• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪراچي ۾ٽريول ايجنٽس آفيس مان ساڍا 6 هزار پاسپورٽ چوري

  • موضوع موڪليندڙ موضوع موڪليندڙ TAHIR SINDHI
  • شروعاتي تاريخ شروعاتي تاريخ

TAHIR SINDHI

سينيئر رڪن
ڪراچي (بيورو رپورٽ) ٽريول ايجنٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان جي آفيس مان چاٻين سان تالا کولي 6 هزار 5 سئو پاسپورٽ چوري ڪري فرار ٿي ويا. دهشتگردن لاءِ استعمال ٿيڻ جو خدشو، ٽريول ايجنٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان (ٽيپ) پاران پاسپورٽ چوري جو ڪيس 2011/92 آرٽلري ميدان ٿاڻي تي داخل، ٽيپ جي هڪ ڪلارڪ سميت 3 ڄڻا پڇاڳاڇا لاءِ پوليس حراست ۾ وٺي ڇڏيا. تفصيل موجب آچر ۽ سومر جي وچ واري رات جو ميٽروپول ويجهو واقع ٽريول ايجنٽس ايسوسيئيشن جي آفيس مان ويزائن لاءِ جمع ڪرايل شهرين جا 6 هزار 5 سئو پاسپورٽ چوري ٿي ويا آهن. ٽيپ جي اڳواڻ حنيف رنچ رابطو ڪرڻ تي ”ڪاوش“ کي ٻڌايو ته آفيس جا تالا ٽوڙي پاسپورٽ چوري ناهن ڪيا ويا پر چاٻين سان تالا کولي 6 هزار 5 سئو پاسپورٽ چوري ڪيا ويا آهن جنهن مان شڪ پوي ٿو ته پاسپورٽن جي چوري ۾ آفيس جا ڪي ماڻهو ملوث آهن. هن ٻڌايو آهي ته اهي پاسپورٽ شهرين پاران ويزائون لڳرائڻ لاءِ مختلف ٽريول ايجنٽس وٽ جمع ڪرايا ويا هئا جن وري ويزائون لڳرائڻ لاءِ ٽريول ايجنٽس ايسوسيئيشن آف پاڪستان وٽ جمع ڪرايا هئا جيڪي چوري ٿي ويا آهن. هن چيو ته چوري بعد آفيس جي هڪ ڪلارڪ کي ٽيپ پاران پوليس جي حوالي ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪجهه ٻين ملازمن کان به پوليس پڇاڳاڇا ڪري رهي آهي. ٻئي طرف ايف آءِ اي جي ذريعن ٻڌايو آهي ته خاص طور تي سعودي عرب لاءِ عمري يا حج جي ويزائن لاءِ اهو طئي ٿيل آهي ته ٽريول ايجنٽ سڌي طرح سعودي ايمبيسي کي ويزائن لاءِ پاسپورٽ نه اماڻيندي بلڪ اهي ٽريول ايجنٽ پاسپورٽ ٽيپ وٽ جمع ڪرائيندي ۽ پوءِ ٽيپ اهي ويزائن لاءِ سعودي ايمبيسي کي اماڻيندي ان سلسلي ۾ ئي پاسپورٽ ٽيپ وٽ پيل هئا جيڪي اتان چوري ٿي ويا آهن. ايف آءِ اي جي ذريعن جو چوڻ آهي ته ٽيپ اهو ڪيس ايف آءِ اي جي پاسپورٽ سيل ۾ داخل نه ڪرايو آهي. ايف آءِ اي اهو به خدشو ظاهر ڪيو آهي ته اهي پاسپورٽ دهشتگردن جي استعمال ۾ به اچي سگهن ٿا ۽ انهن جي جلد ڳولا جي سخت ضرورت آهي.

http://www.thekawish.com/home_page/main_news2.html
 
جواب: ڪراچي ۾ٽريول ايجنٽس آفيس مان ساڍا 6 هزار پاسپورٽ چوري

طاهر يار اڄ ته اصل اخباري نمائندن کي به مات ڏئي ويو آهين، اهڙيون خبرون کڻي آيو آهين جو اصل ست خئير ۔۔۔ واه سائين واه ۔۔۔ خبرون بس خئير جو هجن باقي هت ته وٺ سٺ لڳي پئي آهي ۔۔۔

اهو ڪم به ڀلو ڪيو اٿوَ ۔۔۔
 
جواب: ڪراچي ۾ٽريول ايجنٽس آفيس مان ساڍا 6 هزار پاسپورٽ چوري

ها سائين ملڪ جي خبر به رکڻ گهرجي پر ادي طاهر ته اهڪ ئي ٿريڊ ۾ پنج خبرون شايع ڪري رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا ههههه خير انهن کي درست ڪيو ويو آهي باقي ادا پاسپورٽ اسان جي لاء تمام قيمتي شي آهي ان جي حفاظت فرض آهي ان چوري سان ٻي ڪنهن جو ڀلو ٿي نه ٿي بنگالين جو ڀلو ٿيندو مون جهڙا انهن کي ضرور پاسپورٽ کپائيندا ۽ ٻين ملڪن انهن کي پاڪستان پاسپورٽ تي وٺي ويندا هل بنگاليو اوهان جا ڀاڳ
 
Back
Top