيق ڪندڙن دعوي ا ڪئي هُئي ته هُنن هڪ عام ” سوائل بيڪٽيريا“ يا دي اين اي ۾ ”آئين اسٽائين “ جي نظريه اضافت ( اي برابر آهي ايم سي 2) مساوات کي اي ڪوڊ ڪرڻ ۾ ڪاميابي حاصل ڪري ورتي آهي۔

هنن چيو آهي ته جيئن ته بيڪٽيريا مستقل طور ٻيهر پئدا ٿيندا آهن ان ڪري هُن جي هڪ خلي ناميه ( آرگنيزم) جو هڪ گروپ هزارن سالن تائين معلومات کي محفوظ رکي سگهي ٿو۔ پر هانگ ڪانگ يونيورسٽيء جا شاگرد ته هڪ قدم اڳتي وڌي آيا آهن اُسي ڊيٽا کي ڪمپريس ڪرڻ، انهن کي ٽڪڙن ۾ ورهائڻ ۽ مُختلف بيڪٽيري جي سيلز خلين کي ورهائڻ جو هي نئون طريقو ايجاد ڪري ويٺا آهن، جيڪو ڊيٽا اسٽوريج جي گنجائش جي حد کي به قابو پائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو۔
 
Back
Top