تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

'تعارف' فورم ۾ مبارڪ اڄڻ طرفان آندل موضوعَ ‏7 جون 2011۔

  1. مبارڪ اڄڻ

    مبارڪ اڄڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 مئي 2011
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    141
    تعارف- مبارڪ اُڄڻ، سچل ڳوٺ ڪراچي ۾ رهائش.تعليم پوسٽ گريجوئيٽشن، او جي ڊي سي ۾ گريڊـ 19 ۾ آفيسرآھيان. تعليم سان گھڻو لڳاءُ آهي. پنهنجي اڪيلي پٽ کي ڪيڊٽ ڪاليج کان پوءِ نواب شاه مان انجنيرنگ ڪرائي جنهن ميرٽ تي اين اي ڊي يونيورسٽي مان ليڪچرر شپ حاصل ڪئي ۽ ٽن سالن اندر 2011 ۾ ميرٽ تي ئي اسسٽنٽ پروفيسر جي سيٽ تي فائز ٿيو. منهنجون 2 نياڻيون روشن تارا اسڪول جون پوزيشن هولڊر آهن ۽ ڪراچي يونيورسٽي مان انگلش ۾ پوسٽ گريجوئيٽشن ڪرڻ کان پوءِ سي ايس ايس جي تياري ڪري رهيون آهن. ٽين ۽ آخري نياڻي پڻ روشن تارا ۾ هميشه پهرينءَ کان ٽين پوزيشن ۾ رهي ۽ آرمي پبلڪ ڪاليج مان ايف ايس سي کان پوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ گريجوئيشن ڪري رهي آهي. سندن ڪاميابي لاءِ دعاگو آهيان.
    سماجي ڪم فرض سمجھي فخرسان ڪندو آهيان ۽ ذهني سرور حاصل ٿيندو آهي. ڪراچي ۾ سچل ۽ ڀر پاسي جي ٻين ڳوٺن ۾ تعليمي ادارن جي کوٽ کي محسوس ڪندي علائقي جي ڪجھ ساڃاه وندن سان گڏ ڪوشش وٺي شاهنواز شر ڳوٺ ۾ 2007 ۾ روينيو منسٽر کان 08 ايڪڙ زمين تي ادارن لاءِ وڏي جلسي ۾ پيڙھ جو پٿر رکرايو. نياڻين جي اعليٰ تعليم کان محرومي کي محسوس ڪندي حڪومت کان اي ڊي بي 2007-2008 ۾ گورنمينٽ گرلس ڊگري ڪاليج منظور ڪرايو ڇوتـ هنن سنڌي وسندين ۾ ڪاليج نـ هجڻ جي ڪري ڪئي سوَغريب نياڻيون ڏورانهن علائقن ڏانهن ڳرا ڀاڙا نـ ڀري سگھڻ ۽ دهشت گردي جي خوف ۾ اڪيلي نـ وڃي سگھڻ جي ڪري اعلىٰ تعليم کان محروم ٿي رهيون آهن ۽ ڪيترن جو مقدر پراون جي درن تي جھاڙو پوچي بڻجي رهيو آهي. پر افسوس جو بلڊر مافيا ۽ لينڊ مافيا ڳوٺاڻن مان ئي ڪجھ ضمير وڪڻندڙن کي چند ٽڪن تي خريد ڪري اخلاقي ۽ قانوني طور تي منظور شده زمين تي منظور شده ڪاليج جو ڪم ڪرائيندڙ ڪامورن۽ ٺيڪيدار کي ڌمڪيون ڏئي موٽائي ڇڏيو ۽ پنج اٺ هٿيار بند ويهاري 08 ايڪڙ زمين تي قبضو ڪري رهيا آهن. سنڌ هاء ڪورٽ جي حڪم تي اِي ڊي او (روينيو ڪراچيءَ) آپريشن لاءَ هڪ ليٽر جاري ڪيو. 29اپريل 2011تي ڊي ايس پي اينٽي انڪروچمينٽ ۽ ريوينيو جو عملو تـ سچل ٿاڻي تي پهتو پر رينجر جي نـ پهچڻ جي ڪري آپريشن نـ ٿيو. اچو تـ گڏجي حڪومتي ادارن کان عمل ڪرائڻ ۽ مستقبل جا تعليمي ادارا ٺهرائڻ جون ڪوششون وٺون ۽ تعليمي مستقبل کي اونڌائو ٿيڻ کان بچايون. ياد رکو تـ هن علائقي ۾ اِنهي کان علاوه ڪابـ ٻي سرڪاري زمين نـ بچي آهي جتي نياڻين جوڊگري ڪاليج ساڻ مڙني سهولتن جي ٺهي سگھي ٻي صورت ۾ هن علائقي جي ماڻهن جي بـ اۡها ئي پوزيشن ٿيندي جيڪا ڪراچيءَ جي ڪيترين پراڻين وسندين جي آهي ڇو تـ اعلىٰ تعليمي ماحول نـ جڙڻ جي ڪري سرندي وارا ماڻهو لڏي هليا ويندا. جوا، منشيات جو واهپو عام ٿي ويندو ۽ ڪيتريون ئي ٻيون برايون جنم وٺنديون وينديون ۽ عورتن جا ٽولا ٻين جي گھرن ۾ ڪم ڪرڻ لاءَ روز بروز وڌندا ويندا. اوهان جي ٿورڙي همٿ سان تعليمي ماحول جڙي سگھيٿو اخلاق بلند ٿي سگھن ٿا ۽ تاريخي بهادر۽ غيرتمند پڙهيو لکيو ماڻهوجو تسلسل بحال ڪري سگھجي ٿو. اهڙي فرض نڀائڻ جي اوهان کي دعوت ڏجي ٿي ۽ اهو پيغام اڳتي وڌائڻ جي گذارش پڻ ڪجي ٿي. شل سنڏ سلامت هجي.
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄن

    محترم دوست مبارڪ اڄڻ صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون

    تمام گهڻي خوشي ٿي جو اوهان پنهنجي سنڌ سلامت فورم جا ساٿي بڻيا آهيو جيڪو اسان سڀني سنڌين جو گڏيل فورم آهي ۽ اها اميد ته اوهان سٺا ليک ۽ نيون نيون ڳالهيون فورم تي شيئر ڪندا رهندا۔دوستن کي ٻڌائيندو هلان ته محترم مبارڪ اڄڻ جو تعلق به خيرپور سان آهي ۽ هتي سچل ڳوٺ ۾ به منهنجو پاڙيسري آهي۔ سندس تعليم سان چاهه تمام گهڻو آهي ۽ هميشه ٻارن جي بهتر تعليم لاء سوچيندا رهندا آهن۔ سنڌ سلامت جي الطاف شيخ لاء ڪيل سچل ڳوٺ واري پروگرام ۾ پاڻ موجود هئا۔ڪجهه ڏينهن اڳ اسان جو هڪ ٻيو دوست سليم گچل به سنڌ سلامت تي آيو هو جيڪو به سائين جن سان گڏ آئل ۽ گئس ۾ آهي۔

    سچل ڳوٺ لڳ شاهنواز شر ڳوٺ ۾ نياڻين جي ڪاليج لاء منظور ڪيل پلاٽ تي ڪافي وقت کان وٺي لينڊ مافيا جي ماڻهن جو قبضو آهي ۽ اهي ڪي ٻيا نه پر پنهنجا سنڌي ئي آهن۔ هنن دوستن کي سلام آهي جي ڪافي عرصي کان جدوجهد ڪري رهيا آهن۔ اسان سندن اهڙي موقف جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ ڪندا رهنداسين۔

    اسان حڪومت کان مطالبو ٿا ڪيون ته منظور ڪيل رقم جلد ڏئي ، قبضو ڇڏرائي ڪاليج جي اڏاوت جو ڪم جلد شروع ڪيو وڃي۔

    اميد ته اوهان پنهنجي لکڻين سان فورم جي سونهن ۾ اضافو ڪندا رهندا ۽ اسان جو ساٿ اوهان سان هر دم گڏ هوندو۔

    [​IMG]
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄن

    سائين مبارڪ اڄڻ جن کي هن عاجز طرفان به ڀلي ڪار تمام گهڻي خوشي ٿئي ٿي جڏهن ڪو پڙهيل لکيل سلجهيل ڀاء اسان جي اڱڻ جو مهمان ٿئي ٿو سائين جن جي تعارف مان معلوم ٿيو ته پاڻ ته علم دوست آهن ليڪن سندن سڄو خاندان پڻ علم سان وابسته ۽ دلچسپي رکندڙ آهي الله تعالى اسان سڀني سنڌين کي اهڙي سجاڳي نصيب ڪري جو علم سان چاهه رکن ۔
     
  4. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄن

    سائين ڀلي ڪري آيا
    هي آهي قوميت جنهن سڀ فرق مٽائي اسان سڀني کي هڪ جاءِ تي آندو سائين انشاءِ الله گهڻو ڪھ اوهان کان سکندا سين اوهان جا قرب جو اوهان اسان کي هتي ٽائيم ڏنو۔ اسان به اوهان کي هن محبت ڀريئي اڱڻ تي ڀليڪري ٿا چؤن اميد ته هي ساٿ زندگي جو ساٿ رهندو۔
    وسلام
     
  5. مبارڪ اڄڻ

    مبارڪ اڄڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 مئي 2011
    تحريرون:
    4
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    141
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄن

    ميزبانن جي طرفان ترت جواب ڏيڻ تي خوشي ٿي جنهن مان زميواريء سان ڪم ڪرڻ جو اندازو ٿئي ٿو۔ مهرباني
     
  6. ڦلپوٽو فقير

    ڦلپوٽو فقير
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏27 اپريل 2009
    تحريرون:
    7,759
    ورتل پسنديدگيون:
    1,387
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    شڪارپور
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄن

    سائين مبارڪ صاحب اسان اوهان کي سنڌ سلامت فورم جوائن ڪرڻ تي خوش امديد ٿا چئون

    ادا مبارڪ صاحب توهان جهڙي علمي شخصيت کي هت ڏسي خوشي ٿئي

    ادا پنهنجو وس وارن کي عرض آهي ته پلاٽ تان قبضو ختم ڪرائي ۽ پئسا ڏي ته جيئن جلد کان جلس ڪاليج جو ڪم

    شروع ٿئي سگهي

    سدائين گڏ
     
  7. غلام مصطفي ميمڻ

    غلام مصطفي ميمڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏8 آڪٽوبر 2010
    تحريرون:
    1,524
    ورتل پسنديدگيون:
    3,476
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Govt job
    ماڳ:
    karachi, originally district Dadu
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄن

    ادا مبارڪ آڄڻ صاحب اسلام عليڪم۔سائين منهنجا توهان پنهنجي اولاد کي تعليم جي زيور سان سنواري هڪ تمام قابل عزت عمل ڪيو آهي۔نياڻين جي تعليم ۽ انهن جي مشڪلاتن جو جيڪو ذڪر آوهان پنهنجي تعريف واري پيراگراف ۾ ڪيو آهي۔ ان سان اوهان جي دل ۾ تعليم جو جيڪو مقام آهي ۔اهو صاف صاف ظاهر ٿئي رهيا آهي۔اسان کي الله پاڪ ۾ تمام گهڻيون آميدون آهن ته نياڻين جي ڪاليج جي زمين تي جيڪو لينڊ مافيا قبضو ڪيو آهي،اهو جلدي توهان جي ڪوششون سان ختم ٿي ويندو۔اسان کي يقين آهي ته ان سلسلي ۾ هن محبتي اڳڻ جو هر ميمبر توهان جو ٻانهن ٻيلي ٿي ڪم ڪندو۔هڪ دفعو واري اوهان کي هن پيار ڀري اوطاق تي ڀليڪار ٿا چون۔پنهنجو تمام گهڻو خيال رکندا۔
     
  8. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄن

    محترم سائين مبارڪ اڄڻ صاحب کي سنڌ سلامت جي اڱڻ تي دل جي گهراين سان ڀليڪار ۔۔۔

    دوست اوهان پاڻ ۽ اوهانجي اولاد جو تعليم يافته هجڻ ظاهر ڪري ٿو ته اوهان سنڌ جا سڄاڻ انسان آهيو، جنهن وٽ سنڌ جي معاشري جو درد واضح آهي۔

    ماڻهون سڀ نه سهڻا، پکي سڀ نه هنج
    ڪنهن ڪنهن ماڻهونءَ منجه، اچي بوءِ بهار جي۔

    اوهان جي ڳڻتي جائز آهي، اسين پڻ انهن سنڌي وس وارن کي گذارش ڪنداسون ته خدارا سنڌين جي کل نه لاهيو، ننڍڙي لالچ خاطر سنڌين جو مستقبل برباد نه ڪيو ۽ سنڌي نياڻين جي ڪاليج لاءِ منظور ٿيل زمين نه وڪڻو ۔۔۔ هر انسان تي موت ايندو اوهان به مري ويندا ۽ اوهانجا هٿ به خالي هوندا صرف اوهانجا عمل ئي اوهانجو پيشو ڪندا ۔۔۔ لعنتن جي بجاءِ انساني همدرديون کڻي وڃو ۔۔۔ رب العالمين سنڌين کي حب الوطني جو سچو جذبو عطا ڪري ۔۔ آمين

    ظالم انڪري ظالم ناهي ته هو وس وارو آهي، پر ظالم انڪري ظالم آهي جو ظلم سهڻ وارا موجود آهن، جنهن ڏينهن اسين ظلم سهڻ بند ڪيو ته انشآء الله ظالم به ختم ٿي ويندا ۔۔۔

    سنڌ سلامت جي اوطاق جا دوست پڻ حب الوطن ۽ سنڌ دوست آهن، اسانجو ڪم ۽ نعرو سنڌ ۽ سنڌيت آهي، اميد ته اوهان پڻ اسانجي ساٿ سان اڳتي وڌندا ۽ هڪ ٻئي جي رهنمائيءَ سان منزلون وڌڻ ۾ مدد ڪندا ۔۔۔

    هڪ دفعو ٻيهر ڀليڪار

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  9. عبدالحفيظ لغاري

    عبدالحفيظ لغاري
    منتظم
    انتظامي رڪن

    شموليت:
    ‏23 سيپٽمبر 2010
    تحريرون:
    1,775
    ورتل پسنديدگيون:
    5,826
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سائنٽيفڪ آفيسر، پي سي ايس آءِ آر
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ڪراچي
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

    سائين مبارڪ صاحب ڀليڪار!

    اميد ته هن فورم تي ساٿ قائم رهندو ۽ خيالن جي ڏي وٺ جاري رهندي۔ ادا اسان جي به ساڳي خواهش آهي ته بنيادي صرورتون (جنهن ۾ تعليم سڀ کان اهم آهي) جيترو ٿي سگهي اوترو وڌيڪ هجن سچل ڳوٺ جي پسگردائي ۾ ڇو ته ڏينهون ڏينهن اسان ڪمن ڪارن لاءِ چرپر گهٽائيندا پيا وڃون بگڙندڙ حالتن جي ڪري۔ انهي صورت ۾ اسان جي ٻارن لاءِ تعليمي ادارن جو پري هجڻ سندن زندگي لاءِ به خطرو هوندو ۽ اسان لاءِ به هر وقت جو اونو۔۔اها به خوشقسمتي آهي جو شهر جون ٻه وڏيون يونيورسٽيون سچل ڳوٺ جي در تي آهن۔۔۔مئٽرڪ تائين تعليم جي ذميواري ته سگا نڀائي ٿي پئي روشن تارا اسڪول جي ذريعي۔ ڪليج ناهن جيڪي اهم هجن ٿا ڇو ته تعليمي سفر ۾ ڪاليج ٽرانزيشن پيرڊ هوندو آهي جتان ڪيريئر پلاننگ ٿيندي آهي۔ رهي ڳالهه قبضن ۽ مافيائن جي ته اها سچل جي شروع کان بدقسمتي رهي آهي ته هتي مجموعي فلاح لاءِ رکيل پلاٽن تي هميشه اسان جي پنهنجن ئي اکيون ٽنبيون آهن۔ جن جو مثال سچل ڳوٺ جو گرائونڊ (جنهن جي ڀت ان قبضي جي نشاني آهي ۽ ان تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙ اڄ وفاقي منسٽر آهي)، مئٽرنٽي هوم (جنهن تي اڄ به ڪيس هلندڙ آهي)، اسڪولن جي پلاٽ تي به شروع ۾ قبضا ٿيا۔

    قبضا ڪندڙن ۾ اڪثريت انهن جي آهي جيڪي سنڌ جا قومپرست به سڏرائين ٿا ۽ سنڌين جي خدمت لاءِ انهن جي معصوم ٻارن جي درسگاهن جي مختص زمينن تي قبضا ڪري انهن کي ئي پئسن تي وڪڻي ڏين ٿا۔
    ۽ هن دور جي ستم ظريفي آهي جو اسان جا ماڻهو اهي پلاٽ وٺن به ٿا۔
     
  10. يونس ملڪاڻي

    يونس ملڪاڻي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2011
    تحريرون:
    499
    ورتل پسنديدگيون:
    834
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    453
    ڌنڌو:
    پرائمري ٽيچر، تعليم کاتو حڪومت سنڌ
    ماڳ:
    ملڪاڻي شريف ضلع بدين
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

    سائين اوهان کي ڀليڪار، اوهان جي ڳڻتي سورنهن آنا جائز آهي اسان سڀئي ان مقصد ۾ گڏ آهيون پر سائين اهڙن ڪڌن ڪمن ۾ رياست ملوث آهي سو اسان عام شهري ڇا ٿا ڪري سگهون، سنڌ جي ٻهراڙين ۾ ڏسو، اتي ته نه ڇوڪرن جي تعليم آهي نه وري نياڻين جي آهي، اسان سڀني کي سنڌ جي تعليم جي حوالي سان ڪو مستقل حل ڳولهڻ گهرجي
     
  11. Abdul Wahid Soomro

    Abdul Wahid Soomro
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2010
    تحريرون:
    1,057
    ورتل پسنديدگيون:
    353
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    443
    ڌنڌو:
    government job
    ماڳ:
    Bhitshah
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

    محترم دوست مبارڪ اڄڻ صاحب اوهان کي سنڌ سلامت جي سهڻي فورم تي ڀليڪار ٿا ڪيون
     
  12. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

    ادا مبارڪ آڄڻ صاحب جن کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ۔
     
  13. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

    ادا اوهان کي ڀليڪار
     
  14. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

    سائين مبارڪ اڄڻ صاحب آئون توهان کي سنڌ سلامت جي هن سهڻي سائيٽ تي خوش آمديد چوان ٿو' اميد آهي ته توهان پنهنجي زندگي جي مفيد تجربن سان اسان کي مستفيض ڪندا رهندئو۔ الله اوهان کي هميشه خوش رکي آمين۔
     
  15. muhammad

    muhammad
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مارچ 2011
    تحريرون:
    117
    ورتل پسنديدگيون:
    17
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    student
    ماڳ:
    ghotki
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

    ادا مبارڪ آڄڻ صاحب جن کي سنڌ سلامت فورم تي ڀليڪار ۔
     
  16. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: تعارف۔ مبارڪ اڄڻ

    سائين محترم جناب مبارڪ آڄڻ صاحب اوهان کي هن سهڻي اوطاق ۾ دل جي گهرائين سان ڀليڪار ، اوهان جي خيالات قابل ساراه آهن ، اميد آهي ته وقت سر پنهنجن ليکن ذريعي فورم کي مزين ڪندا رهندا ،
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو