تعارف- مبارڪ اُڄڻ، سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهائش.تعليم پوسٽ گريجوئيٽشن، او جي ڊي سي ۾ گريڊـ 19 ۾ آفيسرآھيان. تعليم سان گھڻو لڳاءُ آهي. پنهنجي اڪيلي پٽ کي ڪيڊٽ ڪاليج کان پوءِ نواب شاه مان انجنيرنگ ڪرائي جنهن ميرٽ تي اين اي ڊي يونيورسٽي مان ليڪچرر شپ حاصل ڪئي ۽ ٽن سالن اندر 2011 ۾ ميرٽ تي ئي اسسٽنٽ پروفيسر جي سيٽ تي فائز ٿيو. منهنجون 2 نياڻيون روشن تارا اسڪول جون پوزيشن هولڊر آهن ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان انگلش ۾ پوسٽ گريجوئيٽشن ڪرڻ کان پوءِ سي ايس ايس جي تياري ڪري رهيون آهن. ٽين ۽ آخري نياڻي پڻ روشن تارا ۾ هميشه پهرينءَ کان ٽين پوزيشن ۾ رهي ۽ آرمي پبلڪ ڪاليج مان ايف ايس سي کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ڪري رهي آهي. سندن ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيان.
سماجي ڪم فرض سمجھي فخرسان ڪندو آهيان ۽ ذهني سرور حاصل ٿيندو آهي. ڪراچي ۾ سچل ۽ ڀر پاسي جي ٻين ڳوٺن ۾ تعليمي ادارن جي کوٽ کي محسوس ڪندي علائقي جي ڪجھ ساڃاه وندن سان گڏ ڪوشش وٺي شاهنواز شر ڳوٺ ۾ 2007 ۾ روينيو منسٽر کان 08 ايڪڙ زمين تي ادارن لاءِ وڏي جلسي ۾ پيڙھ جو پٿر رکرايو. نياڻين جي اعليٰ تعليم کان محرومي کي محسوس ڪندي حڪومت کان اي ڊي بي 2007-2008 ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج منظور ڪرايو ڇوتـ هنن سنڌي وسندين ۾ ڪاليج نـ هجڻ جي ڪري ڪئي سوَغريب نياڻيون ڏورانهن علائقن ڏانهن ڳرا ڀاڙا نـ ڀري سگھڻ ۽ دهشت گردي جي خوف ۾ اڪيلي نـ وڃي سگھڻ جي ڪري اعلىٰ تعليم کان محروم ٿي رهيون آهن ۽ ڪيترن جو مقدر پراون جي درن تي جھاڙو پوچي بڻجي رهيو آهي. پر افسوس جو بلڊر مافيا ۽ لينڊ مافيا ڳوٺاڻن مان ئي ڪجھ ضمير وڪڻندڙن کي چند ٽڪن تي خريد ڪري اخلاقي ۽ قانوني طور تي منظور شده زمين تي منظور شده ڪاليج جو ڪم ڪرائيندڙ ڪامورن۽ ٺيڪيدار کي ڌمڪيون ڏئي موٽائي ڇڏيو ۽ پنج اٺ هٿيار بند ويهاري 08 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري رهيا آهن. سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم تي اِي ڊي او (روينيو ڪراچيءَ) آپريشن لاءَ هڪ ليٽر جاري ڪيو. 29اپريل 2011تي ڊي ايس پي اينٽي انڪروچمينٽ ۽ ريوينيو جو عملو تـ سچل ٿاڻي تي پهتو پر رينجر جي نـ پهچڻ جي ڪري آپريشن نـ ٿيو. اچو تـ گڏجي حڪومتي ادارن کان عمل ڪرائڻ ۽ مستقبل جا تعليمي ادارا ٺهرائڻ جون ڪوششون وٺون ۽ تعليمي مستقبل کي اونڌائو ٿيڻ کان بچايون. ياد رکو تـ هن علائقي ۾ اِنهي کان علاوه ڪابـ ٻي سرڪاري زمين نـ بچي آهي جتي نياڻين جوڊگري ڪاليج ساڻ مڙني سهولتن جي ٺهي سگھي ٻي صورت ۾ هن علائقي جي ماڻهن جي بـ اۡها ئي پوزيشن ٿيندي جيڪا ڪراچيءَ جي ڪيترين پراڻين وسندين جي آهي ڇو تـ اعلىٰ تعليمي ماحول نـ جڙڻ جي ڪري سرندي وارا ماڻهو لڏي هليا ويندا. جوا، منشيات جو واهپو عام ٿي ويندو ۽ ڪيتريون ئي ٻيون برايون جنم وٺنديون وينديون ۽ عورتن جا ٽولا ٻين جي گھرن ۾ ڪم ڪرڻ لاءَ روز بروز وڌندا ويندا. اوهان جي ٿورڙي همٿ سان تعليمي ماحول جڙي سگھيٿو اخلاق بلند ٿي سگھن ٿا ۽ تاريخي بهادر۽ غيرتمند پڙهيو لکيو ماڻهوجو تسلسل بحال ڪري سگھجي ٿو. اهڙي فرض نڀائڻ جي اوهان کي دعوت ڏجي ٿي ۽ اهو پيغام اڳتي وڌائڻ جي گذارش پڻ ڪجي ٿي. شل سنڏ سلامت هجي.